Monday, March 27, 2017

سعيد حاوي جا سهڻا غزل

غزل
روح روان ٿو رهي ڪاروان ٿو رهي.
جستجو ٿي رهي، ڪونشان ٿو رهي.

حال مجذوب آ، خيال محبوب آ.
بيخود ي ٿي رهي، ڪوبيان ٿو رهي.

محڪمو ڪونه آ، جو ڪري فيصلو.
منهنجي دل ۾هي ڪهڙو جهان ٿو رهي.

هو قصو ڀي ڪراڙو ويو ٿي مگر.
درد تنهن جو اڃان ڀي جوان ٿو رهي.

درد آ درد جي دوا ڪانهي.
تو ڪئي دلربا وفا ڪانهي.

تو ڪئي بد دعا ڪڏهن اهڙي.
ٺيڪ مونکي ڪري دعا ڪانهي.

نيڻ هي ڌنڌ ۾ ويا رلجي.
مون اڳيان تو سوا ضيا ڪانهي.

ڀل اچي چير هي جيئڙو منهنجو.
پاڻ ۾ ڪا رکي دغا ڪانهي ،

غزل

مان رات جو توسا ن هيس.
هر رات کان بهتر هئي.

تنهنجي بنا سار ي حيات.
مونکي لڳي بدتر هئي.

هر مر ڪ ئي تنهنجي مٺي.
سڀ سونهن کان سندر هئي.

جا راه آ توکا ن جدا.
ها راه سا ڪمتر هئي.

غزل

ويه ويجھو اچي فاصلو ٿي پري،
دل منجھان درد جو قافلو ٿي پري.

ماٺ ۾ مون ڏٺو آشيانو سڄيو،؟
مل اچي ماٺ جو سلسلو ٿي پري.

دل بـ ڌرتيءَ جيان زور سان ٿي ڌڏي،
تون ڏئين قرب !هي زلزلو ٿي پري.

آرزو، دوريون!هر مهل جو گمان،
ها ذهن مان اهو!؟ ٿرٿلو ٿي پري.

غزل

نـه ڪنهن آس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري،
نـ وشواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سويرو سڄيو سوچيو ڌنڌ ۾،
نه احساس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

نه مندر،نه گرجا،نـه مسجد هتي،
نـه ڪنهن داس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سڄي رات جگنو اڏيو گل مٿان،
لڳو واس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

شهر هي سڄو ٻاٽ ۾ گم رهيو،
ڇو بنواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

غزل

هو نشو ايترو فضائن ۾ اڄ،
هوش غافل ٿيو گھٽائن ۾ اڄ.

مان بـ ڪسجان پيو تڏهن ئي سائين،
تنهنجي مقتل ڏٺو نگاهن ۾ اڄ.

مان بـ بت پوڄيو خدا سمجھي آ،
ڪنهن جبل جي وڃين غفائن ۾ اڄ.

سوچ ڪافر ٿئي! ڏسون توکي ٿا،
تنهنجي آهي نشو ادائن ۾ اڄ.

ساهه سولو کڻي سگھي ڪوئي نٿو،
آهي آ لودگي هوائن ۾ اڄ.

غزل

شهر اوها جي بهار هوندو،
اسانکي ليڪن خمار هوندو.

سکن ۾ سڀ ڪو ڏکن ۾ ڏسجو
ڪڏهن بـ ڪوئي نـ يار هوندو.

سڀئي اسانجا تـ خواب گروي،
رکيو ويو ڪو تـ بار هوندو.

اجائي ناهي اداس دل ٿي،
ڪوئي نـ ڪوئي غبار هوندو.

غزل

پيار جي هر گھڙي همسفر ٿي وئي،
زندگي هي تڏهن مختصر ٿي وئي.

ڇو نـ ڄاتو اسان هن نگاهن کي هو،
ها ! ڏسي عمر هي دربدر ٿي وئي.

اڳ نـ اهڙي ڪڏهن مون ڏٺي ڪا ادا،
هي حياتي سڄي! بي خبر ٿي وئي.

درد جي آ دوا مرڪ تنهنجي مٺي،
ٻي دوا ! آ سڄي بي اثر ٿي وئي.

تو وساري ڇڏي هڪڙي منهنجي خطا،
سا خطا ڀل منجھان ياد ڪر ٿي وئي.

غزل

لوڪ کي تڪليف آ!ناهي شفا هتڙي ملي،
درد آ پر درد جي ناهي دوا هتڙي ملي.

سور جي صورت انوکي آ ڏٺي من ۾ گھڻي،
درد ۾ آيو مزو جو ڪا جفا هتڙي ملي.

پيار جي تصوير ۾ مان رنگ فطرت جا ڀريا،
سونهن کي صورت اها ۽ ڪا بقا هتڙي ملي.

ڀاڳ آ اهڙو مليو جو ڀيد هي دل ۾ دفن،
ڪنهن لبن جي جا بجا ڪا دعا هتڙي ملي.

پيار کي پنهنجو ڪيون يا اڄ کڻي دل مان ڪڍون،
هي مزاجي شوق جي آهي صفا هتڙي ملي .

غزل

ڪنھن ڏنو گھاءُ! گَھِرو آ.وقت! پڇتاءُ گَھِرو آ.
مان ڀلائي اڃان ناھي،سا چمي ـ ساءُ گَھِرو آ.

ڪٿ پڳو يار آھيان مان،ھن ھنيو داءُ گَھِرو آ.
مان ٻڏي ڪونه نڪتس جو،عشق ُ! درياءُ گَھِرو آ.

تون ٿڌي برفَ جھڙي آن،مَنَّ! مون تاءُ گَھِرو آ.
چو طرف ڌنڌ ڪوھيڙو،ٿو لڳي واءُ! گَھِرو آ

غزل

ناڪام ڪوششن جا، احوال پڇ نه مونکان،
بدنام تھمتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھر حال مون نڀايو، پر ڪونه آ وفا ٿي،
الزام آفتن جا، احوال پڇ نه مونکان.

ڪو نانءُ ڪونه ملندو ھن پيار کي به ڪاٿي،
بي نام چاھتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ڪو ڏينھن ڪونه منھنجو، ڪا رات ٿي نه منھنجي،
ڪنهن شام راحتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھن راھ کان جدا آ، ھر راھ ڳوٺ تنهنجي،
ھر گام دشمنن جا احوال پڇ نه مونکان.

غزل

ھي دل لڳي ھي دلبري، منھنجي وفا چيڀاٽبي.
تو زور آ دل تي رکيو، دل جي صداچيڀاٽبي.

ڪومل بدن تنھنجو چري، ڪومائجي ويندو ڪڏھن.
ھر روز جو نخرو نئون، ڪافر ادا چيڀاٽبي.

تبديل ٿي ويندا سڀئي، ماڻهو جڏهن ھن دورجا،
جنهن وٽ بچي جيڪا سخا، سڀ جي سخا چيڀاٽبي.

ھن چپ چپن تي جو رکيا، ڄڻ ساھ ۾ ڪو ساھ ھو.
من ۾ لھي رڪجي وئي، اڄ سا ھوا چيڀاٽبي.

پنهنجي عمل جي ھر تقاضا لوڪ ھي ڏيندو ھلي،
ٿي ھي فنا دنيا جڏهن، منھنجا خدا چيڀاٽبي.

غزل

زندگي اڄ داوَ ھڪڙي واربي،
جي کٽي مون راند پو ڀي ھاربي.

ھو ويو موٽي نه سگھيو آ اڃان،
ڇا اڪيلي زندگي ھيءَ گھاربي.

سا نه موٽي ٿي سگھي گذري گھڙي،
جا وساري ڀي نه سگھبي ساربي.

دشمني مون پاڻ سان ڪئي آ وڏي،
اڄ وري سا باھ دلبر ٻاربي.

Sunday, March 26, 2017

موتن جي مالهائن جهڙو شاعر عجب شيخ

ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺷﻴﺦ ﻻڙڪﺎڻﻮ ۾ ﻣﻮﺗﻴﻦ
ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻦ ﺟﻬڙﻭ ﺷﺎﻋﺮ )ﻋﺠﺐ
)ﺷﻴﺦ
، ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺁﺑﻴﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ
۽ ﺷﺎﻋﺮ ﮐﻱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﻬڻﻲ
ﻣﺎﻟڪ ﺟﻲ ﺳﻬڻﻲ ﻋﻄﺎ ،ڏﺍﺕ
ﺟﻲ ﻧﺎﻥء ۾ ﻋﻈﻴﻢ ﺗﺤﻔﻮ ،ﺷﺎﻋﺮ
ﻣﺤﺒﺘﻦ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺮ ﻫﺠﻦ ٿﺎ ،۽
ﻧﻔﺮﺗﻦ ﮐﺍﻥ ﺑﺎﻏﻲ ،ﺕﭙﻧﺪڙ ﻭﺍﺭﻱ
ﺟﻲ ﺕﭙﺵ ! ﻣﺤﺒﺖ ﻳﺎ
ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ڀﻴٽ ۾
، ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ
ﺑﻐﺎﻭﺕ ﺩﻝ ۽ ﺭﻭﺡ ﺋﻲ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍ
ﺁﻫﻦ ،ﺫﻫﻦ ۽ ﺯﺑﺎﻥ ﺋﻲ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻱ
ﺁﻫﻲ ،ﭘﺭ ﻗﻠﻢ ﺑﻪ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻃﻮﺑﻦ ﮐﺍﻥ ،ﻣﻴﺰﺍﺋﻴﻠﻦ،
ﮐﺍﻥ ،ﻣﺎڻﻬﻮ ﻣﺎﺭ ﺑﻨﺪﻭﻗﻦ ﮐﺍﻥ
ﻗﻠﻢ ﺟﻮ ﻫٿﻴﺎﺭ ،ﺯﺑﺮﻭ ﻫﺠﻲ،
ٿﻮ ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺩﻧﻴﺎﻭﻱ ﺩﺭﺱ
ﺳﺒﻖ ﺁﻣﻴﺰ ﺟﻤﻼ ، ڏﺍﺕ ۽ ڏﺍﻥء،
ﺟﻲ ڏﺳﻴﻞ ﻭﺍٽﻦ ﺟﺎ ﻧﻮﺍﻥ ﻧﻮﺍﻥ
ﮔﺱ ۽ ﺭﻭﺷﻦ ﺭﻭﺷﻦ ﺭﺍﻫﻮﻥ
ﻣﻠﻦ ٿﻴﻮﻥ ،۽ ﺟﻨﺖ ﺟﻬڙﻱ
ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻮ ﻫڪ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ
ﺧﻮﺍﺏ ﺟڙﻱ ٿﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺍﻥ ﮐﻱ
ﻫڪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾
ڏﻱﮑﺍﺭﻥ ٿﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺣﻘﻴﻘﺖ
۾ ﺁڻڻ ﻻء ﺷﺎﻋﺮ ڪﻴﺘﺮﻱ ﻧﻪ
ﺭﺕ ﻭﻟﻮڙﻱ ٿﻮ ،ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ
ﻣﺎﻥ ﮔﺫﺭﻱ ٿﻮ ۽ ﺷﻌﺮﻥ ۾
، ﭘﻧﻬﻨﺠﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﻱ ٿﻮ
ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﻻء ﺧﺎﻧڻ ﭼﻧﺠڻﻲ
ﭼﻳﻮ ﻫﻮ ﻫﺠﺌﻲ ﻧﺎڻﻮ ﺗﻪ ﮔﻫﻢ
ﻻڙڪﺎڻﻮ ،ﺍﻥ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ڀﺮ ۾
ﺧﺎﻣﻮﺵ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺷﻴﺦ ﭘﺍڙﻱ ۾
ڪﻮ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﺎ ﭘڙﺍڏﺍ ﻫﻮﺍ ۾ ﺍڏﺍﺭﻱ
ٿﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ڳﻮٺ ﻭﺍﺭﺍ ﺗﻪ
ﻋﻠﻲ ڏﻧﻮ ﭘٽ ﻣﻮﻻ ﺑﺨﺶ ﺳﺎﻥ
ﺳڃﺎڻﻦ ٿﺎ ﭘﺭ ﺍﻫﻮ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﻻء
ﻋﺠﺐ ﺷﻴﺦ ﺁﻫﻲ ،۽ ﺍﻥ ﻧﺎﻥء
ﺳﺎﻥ ﺋﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺳڃﺎﺗﻮ
ﻭڃﻲ ٿﻮ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺗﻪ
ﻏﺮﺑﺖ ﺟﻲ ۽ ﻣﺠﺒﻮﺭﻳﻦ ﺟﻲ
، ﺳﺒﺐ ڪﺮﻱ ﻣﻴٽﺮڪ ﺁﻫﻲ
ﭘﺭ ﻫﻮ ﺧﺪﺍﺩﺍﺩ ﺻﻼﺣﻴﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﭘڻ
ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ ، ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ۽
ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻡ ﺍڄ ﺟﻲ ڊﮔﺭﻳﻦ
، ﻣﺎڻڻ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﻱ ﺑﻪ ﻧٿﻲ ﻣﻠﻲ
ﻋﺎﻗﻞ ﺁﮔﺍڻﻲ ﺟﻲ ﺷﻬڪﺎﺭ
ﻫﺴﺘﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻴﻤڻ ۽ ﻧﺜﺎﺭ
ﺑﺰﻣﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺭﺩﻱ ۾ ﭘﭽﻱ
ﻧڪﺘﻞ ﻫﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺍﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﺍﺭﺱ
ﺁﻫﻲ ،ﺟﻴڪﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ
ﺷﺎﻋﺮ ﮐﻱ ﻣﻠﻲ ﻭڃﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻱ
ﺳﻮﻥ ڪﺮﻱ ڇڏﻱ ،ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ
ﺟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﻋﺠﺐ ﻧﺎﻟﻮ ﺍﻳﺌﻦ ﺋﻲ
ڪﻮﻥ ﺭﮐﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪﻭ ،ﻫﻦ ۾ ڪﻮ
ﺗﻪ ﻋﺠﺐ ﺍﺳﺮﺍﺭ ڏ ٺﻮ
ﻫﻮﻧﺪﺍﺋﻮﻥ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺍﻓﻖ
ﮐﻱ ڇﻬڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ۾
ﺍڀﺮﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ،ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ
ﺳڄﻲ ﻭﺍﻳﻮ ﻣﻨڊﻝ ۾ ﻫڪ ﭘﺧﺘﻲ ۽
ﭘﺭ ﺍﺳﺮﺍﺭ ﭘڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﭼﻳﺦ ﺁﻫﻲ
ﺻﺪﺍ ﺁﻫﻲ ،ﺣﺴﺮﺗﻦ ﺟﻲ ﺍﭘٽﺎﺭ،
ﺁﻫﻲ ،ﻫﻮ ڇﺎﻫﻲ ،ڇﺎﻝﮑﻱ ٿﻮ
ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻧٿﻮ ڄﺎڻﻲ ،ﺍﻫﺎ،
ﻫﻦ ﮐﻱ ﺑﻪ ﺳڌ ﻧﺎﻫﻲ ،ﻫﻮ ﺗﻪ
ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﻋﺸﻖ ۾ﻡﮕﻥ ﺁﻫﻲ ۽
ﺑﺲ ڏﺍﺕ ﺟﻲ ﺁڇﻴﺮﻭﺍﺩ ﺳﺎﻥ ﻗﻠﻢ
ﮐﻱ ﭼﻭﺭﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ ٿﻮ ،۽
ﻣﻮﺗﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻮﻥ ﻧﻪ ڄﺎڻ
ڪﻴﺌﻦ ﻧﻪ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺗﻲ ﺳﺎﻥ
، ﺟڙﻧﺪﻳﻮﻥ ﺭﻫﻦ ٿﻴﻮﻥ
ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺍﻟﺤﻴﺪﺭﻱ ﺟﻲ ﺳٽﻦ
ﺟﻬڙﻳﻮﻥ ﺳٽﻮﻥ ﻫﻦ ﻝﮑﻳﻮﻥ
ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﮐﻱ ﺧﺒﺮ ﺑﻪ ﻧﻪ
، ﭘﺋﻲ
ڪﻨﻬﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺣڪﻢ ﻧﻪ
، ﻫﻠﻴﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺗﻲ
ﻧﻴﻨﻬﻦ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﻧﻴﺎﭘﻥ ﺗﻲ
، ﻫﻠﻴﺎ ﺁﻳﺎﺳﻴﻦ
ﻭﺍﻥﮕﺭ ۔۔۔۔۔ﭼﺋﻲ ٿﻮ ﺗﻪ ۔۔۔
ڪﻨﻬﻦ ﺗﻮﻥﮕﺭ ﺟﻲ ﺍڳﻴﺎﻥ
، ﻧﺎﻫﻴﺎﻥ ﺟﻬڪﻴﻮ
، ﭘﺍڻ ۾ ﺍﻫڙﻱ ﺍﻧﺎ ﺳﺎﻧڍﻱ ﺍٿﻢ
ﺩﻝ ﺁ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻫﺮ ﻡﮕﺭ ﻣﺤﺒﻮﺏ
، ﺟﻲ
، ﻳﺎﺩ ﺍﻥ ۾ ﺍﻱ ﺧﺪﺍ ﺳﺎﻧڍﻱ ﺍٿﻢ
ڳﺎﻟﻬﻪ ﻣﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﻲ ﮔﻫﺮ ﺟﻲ
ﭘﺍڙﻱ ﺟﻲ ﭘﺭ ﺟﺘﻲ ﻧﻔﺮﺕ ﺟﻮ
ﻧﺎﺳﻮﺭ ﻭڌﻳﻞ ﻫﺠﻲ ،ﺍﺗﻲ ﺣﻮﺻﻼ
ﺿﺮﻭﺭ ٽٽﻨﺪﺍ ۽ ڀﺮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ
ﻣﻦ ﺿﺮﻭﺭ ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ،
۽ ﺍﺩﺍﺳﺎﺋﻲ ﺳڄﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﮐﻱ
ﺳﻮڳﻮﺍﺭ ڪﺮﻱ ڇڏﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ
ﺍﺗﻲ ﻫڪ ﺯﻧﺪﻫﻪ ﺩﻝ ﺷﺎﻋﺮ،
، ﻫﻴﺌﻦ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
، ﭘﻳﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ﺭﻱء ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ
ﻣﻮﻫﻦ ﺟﺎ ﺁﺛﺎﺭ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﻭﻳڙﻫﻲ
، ۾
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڪﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ٿﻮ ﺗﻪ
ﺱﭽﻭ ﻋﺸﻖ ﻓﻨﺎ ٿﻲ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ
ﺱﭽﺍ ﭘﺭﻳﻤﻲ ﻫﻦ ﺟڳ ﻣﺎﻥ
ﻭﺻﺎﻝ ڪﺮﻱ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﻏﻠﻂ
ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﮐﻱ ﻏﻠﻂ ڪﺮڻ ﺟﻮ
ﺛﺒﻮﺕ ﻫﻴﺌﻦ ﭘﻳﺶ ڪﺮﻱ ٿﻮ ﺗﻪ
۔۔۔۔
ﻟﻴﻠﻰ ﻣﺠﻨﻮﻥ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻧﻬﻮ ﺟﻬڙﺍ
، ﻫﻦ
ﺯﻧﺪﻫﻪ ڪﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ
، ﻭﻳڙﻫﻲ ۾
ﻫڪ ﻏﺰﻝ ۾ ﺗﻪ ﻫﻴﺌﻦ ﺑﻪ ﻝﮑﻱ
ٿﻮ ﺗﻪ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﻝﮑﻧﺪڙ ڪﺎﺗﺐ
ﮐﻱ ﻓﺨﺮ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﭼﺋﻲ ٿﻮ ﺗﻪ
ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻮﻥ ڪﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻘﺪﻳﺮ
ﻝﮑﻳﻦ ٿﻮ ﺍﻳﺌﻦ ﻣﺎﻥ ﺑﻪ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ
، ﺗﻘﺪﻳﺮ ﻝﮑﻱ ﺍٿﻢ
ﺭﺍﺕ ﺍﻧڌﻳﺮﻱء ۾ ﺗﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ
، ﮔﻫﺮ ﺁﻥ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺟﺎﻧﺎﻥ
ﺗﻮﮐﻱ ڀﺎڪﺮ ﭘﺍﺋڻ ﻣﻮﻧﺘﻲ
، ﻭﺍﺟﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻥ ﭘﻧﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﺭﻭ ﺟﻴﻮﻥ
، ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻥء ﻝﮑﻳﻮ
ڇﺎ ﺍﺋﻴﻦ ڪﻮ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﺳﻨﺪﻱء ﺟﻮ
، ڪﺎﺗﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺩﻧﻴﺎ ﺩﻭﺯﺥ ﻟڳﻨﺪﻱ ﺁ ۽ ﺭﻭﺡ
، ڪﻨﺪﻭ ﺁ ﺭﻳﻬﻮﻥ
ﺩﻭﺭ ﺟڏﻫﻦ ﺩﻝ ﻭﺍﺭﻭ ڪﻮﺋﻲ
، ﺟﺎﻧﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺧﻮﺍﺑﻦ ﺟﻲ ﺗڪﻤﻴﻞ ۽ ﺳﺎڀﻴﺎﺋﻦ
ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ ﺑﻪ ڏﺳﻲ ٿﻮ ۽ ﺍﻥ
ﺟﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺧﺘﻢ
ٿﻴڻ ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ ﭘڻ ڏﺳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ
، ٿﻮ
، ﺣﺴﺮﺗﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﺎﻥ ۾ ﻣﻮﻻ
، ﺭﻭﺯ ﺟﻴﺌﺎﻥ ﻣﺮﺍﻥ ڀﻼ ڪﻴﺴﻴﻦ
، ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ ﺩﻭﺭ ﺁﻣﻮﻥ ﮐﺍﻥ
ﺧﻮﺍﺏ ﺍﻥ ﺟﺎ ڏﺳﺎﻥ
، ڀﻼڪﻴﺴﻴﻦ
، ﺩﺭﺩ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺎﺕ ﺟﺎ ﺳﺎﺭﺍ
ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﺎﻥ ﺳﻠﻴﺎﻥ ڀﻼ
، ڪﻴﺴﻴﻦ
ڪٿﻲ ڪٿﻲ ﺟﺎﻧﺪﺍﺭ ﺷﻴﻦ
ﺟﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ۽ ﺣﺮڪﺖ ﺗﻲ
ﻝﮑﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺭ ﻫڪ ﻧﺌﻴﻦ
ﺗﺸﺒﻴﻬﻪ ﻧﺌﻴﻦ ڳﺎﻟﻬﻪ ﭘﺧﺘﻮ ﺧﻴﺎﻝ
ﺩﻝ ﮐﻱ ڌڏﻳﻨﺪڙ ﺧﻴﺎﻝ ﺗﻪ ٽﺸﻮ
۾ ٿﺎڪ ﻭﺍﺭﻭ ڳﻮڙﻫﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻠﻮ
ﺗﻪ ﺍﺻﻞ ۾ ﺭﻭﺡ ۽ ﺟﺴﻢ ۾ ﻟﻬﻲ
ﻭﻳﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﻏﺰﻝ ﺟﻮﻥ ﭼﻭﻧڊ
ﺳٽﻮﻥ ﻫﻲ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ۔۔۔۔۔
ﺭﻭﺯ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺳﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﺭﻭﺯ
، ﭼڪﻨﺪﺍ ﭼﺍڪ ﻫﻦ
ﺭﻭﺯ ﻣﻠﻨﺪﺍ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟڙڪﻦ ﮐﻱ
، ٽﺸﻮ ۾ ٿﺎڪ ﻫﻦ
ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﻪ
، ﭘڇ ﺗﻮﻥ ﺣﺎﻝ ﺩﻝ
ﺍﺫﻳﺘﻦ ﺟﻲ ﺭﻭﺯ ﭘﻫﺮﻳﻨﺪﺍ ﻧﺌﻴﻦ
، ﭘﻭﺷﺎڪ ﻫﻦ
ڇڏ ﭘﭽﺭ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻭڃ
، ڳﻮٺ ڏﻱ ﻣﻮٽﻲ ﻋﺠﺐ
ڇﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ ﺍﻳﺎڻﻮ ٻﻴﺎ
، ﺳڀﺌﻲ ﭼﺍﻻڪ ﻫﻦ
ﺳﻨﺴﺎﺭ ﮐﺍﻥ ﻣﺎﻳﻮﺳﻲ ۽ ﺣﻴﺎﺗﻲ
ﮐﻱ ڏﮐﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ ﺑﻪ ڪﻴڏﻱ
، ﻧﻪ ﺳﻨﺪﺭ ﺳٽﻦ ۾ ڏﺋﻲ ٿﻮ
، ﮔﻫﺮﻳﻮﺳﻴﻦ ﺭﻭﻧﻘﻮﻥ ﻟﻴڪﻦ
، ڏﻧﻴﻮﻥ ﺳﻨﺴﺎﺭ ﻭﻳﺮﺍﻧﻴﻮﻥ
، ﮐﻟﻴﺎ ﻫﻲ ﻧﻴڻ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺍڳﻞ
، ڏ ٺﻴﻮﻥ ﭼﻭڌﺍﺭ ﻭﻳﺮﺍﻧﻴﻮﻥ
ﺍﻫڙﻭ ﻫڪڙﻭ ﺧﻴﺎﻝ ﻗﻠﻢ ﺑﻨﺪ
ڪﺮﻱ ٿﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ
، ﺭﻱﮕﺳﺘﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﻃﻮﻳﻞ ﺗﺮ ﺁﻫﻲ
۽ ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻱ
ﺱﮕﻫﻲ ٿﻮ ﺟﻮ ﺍﻥ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ
ﺑﺎﻫﻪ ﺗﻨﻮﺭ ﺟﻲ ﺑٺﻲ ﮐﺍﻥ ﺑﻪ
ﻭڌﻳڪ ﮔﺭﻡ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻴﺌﻦ
۔۔۔۔۔۔ﺗﻪ ۔۔۔۔
ﻳﺎﺩﮔﻳﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻪ ڀڙڪﻲ
، ٿﻲ
، ﺭﻭﺯ ﭘﭽﻧﺪﻭ ﺗﻨﻮﺭ ۾ ﺁﻫﻴﺎﻥ
، ﻳﺎ ﺧﺪﺍ ڏﻱ ﺍﻫﺎ ﻋﺠﺐ ﮐﻱ ﺟﺎ
، ﺳﻪﭗ ڏﺳﻨﺪﻭ ﻣﺰﻭﺭ ۾ ﺁﻫﻴﺎﻥ
ڪﻨﻬﻦ ﺍﺟﻨﺒﻲ ﻧﻬﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﻣﻮﻫﺠﻲ
ﻫﻲ ﺑﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ڳﻮﻻ ۾ ﮐﻭڙ
ﺧﺎﻧﻪ ﺑﺪﻭﺷﻴﻮﻥ ﺟﻬﺎڳﻲ ﭼڪﻮ
ﺁﻫﻲ ، ﺍﻻﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺘﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ
ﺍﻭﺭﺍﻥﮕﻫﻴﻮ ﺍٿﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﮑﻳﻦ
ﺟﺎ ﻭﻟﺮ ﺳﺮﺣﺪﻭﻥ ﭘﺍﺭ ڪﺮﻱ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺁﻭﺍﺭﺍ ﮔﻫﻤﻲ ﻓﺮﻱ ﻭﺍﭘﺱ ﻭﺭﻧﺪﺍ
ﺁﻫﻦ ،۔۔۔
، ﮐﻭڙ ﺧﺎﻧﺎ ﺑﻨﺪﻭﺷﻴﻮﻥ ﺍﺭﭘﻱ
، ﻭﺋﻲ ﺁ ﻫڪڙﻱ ﻧﻬﺎﺭ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺍڄ ﺑﻪ ﺟﻬﺎڳﻲ ﻣﺴﺎﻓﺘﻮﻥ ﻣﻮٽﻲ
،
، ﮔﻫﺮ ڪﺎ ﭘﮑڙﻳﻦ ﻗﻄﺎﺭ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺟڏﻫﻦ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺟﻮ ﺧﻮﺍﺏ ﺭﻭﺑﺮﻭ
۽ ﺳﺎﺭ ۾ ﺑﻪ ﻣﻠڻ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ
ٺﻬﻨﺪﻭ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺩﻝ ڪﻴﺘﺮﻭ
ﺗڙﭘﻱ ﺍٿﻲ ٿﻲ ﺧﺪﺍ ﮐﺍﻥ ﺍﻥ
ﮔﻫڙﻱ ﺍﻫﺎ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﺷڪﺎﻳﺖ
ﻧڪﺮﻱ ﻭڃﻲ ٿﻲ ﺗﻪ ﻫﺎڻﻲ
ﺗڪﻠﻴﻔﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﺭ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻪﭗ
ﮐﺍﻥ ڳﺮﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﻫٽﺎء ﺗﻪ
ڪﻮ ﺱﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐڻﺎﻥ
۔۔۔۔۔
ﻧﻪ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﻣﻠﻮ ﭘﻳﺎ ﻧﻪ ﺭﻭﺑﺮﻭ ﻧﻪ
، ﺳﺎﺭ ۾
ﺣﺴﺎﺱ ﺩﻝ ﺁ ڀﻮڳﻴﻮ ،ﻃﻮﻳﻞ
,ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ۾
ﻫﻲ ڪﻬڙﻱ ڏﺋﻲ ﺣﻴﺎﺕ ﺗﻮ
، ﻣڪﻮ ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﺧﺪﺍ
ٿﻮ ﻭﻳڙﻫﺒﻮ ﻭڃﺎﻥ ﺭڳﻮ ﺋﻲ
، ﺫﻟﺘﻦ ﺟﻲ ڄﺎﺭ ۾
ﻭڻﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ،ﭘﻧﻦ ﺟﻲ
ﺟﻬڳٽﻦ ﺟﻮ ﻫﻮﺍ ۾ ڇﻴﺮﻥ ﺟﻴﺎﻥ
ڇﻤڪڻ ﺟﻲ ﺗﺸﺒﻴﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ
ڪﻴڏﻭ ﻧﻪ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺁﻫﻲ ،ﻫﻴﺎﻥء
ڏﺍﺭﻳﻨﺪڙ ﺳﺮ ۽ ﺳﺎﺯ ﻭﮐﻳﺮﻳﻨﺪڙ
ﺁﻫﻲ ﻫﻮﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﮐﻱﭽﻟﻦ ﺟﻮ
ﺗﺼﻮﺭ ،ڪﻴڏﻭ ﻧﻪ ﺳﻬڻﻮ ﺁﺭٽ
ﭼٽﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﺲ ڏﻳڻ ﮐﺍﻥ ﺑﻨﺎ
ﻧٿﻮ ﺭﻫﻲ ﺱﮕﻫﺠﻲ ،۔۔۔۔۔۔۔۔
ﻝﮑﻳﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺣﺴﻴﻨﺎ ٻﻪ ﻧﺎﻻ
، ﻭڻﻦ ﺗﻲ
ٿﻴﺎ ﺳﺎﻧﺠﻬﻪ ﻭﻳﻠﻲ

سعيد حاوي جا غزل ۽ گيت

سعيد حاوي نڪور گيت

نيڻ ملائي کلندي آھي،!.
گھگھري پائي گھمندي آھي،!.
من سان ميت ملائيندي آ!
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو!

موجِِي من ۾ ڪان لٿوڄڻ،
تڙ تي آ طوفان لٿو ڄڻ،
مانجھيءَ تي نقصان لٿو ڄڻ،
گھاگھر گيت ٻڌائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

پويان لوڪ سڄو لائي ٿي،
ڇا ديواني ھي چاھي ٿي،
ڌڻ ماڻهن جو ھي ڪاھي ڄڻ،
جانجھر جو ڇمڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

ھن جي اھڙي ريت الاھو ،
ھوءَ ٿي ڇيڙي گيت الاھو،
ھن ۾ سب جا ميت الاھو،
مند سڄي مھڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الاھو !

غزل

ڪو ڏسي ٿو جڏهن، خواب چارن مٿان.
پير رکيا اچي راھه وارن مٿان.

ذلف تنهنجا کلي سا جا جڏهن واءُ ۾،
سونهن وڌنڌي وئي اڄ نظارن مٿان.

ھيءَ دنيا رھڻ جهڙي ناھي رهي،
ھلي ھلي گھر اڏيون اڄ ستارن مٿان.

ساھ سولو کڻي ئي نٿو مان سگھان،
ڌوڙ ڄميل رھي گھر جي جارن مٿان.

سنڌ جيجل جي جهوليءَ جياريو پئي،
جان صدقو. ڪيان پنھنجي پيارن مٿان.

غزل

ٿي پتڻ تي وار کولي، جلپري مھراڻ جي.
پئي! مھاڻا روز رولي، جلپري مھراڻ جي.

ناکئا ھر نانوَ تي گيت ٿا ھن جا ٻڌن،
ڄڻ دراوڙ ٻول ٻولي، جلپري مھراڻ جي.

عڪس موهن جا اٿس ۽آرياڻي ٿي لڳي،
ٿي رقاصا يار ڍولي، جلپري مھراڻ جي.

اڄ اداسيءَ. ۾ اچي ڪنھن ڪنڌيءَ جي پار کان،
روزٿي ڪجھ يار ڳولي، جلپري مھراڻجي.

سڀ سڀيتائون لکيون ھون ھن مٿان اڄ ٿو ڏسان،
ٿي نچي ڌرتيءَ جي گولي، جلپري مھراڻ جي.

ڪنھن ٿڌي اڄ پار ڏي آ وئي ھلي مونکي ڇڏي،
آ وڃائي گرم جهولي، جلپري مھراڻ جي ،

غزل

ھن کي منھنجو وڃين ڇو ٻڌايو نه ڪنهن،
ھو به رستي ۾ ھو پر ملايو نه ڪنھن.

پيار ۾ ٿا ٿڙي ٿاٻڙي جو ڪرون،
حوصلو دل چريءَ جو وڌايو نه ڪنھن.

ڪير آٿت ڏئي ھا ھيڏي ميڙ ۾،
درد دل جو اچي پر گھٽايو نه ڪنھن.

ٽھڪڙا ھا گھڻا دوستن سان اڳي،
وقت گذري ويو آ کلايو نه ڪنھن.

دوستن دشمنن جي ھيس درميان،''
يار افسوس جو آزمايو نه ڪنھن.

غزل

ٿيو ڪوئي جنم ناهي ،اڃان جيون اهو ئي آ.
اکين ۾ عاشقي آهي،لڳو جوڀن اهو ئي آ.

اچي ٿي روز تبديلي،هتان جي لوڪ ساري ۾،
گھڻي ڪوشش ڪئي ليڪن،اسانجو من اهو ئي آ.

رهي صديون روا آهي،ڇڻن جھڳٽا گلابن جا،
ڏسان ٿو مان هوائن ۾،اڏيو پن پن اهوئي آ.

اڃايل روح سيلاني ،پيو ڀٽڪي هتي هتڙي،
اڃيو سارو ڏسان ٿو هي،اندر ۾ بن اهو ئي آ.

ڪڏهن لفظن جا ڀالا هن،ڪڏهن تلوار نيڻن جي،
اسان هي روز سهندا هون،اسانجو تن اهو ئي آ.

Saturday, March 25, 2017

سعيد حاوي جا نڪور دوها

سعيد حاوي جا نڪور دوها

وڪڻا ويٺو بازارن ۾ ، سپنو ھي انمول.
ڪير نه ڄاڻي منھنجي من جو، ڪهڙو آھي مول.

روز اُکيلي دل جا ٽاڪا ، ڪري ويو ڪو ڇيد.
لڪي نه سگھندو ھاڻي من جو، ڪيئن نمايان ڀيد.

خوشيون وڪڻي درد ڪمايا ڪيڏا آھن يار.
درد ڪمايل مونسان کائن ، منھنجا مٺڙا ٻار.

روز وٺي ٿو واٽ اچان جا، کوٽڻ ويٺا کوهه.
ظاهر جا ھي مٺڙا ماڻھو، اندر جا ھي ٽوھہ.

سارو جڳ ھي ڪھڙو ڏيندو ، دلڙي دل کي دان.
سڀ جو سڀ ڪو انتريامي، ھر ڪو ھتڙي خان.

سانول تنهنجي ڀڳتيءَ ۾ ھي ، ڀڳت ٿيو بيمار.
من جو من سان پيچ وجھي ھي، ڀٽڪي ٿو لاچار.

جڳ ۾ آخر ڪيسيتائين، رھندو ھي انسان.
روز لٽي ٿو مال ٻين جو، ھينئڙو آ حيران.
ڀومي ڀاشا سڀ ڪجھ تنهنجو ، منھنجي من جا ميت.
مون ۾ منھنجو سڀ ڪجھ تون آن، ھار ھجي يا جيت.

ھرڪو ھتڙي خدا سڏائي، ٻانھو باقي ڪير،
خدا خدا ڪري نه ڪوئي ، ھر دل ۾ آ مير.

خالي خالي گھر اڱڻ ، مان ، جھرڪي ديوار.
يادون تنهنجون ٿيون ڏين، مٺڙِي ڪا ته ميار.

چاهت جون ڳالھيون چري، مونسان وِھي کول.
پاڻ ڏسي وٺ پاڻ ۾ ، روح مٺي نه رول.

چنتا مونکي چاهه جي، روز رھي ٿي يار.
پاڳل منهنجو من رنو ، سورن جا انبار.

سپنن جي ھن ديس ۾ ، ڪوڙو ھر انسان.
ھر ڪو پنھنجي پيار جو، ڪري پيو نقصان.

ٽاڻا ماڻا روز جا ! گوري گاءُ گئاٿُ.
مونسان روزانو رسين,ڪهڙو تنهنجوساٿُُ.

روزجهڪائي ٿو مٿو ,داتا هي دربانُ.
دنيا ۾ ڪهڙو ڀلا , توبن منهنجو شان.




سعيد حاوي جي شاعري

عيد حاوي جا نڪور دوها

وڪڻا ويٺو بازارن ۾ ، سپنو ھي انمول.
ڪير نه ڄاڻي منھنجي من جو، ڪهڙو آھي مول.

روز اُکيلي دل جا ٽاڪا ، ڪري ويو ڪو ڇيد.
لڪي نه سگھندو ھاڻي من جو، ڪيئن نمايان ڀيد.

خوشيون وڪڻي درد ڪمايا ڪيڏا آھن يار.
درد ڪمايل مونسان کائن ، منھنجا مٺڙا ٻار.

روز وٺي ٿو واٽ اچان جا، کوٽڻ ويٺا کوهه.
ظاهر جا ھي مٺڙا ماڻھو، اندر جا ھي ٽوھہ.

Friday, March 24, 2017

اياز گل جو انٽرويو وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان

اياز گل جو انٽرويووائيس آف سنڌ: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ ادب طرف ڪيئن آيا؟اياز گل: هاءِ اسڪول جي زماني کان وٺِي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ستين درجي کان مون شاعري شروع ڪئي جيڪا نائين درجي ۾ آيس ته وقت جيسڀني رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ اهو زمانو 1973 جو آهي ۽ ائين آهستي آهستي اهو سلسلو اوهان اڳيان آهي.وائيس آف سنڌ: اسان جن ڀي عظيم اديبن جا انٽرويوز پڙهيا آهن اهي اڪثر چوندا آهن ته انهن ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو.. ڇا اهو علم جبلت آ يا شعور جي چهنڊي آ؟اياز گل: اهي بلڪل صحيح چون ٿا، مان ان جو ثبوت آهيان، بهرحال ڪجهه نه ڪجهه آهي جيڪو ائين ڪجههڪرائي وٺي ٿو. يقينن ڪا شيءِ آهي جيڪا آرٽسٽن ۾ موجود رهي ٿي.وائيس آف سنڌ: شروع ۾ هر ليکڪ پنهنجي لکڻن تي ڪنهن نه ڪنهن کان راءِ وٺي ٿو، ڇا اوهان اڄ ڀي پنهنجي شاعري تي ڪنهن کان راءِ وٺندا آهيو؟اياز گل: جيئن جيئن ماڻهو وڌيڪ نمايان ٿيندو وڃي ٿو، ان تي ذميواريون اڃا ڀي وڌي وڃن ٿيون، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو، ڇا اهو سڀني ماڻهن کي مطمئن ڪري ٿو؟ اهو سوال ان جي دل ۾ ڀي اڀري ٿو، مان ته ائين چوندس ته مڪملتا آهي ئي ڪونه، اگر ڪو سمجهي ته هو مڪمل ٿي ويو آهي ته اهو زوال آهي.اگر اوهان چاهيو ٿا ته وڌيڪ وقت ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهو ته انهن کان راءِ وٺو.وائيس آف سنڌ: اظهار جي آزادي جي حوالي سان اوهان جيڪو، جيئن ۽ جهڙو لکڻ چاهيو اهو لکيو يا ڪا رڪاوٽ رهي؟اياز گل: ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن جو اظهار سوءُ سيڪڙو جيئن جو تيئن نٿو ڪري سگهجي، پر هڪ سٺو شاعر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اها ڳالهه ڪري ويندو آهي. مثال طور منهنجو هڪ شعر آهي ته:ڪهڙو سچ چئي سگهنداسينپاڻ ته هون سرڪاري ماڻهو.اوهان ان کي ٻنهي معنائن ۾ وٺي سگهو ٿا. فن اهو آهي ته اوهان کي جيڪو چوڻو هجياهو چئي به وڃو پر ائين ڄڻ اوهان ڪجهه چيو ئي نه! اگر ڪا ڳالهه اوهان سڌي طرح اظهاري نه سگهو ته آرٽ جيسهاري علامتي انداز ۾ چئو.وائيس آف سنڌ: اسان جا وڏا ليکڪ نوجوانن کي پڙهن ئيڪون ٿا وري ائين ڀي چون ٿاته نوجوان لکن ئي ڪونه ٿا؟ ائين ڇو آهي؟اياز گل: اسان جي بزرگ ليکڪ آهن اسان وٽ انهن جو احترام آهي، اهي ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ نٿا ٿين ته انهن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪير ڪيترو لکي ٿو، وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب گهر ويٺي ملي ويندو اٿن ته ان کي نظر مان ڪڍندا آهن. پاڻ بڪ اسٽال تان خريدنٿا ڪن. مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته هر ايندڙ ٽهي گذريل ٽهي کان وڌيڪ هجي ٿي، اگر اها وڌيڪ نه هوندي ته اسان جو ڪم ڀي ضايع ٿي ويندو.منهنجو ايمان آهي تهاسان جي نئين ٽهي اسان کانوڌيڪ پاورفل لکي ٿي فقط انهن جي رهنمائي جي ضرورتآهي.وائيس آف سنڌ: بنيادي طور تي اوهان ڪهڙي نظريي جا قائل آهيو، ڇا ليکڪ جو ڪنهن مخصوص نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي؟اياز گل: نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي پر سياسي نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري ناهي. انساسيت، محبت۽ ڌرتي وڏا نظريا آهن پر ان جي مراد اها ناهي ته ڪنهن سياسي نظريي سان لاڳاپو هجي.وائيس آف سنڌ: هر ماڻهو خوابڏسي ٿو ۽ تعبيرون تلاشي ٿو اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان خوابن سان ۽ خوابن اوهان سان ڪيترو نڀايو؟اياز گل: خواب ڏسڻ سٺي ڳالههآهي اگر اوهان خواب نه ڏسندو ته اڳتي ڪيئن وڌندئو؟ انسان اگر خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي ته ان وٽ ڪجهه به نٿو بچي.باقي خوابن اسان کي ڏاڍو لوڙايو آهي! شعر عرض آهي:سوچون ساريون هارايل سردارنجيانخواب پيا ها پيرن ۾ تلوارن جيان .وائيس آف سنڌ: ڇا زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي اهڙو لمحو به آيو جو اوهان سوچيو هجي ته هاڻي نه لکڻ گهرجي.؟اياز گل: نه، باقي اهڙا لمحا آيا جو محسوس ٿيو ته هاڻي نه لکي سگهبو. نه لکڻ کپي ٻن مرحلن بعد ايندو آهي هڪ ته اوهان مايوس ٿي وڃو ۽ ٻيو ته اوهان مڪمل ٿي وڃو۽ منهجي زندگي ۾ اهي ٻئي لمحا ناهن آيا.وائيس آف سنڌ: اوهان محبت جي وضاحت ڪيئن ڪندا؟اياز گل: ڪائنات محبت سان هلندي آهي. ڪائنات جو وجود محبت جي ڪري پيو آهي، اسين ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان محبت ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته اتي امن ۽ آشتي هجي.اها محبت ئي آهي.وائيس آف سنڌ: اسان جي سنڌ قبائلي جهيڙن ۾ وڪوڙجي وئيآهي، اوهان ان بابت ڇا چوندا؟اياز گل: سموري سنڌ ٻري رهي آهي، سنڌ ڏکي منظر مان گذري رهي آهي، اسان سڀني کي اٿڻ گهرجي، اسان انفرادي طور سوچيندا آهيون ته اهو اسان جو نقصان ناهي، ٻين جوآهي پر ان جو اثر اسان جي زندگيءَ تي به پوي ٿو.وائيس آف سنڌ: ليکڪ ڪهڙيڳالهه کان پاسو ڪري جو ان جو تخليقي عمل ڌڪ نه کائي؟اياز گل: ڪوڙ کان پاسو ڪري، ڪوڙي ڏيک کان پاسو ڪري.وائيس آف سنڌ: اوهان نظم کان علاوهه نثر تي ڀي ڪم ڪيو آهي؟اياز گل: ڪجهه ڪهاڻيون، خاڪا، مقالا ۽ مهاڳ لکيا آهن.وائيس آف سنڌ: سنڌي ڊرامي ۾ ڏاڙيل کي هيرو پيش ڪيو پيو وڃي ڇا اهو اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي غلط رنگ نه پيو ڏنو وڃي؟اياز گل: مان ڀي ان شيءِ جي خلاف آهيان ته ذاتي مفادن جي ڪري قومي نقصان ڪجي، اسان جي ٻولي بگڙجي ٿي، اسان جا ٻار اها ٻولي ڳالهائيندا جيڪا ميڊيا تي هوندي، اسان جو ڪردار سڄي دنيا ۾ نيگيٽوِ هجي ته ڇا اهو اسان لاءِ بهتر عمل آهي؟ ڪڏهن ڀي نه. جيڪو ڏيکاريو پيو وڃي اهو زندگي جو هڪ پهلو آهي سڄي زندگي ناهي. سوُ سيڪڙو اسان چور ڌاڙيل ناهيون، اسان جون نياڻيون ڀڄڻ لاءِ تيار ناهن ويٺيون، نڪي اسان سڄو ڏينهن هٿيار کڻي گهمندا آهيون، اهو وقتي رونشو آهي پئسي ڪمائڻ جيلاءِ، باقي ڪجهه ناهي.وائيس آف سنڌ: اوهان جي شاعري ڇپي به آهي ۽ ڳائي ڀي وئي آهي، اوهان کي ٻنهيمان ڪهڙي صورت وڻي ٿي؟اياز گل: ٻنهي جو الڳ الڳ رس چس آهي، جيئن ڪتاب تاريخ ٿئي ٿو، ڪتاب اوهان جي شاعري، فڪر ۽ شخصيت کي محفوظ ڪري ٿو، عام ماڻهو تائين پهچڻ جو ذريعو راڳ آهي.ٻئي صورتون هڪ شاعر جي تخليقن لاءِ ضروري آهن.وائيس آف سنڌ: سنڌي ڪتابن کي مارڪيٽ ڇو نه آهي؟اياز گل: اسان کي پنهنجا پبلشنگ ادارامضبوط ڪرڻ گهرجن ۽ ادارن کي گهرجي ته پنهنجون ذميواريون سنڀالين. اسان وٽ ڪوبه ادارو ناهي جيڪو ليکڪ کي رائلٽي ڏي. 99 سيڪڙو ماڻهو پاڻ ڪتاب ڇپرائن پيا، اسان وٽ لکڻين جو معاوضو نٿو ملي.وائيس آف سنڌ: شاعر کان وڌيڪ مزاحمتي ادب ڪير به تخليق نٿو ڪري سگهي، اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي؟اياز گل: شاعري فن جو هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو سولائي سان ياد ٿئي ٿو، راڳ ذريعي جهر جهنگ پهچي ٿو. ان ڪري ان جا اثر ديرپا ٿين ٿا، ان ڪري شاعري جو اثر پري تائين پکڙجي ٿو.وائيس آف سنڌ: اڄ جو سنڌي نوجوان لطيف کي ڇو نٿو پڙهي؟اياز گل: ان جو سبب سهل پسندي آهي، اسان کي جيڪا شيءِ آساني سان ملي ٿي يا سمجهه ۾ اچي ٿي ان جي پويان لڳون ٿا اهو اسان جي معاشري جو الميو آهي. لطيف کي پڙهڻ لاءِ وقت، سمجهه ۽ دماغ جي ضرورت پوي ٿي جيڪو ڪم اسان معاشرتي حساب سان نٿا ڪريون. باقي ڪوبه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن کي پڙهڻ بنا سٺو شاعر نٿو ٿي سگهي.وائيس آف سنڌ: اوهان ڳالهه ڪئي سهل پسندي جي، اڄ تائين اسان ائين ڇونه ڪري سگهياسين آهيون جو لطيف کي ايترو سهل بڻايون جو نوجوانن لاءِ اوپرو نه رهي؟اياز گل: اوهان کي اهڙا رسالا ملندا جن ۾ معنى ۽ شرح هوندي آهي پر ان کي به ڪو پڙهي، ڪابه شيءِ آساني سان سمجهه ۾ ناهي ايندي، الف بيسمجهڻ لاءِ به ته اسڪول ويا هونداسين. پر ان جو اهو هرگز مطلب ناهي ته جيڪا شيءِ ڏکي آهي ان کي هٿ ئي نه وجهجي، اهو رويو بدلائڻو پوندو.وائيس آف سنڌ: سنڌي ادب جومستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟اياز گل: وڏيون عظيم لکڻيون لکڻ وارو مرحلو سست ٿي ويو آهي پر مسلسل بهتر لکجي پيو، مان جنهن مان پراميد آهيان ته سنڌي ادب ۾ ڪانه ڪا بهتري اچڻي آهي.وائيس آف سنڌ: چيو وڃي ٿو ته اديب جو ڪم صرف لکڻ آهي، ڇا اهو صحيح آهي؟اياز گل: نه، اديب عملي مظاهروبه ڪري سگهي ٿو پر اهو انحصار رکي ٿو ان جو وسيلن تي. اسان جا ڪجهه ناليوارا ليکڪ ۽ دانشور قومي تحريڪ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آيا آهن.ٻين سماجي ڪمن ۾ به اديب پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن.وائيس آف سنڌ: اسان جا ڪجهه سنڌي اديب ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين پيا ان جو ڇا سبب آهي؟اياز گل: برائي هر جڳهه تي هوندي آهي، سچ جو وجود تڏهن آهي جڏهن ڪوڙ آهي، سچائي جي سڃاڻپ تڏهن ٿيندي جڏهن برائي هوندي. ڪجهه ماڻهو ائين ڪن ٿا ته انهن کي موٽ به اهڙي ملندي.وائيس آف سنڌ: اياز گل هردلعزيز شاعر نه هجي ها ته ڇا هجي ها؟اياز گل: هردلعزيز نه هجان ها تهشاعر ته هجان ها، 30 سال ٿيا آهن شاعري ڪندي هاڻي ان خولکان ٻاهر نڪري سوچيو ئي ناهي.وائيس آف سنڌ: سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي ڪارڪردگي ڪيئن ٿا ڏسو؟ايازگل: سنڌي ادبي سنگت پنهنجي خرچ تي هلندڙ تنظيمآهي جنهن جي ڪارڪردگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهن ٿا پر اهوسفر رڪيو ناهي ۽ اها ئي وڏي ڳالهه آهي.وائيس آف سنڌ: اوهان جي غزلجو بند آهي ته ” احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي آ“ چيو ويندو آهي ته شاعر لکي ڇڏيندا آهن ، پاڻ ان پيڙا مان ناهن گذرندا؟اياز گل: اگر ڪو شاعر اهڙي ڪيفيت مان نٿو گذري ته هو اهڙو اظهار نٿو ڪري سگهي يا ڪندو ته ان ۾ اها گهرائي نه هوندي. اندر جي ڪمزوري ظاهر ٿي پوندي آهي.ناممڪن شيءِ کي ممڪن ڏيکارڻ ئي فن جو ڪمال هوندو آهي.وائيس آف سنڌ: وائيس آف سنڌ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟اياز گل: هن دور ۾ هڪڙو سنڌي رسالو موجوده تقاضائن موجبهجڻ، ان کي پابندي سان جاري رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، منهنجي دعا آهي ته اوهان وائيس آف سنڌي کي گهڻي عرصي تائين سنڌي ماڻهن تائين پهچائيندا رهو.

ماجد ڀرڳڙيءَ صاحب جو انٽرويو عباس ڪوريجو جي ٿورن سان

عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو انٽرويوسوال: ٻوليءَ کي آءِ ٽي جي حوالي سان ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟ماجد ڀرڳڙي: سنڌي ٻوليءَ کي آءِ ٽي جي حوالي سان جيڪو مکيه مسئلو درپيش آهي اهو آهي ونڊوز جي سپورٽ جو، ونڊوز ۾ سپورٽ آهي پر ريجن يا لينگويج سليڪٽ نه ٿي ڪري سگهجي. عربيءَ جا هڪ کان وڌيڪ لوڪيل آهن پر هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جو ڪو لوڪيل نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين مائيڪروسافٽ وارن کي سنڌيءَجي مڪمل ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. جيڪا ذميواري اسان جي ادارن جي آهي. جيڪا به حڪومت يا ادارو پنهنجي ٻوليءَ بابت ڄاڻ مائيڪروسافٽ کي مهيا ڪري ٿو ته ان کي مائيڪرو سافٽپاران رسياتس ملي ٿو مثال طور ويگر )vigor( چائنه جي سنڌي جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي. پر ان لاءِ توهان ونڊوز ۾ريجن سليڪٽ ڪري سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته چائنه حڪومتجي ان ۾ دلچسپي آهي. ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ۾ ڪارڪاوٽ ڪو نه آهي. ڪي بورڊاسان وٽ موجود آهي. صرف ان کي انسٽال ڪرڻو آهي.ڊيٽابيس جي حوالي سان سارٽنگ )ترتيب( جي سنڌيءَ ۾ سهولت موجود ڪونهي اها سهولت فقط عربيءَ ۾ آهي. انگريزيءَ کانپوءِ هاڻي ونڊوز 7 اچڻ وارو آهي پر ان ۾ به ائين ممڪن ٿي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪنهن به اداري مائيڪروسافٽ سان لهه وچڙ نه ڪئي آهي. پر ان مسئلي جو حل ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪڍي سگهجي ٿو سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي استعمال ڪندڙ )user( وڌائجن هن وقت سنڌي استعمال ڪندڙ تمام ٿورڙي تعداد ۾ آهن حالانڪه سنڌيءَ ۾ توهان ڪمپيوٽر تي سڀ ڪمسرانجام ڏئي سگهو ٿا. ان ڳالهه ۾ سنڌي ٽي وي چينل به مدد ڪري سگهن ٿا. انهنکي گهرجي ته اهي پنهنجا رايا اي ميل ذريعي سنڌي ۾ وٺن. ونڊوز اندر فونٽس جا بنڊلز آهن، فقط ڪي بورڊ جي ضروت آهي ۽ اهو به منهنجي ويب سائينwww.bhurgri.comتي فريءَ ۾ موجود آهي.سوال: آءِ ٽي جي ميدان ۾ ٻوليون زندهه ڪيئن ٿيون رهي سگهن؟ماجد ڀرڳڙي: جيئن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي تمام گهڻي ترقي ڪري وئي آهي هر جڳهه تي ان جو استعمال ٿئي ٿو. پر اسان کي ضرورت ان شيءَ جي آهي ته اسين ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيون، پرنٽ ميڊيا ۾ ته جيڪا ٻولي ڇپبي سڀڪو ساڳي ٻولي پيوپڙهندو هو. پر انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايئن نه آهي اتي هر قسم جون ٻوليون موجود آهن. ان ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ گهرجي.سوال: توهان جي ٺاهيل فونٽس کان علاوه ٻي ڪنهن ماهر به اهڙا فونٽس ٺاهيا آهن؟ يا اهڙي ڪا ڪوشش ٿي آهي؟ماجد ڀرڳڙي: ڏسو! منهنجو ڪم فقط فونٽس ٺاهڻ تي مشتمل نه آهي. 1999ع ۾ اتفاق سان مان هتي اچي ويس ته پوءِ منهنجو اياز شاهه سان رابطو ٿيو اسان گڏجي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي Unicode تي ڪم ڪيوسين. پوءِ آءُ سال 2000ع ۾ آمريڪا هلي ويس اتي مون يوني ڪوڊ تي ڪم جاري رکيو پوءِ اهو مڪمل ڪري install به ڪيوسين. ان سلسلي۾ مون مائيڪروسافٽ وارن سان به رابطو ڪيو جن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اسان صحيح ڪم ڪيو آهي.مون آگسٽ کان ڊسمبر تائين هزارين اي ميلس وصول ڪيون. ائين نومبر ڊسمبر 2000ع ۾ اهوسسٽم بلڪل آپريٽنگ ٿي ويو. مون هڪ انسٽالر ميڪن ٽاچ)MACINTOCH( لاءِ پڻ ريليز ڪيو آهي جيڪو پڻ منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي. جڏهن ته ٻين به ڪيترن ئي دوستن سنڌي فونٽس ٺاهيا آهن. انهن دوستن فارسي ۽ عربيءَ کي موڊيفاءِ ڪري فونٽس کي سنڌيءَ جي شڪل ۾ آندو آهي. در حقيقت فارسي ۽ عربيءَ کي موڊيفاءِ ڪرڻ ۾ ڪا به غلط ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ اهي فونٽس ته هر ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندا. انهن سڀني دوستن سنڌي ٻوليءَ جي محبت ۾ فونٽس ٺاهيا آهن پر اسان جي ادارن ۾ ايتري اخلاقي جرئت نه آهي ته اسين جيڪڏهن ڪورسالو يا ڪتاب ڇاپيون ته جن دوستن جا فونٽ استعمال ڪيا آهن انهن جا نالا ڏيون.سوال؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت ڪيتريون ويب سائيٽس آهن توهان کي ان جو ڪو اندازو آهي؟ماجد ڀرڳڙي: شايد سَوَن ۾ آهن ڪو پڪو اندازو ڪونهي. انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وقت سنڌي ڪي بورڊ جي ضرورت نه آهي منهنجي ويب سائيٽ تي آن لائين ايڊيٽر پيل آهي جتي توهان ڪجهه به لکي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪري سگهو ٿا.سوال: جيئن توهان ايڪس پي جو سنڌي ڪي بورڊ ٺاهيو ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته موبائيل فونن ۾ اهڙو سسٽم آڻجي؟ماجد ڀرڳڙي: بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿو. يونيڪوڊ جي ضرورت هئي جيڪو هاڻي اچي چڪو آهي. فون ڪمپنيون اهڙي قسم جو سسٽم آڻي سگهن ٿيون. انهن وٽ )XML( فائيلز موجود آهن. صرف انهنانهن کي الف_ب ڏيڻون آهن. آپريٽنگ سسٽم مان فقط سپورٽ وٺڻي پوندي. ڪنهن به هڪڙي ڪمپني ان قسم جو قدم کنيو ته پوءِ اڳتي هلي مقابلو پيدا ٿيندو. ۽ سڀ ڪمپنيون سنڌيءَ ۾ سسٽم آڻينديون.سوال: سنڌ کان علاوه ٻاهر ڪٿي سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي ٻولي ٺاهڻ لاءِ ڪي ڪوششون ٿيون آهن؟ماجد ڀرڳڙي: منهنجي ڄاڻ موجب ٻيو ڪٿي به اهڙي ڪوشش نه ٿي آهي حالانڪه سنڌ کان پوءِ انڊيا ۾ سڀ کانوڌيڪ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اتي ادارا به موجود آهن. اتان ڪافي ويب سائيٽس به هلن ٿيون پر اهي ٽيڪسٽ بيسڊ گهٽ ۽ اميج بيسڊ وڌيڪ آهن. اسان وٽ هن وقت اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سنڌيءَ کي رومن ۾ آڻيون! ان جي ڪا به ضرورت نه آهي اها ڀينڊورا باڪس نه کلڻ گهرجي سنڌي ٻولي جيئن آهي تيئن ئي رهي ته سٺو. ان کي موجوده رسم الخط اسان ڪو نه ڏنو اهو ڪافي وقت کانمروج رهندو آيو. انگريز جڏهن هتي آيا ته انهن چيو ته برصغير کان شاهوڪار ٻولي سنڌي آهي ۽ انگريزن ئي ان لاءِ موجودهه رسم الخط منظور ڪيو هو. هاڻي جيڪڏهن انگريزنجي دور ۾ ڏسنداسين ته سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺي هئي ۽ هاڻي ڪٿي بيٺي آهي. سنڌي ماڻهو جيڪڏهن مڊل اسٽيٽ يا اتي ڪنهن عرب ملڪ ويندو ته اتي عربي پڙهي سگهندو پر اڳئي جڳهه تي چائنيز ۽ جپانيز نه پڙهي سگهندو يعني اهو سنڌي ماڻهن کي فائدو آهي ته اهو هڪ کان وڌيڪ اسڪرپٽ پڙهي سگهنٿا.سوال: توهان جي ڪم جي سنڌ سرڪار يا ٻي ڪنهن اداري پُٺ ڀرائي ڪئي آهي؟ماجد ڀرڳڙي: نه! منهنجي سرڪار يا ٻئي ڪنهن اداري ڪنهن به قسم جي پُٺ ڀرائي نه ڪئي آهي، حالانڪه منهنجا فونٽس ڪافي ادارا استعمال ڪن ٿا پر اهي خريد نه ٿيل آهن. انهن انٽرنيٽ تان مفت ۾ حاصل ڪيا آهن. پر هاڻيسنڌي لينگويج اٿارٽيءَ وارن جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪيان پيو ڏسان اهي ڪهڙي قسم جورزلٽ ٿا ڏين.سوال: سائين انفارميشن ٽيڪنالاجي وسيلي سنڌي ادب جي ڪهڙي قسم جي خدمت ڪري سگهجي ٿي؟ماجد ڀرڳڙي: سنڌي اديب جو سڀ کان اهم مسئلو شايع ڪرائڻ آهي. پر سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي قسم جو پليٽفارم آهي جتي ڪو به سنڌي ماڻهو پنهنجي ڪابه شيءَ شايع ڪري سگهي ٿو ۽ هميشه لاءِ ان کي محفوظ پڻ ڪري سگهي ٿو. هينئر مون شاهه لطيف رح ۽ سچل سائين رح جا رسالا انٽرنيٽ تيupload ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي پڻ سولائيءَ سان انٽرنيٽ تيپڙهي سگهجن ٿا، منهنجي خيال ۾ هن وقت ميڊيا خاص طور تي اخبارون ۽ رسالا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي استعمال بابت ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن کي ان حوالي سان شارٽ ڪورسز ڪرائي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ ڪيئن ٿا استعمال ڪري سگهن، ائين ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال بابت جاڳرتا پيدا ٿي سگهندي، هڪڙا سکندا ته اهي وري ٻيندوستن کي ٻڌائيندا ائين اهو سلسلو اڳتي وڌندو.انفارميشن ٽيڪنالوجي جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان آهن پر جيڪو ڪم اسان انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيو ٿا اهو ئي ڪم جيڪڏهن اسان سنڌيءَ ۾ ڪري سگهون ٿا ته اهو ان ۾ ڪرڻگهرجي ڇو ته دنيا ۾ هن وقت انٽرنيٽ جي هڪ لهر آيل آهي ان ۾ جيڪڏهن سنڌيءَ جي نمائندگي نه هوندي ته اسان ڪٿي هونداسين اسان کي پنهنجي ٻولي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جو استعمال وڌائڻو پوندو ان کان سواءِ ٻوليءَ کي بچائڻ جو ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي خاص طور نوجوان نسل کي ان طرف مائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اهي ڌارين ٻولين ڏانهن وڌيڪ مائل آهن.ٽيگ ڪلائوڊ

محمد عثئان ڏيپلائي جو بهترين ڪتاب سانگھڙ

http://sindhsalamat.com/threads/13272/
محمد عثمان ڏيپلائي جو بهترين ناول سانگهڙ پڙھڻ ۽ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

محمد راشد شر: هري دلگير جي شاعري جو مختصر جائزو

محمد راشد شر: هري دلگير جي شاعري جو مختصر جائزو: هري دلگير جي شاعري جو مختصر جائزو ~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~ هري دلگير سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ 1916ع ۾ ڄائو بي ايس سي ...

محمد راشد شر: سنڌي ادب بابت ڪتاب

محمد راشد شر: سنڌي ادب بابت ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو                   (امر جليل) رومي جون ڪهاڻيون مرڪ تنهنجي جو قسم                   (حاجي علي ڏنو) نه ڪم ...

محمد راشد شر: ڪتاب تي تبصرو (ٻُڌ مَت)

محمد راشد شر: ڪتاب تي تبصرو (ٻُڌ مَت): ڪتاب تي تبصرو ننڍي کنڊ جي مذهبي ۽ ادبي تاريخ ۾ گوتم ٻُڌ کي اهم هيثيت حاصل آهي. جڏهن ته سنڌي شاعري ۾ به گوتم ٻُڌ هڪ آئيڊيل حوالو رهي...

محمد راشد شر: بلاگ جو ٽيمپليٽ ڪيئن بدلائجي؟

محمد راشد شر: بلاگ جو ٽيمپليٽ ڪيئن بدلائجي؟: سڀ کان پهرين بلاگر تي لاگ ان ٿيو. تنهن کان پوءِ جنهن بلاگ جو ٽيمپليٽ بدلائڻ چاهيو ٿا ان کي چونڊيو. تنهن کان پوءِ ٿيم ٿي ڪلڪ ڪريو. جيئن...

سنڌي گانن لاءِ

http://jamali4uweb.com/sindhi%20music/
سنڌي آڊيو گانا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

سنڌي آءِ ٽي: ڪيئن بلاگ جي فوٽر ۾ موجو بلاگ ايٽريبوشن ڪ ختم ڪجي

سنڌي آءِ ٽي: ڪيئن بلاگ جي فوٽر ۾ موجو بلاگ ايٽريبوشن ڪ ختم ڪجي: اسلام عليڪم ورحمت الله و برڪاتة   هن موضوع ۾ توهان کي سيکاريندا سين ته ڪيئن بلاگ جي فوٽر ۾ موجو بلاگ ايٽريبوشن ڪ ختم ڪجي  ...

سنڌي آءِ ٽي: هڪ سيڪنڊ ۾ ڪمپيوٽر تي بند ٿيل ويبسائيٽز هلايو

سنڌي آءِ ٽي: هڪ سيڪنڊ ۾ ڪمپيوٽر تي بند ٿيل ويبسائيٽز هلايو: اسلام عليڪم دوستو جيئن ته اڄ مان اوهان کي سيکاريندس ته ڪيئن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ آئي پي يا پروڪسي مَٽائي سگهو ٿا جنهن کان پوء ...

سنڌي آءِ ٽي: فوٽو شاپ ۾ پنهنجي چهري جا داڳ ۽ داڻا ختم ڪريو

سنڌي آءِ ٽي: فوٽو شاپ ۾ پنهنجي چهري جا داڳ ۽ داڻا ختم ڪريو: اسلام عليڪم دوستو اڄ مان توهان کي ايڊوب فوٽو شاپ ۾ ڪجهه سکاريندُس اگر توهان جي فوٽو ۾ چهري تي ڪو نشان اسٽيمپ جو نشان داڻي جو نشان ...

سنڌي آءِ ٽي: بلاگ ۾ فيسبوڪ پيج جو گيڊجيٽ ڪيئن لڳائيجي

سنڌي آءِ ٽي: بلاگ ۾ فيسبوڪ پيج جو گيڊجيٽ ڪيئن لڳائيجي: اسلام عليڪم دوستو اج مان توهان کي سيکاريندس ته بلاگ ۾ فيسبڪ جو گيڊجيٽ ڪيئن رکجي 

Monday, March 20, 2017

منهنجو نڪور غزل ، ڪاري رات انڌاري ۽ مان

_____غزل______

ڪاري رات انڌيرا ۽ مان ،
گم سم چنڊُ ستارا ۽ مان ،

يادن جي جهر مٽِ وارا پلَ ،
توبن يار ڏکيارا ۽ مان ،

دين سڏيون ايمان سڏيون ٿا ،
تو کي دردن وارا ۽ مان ،

روئي واٽون واجهائيان ٿو ،
سانت ۾ آهن چارا ۽ مان ،

اي حسنَ توکي هرڪو پوڄي ،
هي لوڪ سڄي وارا ۽ مان ،

توبن جيون جيئڻ اوکو ،
ڏک ۾ ساھَ سهارا ۽ مان ،

ماندا ٿرَ ، برَ ، جهرَ ، جهنگ جا سڀُ ،
تولئه ”ساقي“ نظارا ۽ مان ،



هڪ شعر
توکان پوءِ دلربا ساٿي ،
اسانجي راھَ جا ساٿي ،
پنو ۽ پين تنهائي ..!



Sunday, March 19, 2017

ساقي ارشاد لورڙ:. غزل رهندي توکان ڌار پرين ، ٿيو هان سارو سور پرين ، پل پل تنهنجي يادن ۾ ، تڙپي ٿيو هان چور پرين ، پاڻ پتوڙيان سپنن ۾ ، جيون منهنجو پور پرين ، شوق نه چشمي جو هو پر ، نيھُ نچوڙيو نور پرين ، جيڪي گاوء َ ڏنا تو سي ، هاڻي ٿيا نا صور پرين ، صڌمان سهندي ”ساقي“ مان، ٿيو هان ڪيڏو جهور پرين ،

غزل
رهندي توکان ڌار پرين ،
ٿيو هان سارو سور پرين ،

پل پل تنهنجي يادن ۾ ،
تڙپي ٿيو هان چور پرين ،

پاڻ پتوڙيان سپنن ۾ ،
جيون منهنجو پور پرين ،

شوق نه چشمي جو هو پر ،
نيھُ نچوڙيو نور پرين ،

جيڪي گاوء َ ڏنا تو سي ،
هاڻي ٿيا نا صور پرين ،

صڌمان سهندي ”ساقي“ مان،
ٿيو هان ڪيڏو جهور پرين ،
ساقي ارشاد لورڙ

Thursday, March 16, 2017

منهنجي شاعري عباس ڪوريجو ويب سائيٽ تي

ساقي ارشاد لورڙ: شاعري ...: http://www.abbaskorejo.com/%d8%b3%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d8%a7%d8%af-%d9%84%d9%88%d8%b1%da%99-%d8%ac%d9%8a-%d8%b4%d8%a7%d8%b9%...

منهنجي شاعري عباس ڪوريجو ويب سائيٽ تي

ساقي ارشاد لورڙ: شاعري ...: http://www.abbaskorejo.com/%d8%b3%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d8%a7%d8%af-%d9%84%d9%88%d8%b1%da%99-%d8%ac%d9%8a-%d8%b4%d8%a7%d8%b9%...

شاعري ...

http://www.abbaskorejo.com/%d8%b3%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d8%a7%d8%af-%d9%84%d9%88%d8%b1%da%99-%d8%ac%d9%8a-%d8%b4%d8%a7%d8%b9%d8%b1%d9%8a/

Sunday, March 5, 2017


______بيتُ______

اچُ ڀيٽي ڪيون ڀيٽَ ،
درد   سندا  ھي  ٻيٽَ ،
                   پَتوڙي   پٽُ   ڪئيون ،

_____پنج ڪڙو_____

هاري  ناري  سرسبز   هجي ،
سنڌڙي ساري سرسبز هجي ،
هتِ  باغ   سدا    آباد   رهن ،
ويري    سڀ    ويران   رهن ،
هت  ڌاريا ڪان  گدار  رهن،
بس مالڪ سنڌتي محر ڪري،
                  سنڌڙي   ساري سرسبز هجي ، 
   غزل

هر   گهڙي   تنهنجي   سار سيني ۾ ،
غم     آ    هر    ويل      يار سيني ۾ ،

ڪنهن ڏني نه خوشي سڄوجيون ،
ڏک      سموري     ڄمار    سيني  ۾ ،

زندگيءَ      ۾    سدا     لڳا     آھن ،
من   وڇوڙي   جا   وار    سيني  ۾ ،

ڇا    ته    نفرت   سندا   وڌا   آهن ،
لوقَ     طعنن  جا   هارَ   سيني  ۾ ،

اڄ    تون   ميڙي  سڄا  وڇايا هن ،
بس   ادائن    جا   ڄارَ   سيني  ۾ ،

شال ”ساقي“ توسان ملان هيڪر ،
بس   رهي   آهي   تارَ  سيني  ۾ ،

  غزل

توکي ساريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،
ڳوڙها هاريم ،  ڪينجهر ڪپ تي ،

خواب    اڌورا       ٻڏندڙ        ويرا ،
اک سان تاريم ، ڪينجهر ڪپ تي،

پيار  مان  ڪنهن  سان نيڻ  ملائي ،
جامَ    پياريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،

ڪجھ  محبت  جا  موضون  ڇيڙي ،
گهڙيون گهاريم، ڪينجهر ڪپ تي ،

هڪ   نازيليءَ    جي    نازن    تي ،
جيون    واريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،

اونڌاهي     جيون     ۾     ”ساقي“ ،
ڏيئا      ٻاريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،

شاعري ساقي ارشاد لورڙ جي


     غزل

دور    ٿيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
ڏکَ    ڏيندا  رهيا ، ياد   ايندا رهيا ،
کوڙ  کاري  کڻي هٿ هٿياري کڻي ،
گل   پٽيندا   رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
ساٿُ ساٿي ڇڏي موکي غم سان گڏي،
ننڊ   نيندا    رهيا ،  ياد  ايندا  رهيا ،
الوعدا  اڄ   چئي   گاوَ  گھرا  ڏئي ،
کِل  کسيندا   رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
هرپهر جان جذبن مان منهنجي ڪڍي،
غم   گڏيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
سار ”ساقي“   لهي ڪان آيا ڪهي ،
منهن مٽيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،

  غزل

ڀل  خفا   ٿي   شهر   ڪري  ڇڏبو ،
درد   دل   جو  ذڪر  ڪري  ڇڏبو ،

تون اچين جي مو ڏي هلي هيڪر،
سور    سارو    ثمر    ڪري   ڇڏبو ،

منهنجا   محبوب   هن   وڇوڙي  ۾،
پُرِ   پيالو     زهر     ڪري     ڇڏبو ،

ها   تون  آن  زندگي  رهڻ  تو  بن،
محل  ماڙيون  کنڊر  ڪري  ڇڏبو ،

ڏينهن جيڪي  گڏي    گذارياسي،
تن  تي  هر  هر  فڪر ڪري ڇڏبو،

هاڻ   ”ساقي“  اچي  پُڳو  آهيان ،
ساڻ  سپنو   خنجر   ڪري  ڇڏبو،

  غزل

سدا  درد  ديرن  ۾    قيد  رهياسين ،
حسينن جي ڦيرن ۾  قيد رهياسين ،

زماني  ته مونکي گهڻو  يار ٽوڪيو،
مگ تنهنجي پيرن ۾  قيد  رهياسين ،

اسانکي  ٻڌل  دردَ   دامن    ۾   آھن،
حسينن جي گهيرن ۾ قيد رهياسين ،

پرين  محبتن  جا وڌي  ويا ته ويري،
سدا تن جي  ويرن  ۾ قيد رهياسين،

اسان  پئي   تلاشيا   اُجالا   سدائين ،
مگر   من  انڌيرن  ۾  قيد   رهياسين،

سڄو ڳوٺ پنهنجو ڳوٺاڻا به ”ساقي“،
اسين  پوءِ ڇو غيرن ۾ قيد رهياسين،

     غزل

سوا    تو    حياتي    اڌوري   لڳي  ٿي ،
ڏکي  زندگي  هيء َ سموري  لڳي ٿي،

اسانجي سڄڻ دل کي جاچي ڏسوڀل،
اوهانجي   ڏکي   يار   دوري  لڳي ٿي، 

جدائي   سبب  جيءُ  جلندو رهي ٿو ،
پرين  تنهنجي الفت  ضروري لڳي ٿي ،
تمّنا    اندر     ۾     وڏي   ڪا     رهايم ،
جلايم   جسم  ڀي  نه  پوري  لڳي ٿي،

ظلم جون نه ”ساقي“ ڏيئو ڪو وسائي،
جَڳَتَ ۾    جهالت   نسوري   لڳي   ٿي ،

    غزل

سنگتي  ساٿي  يار  ڇڏي  ويا ،
پنهنجا  پراڻا   پيار   ڇڏي  ويا ،
سڀ سک چين ڦري ويامونکان،
ويندي  ويندي  سار ڇڏي  ويا ،
ڀيلي ڀونءِ ڀلاريءَ جا  باغيچا،
سنگساريء َجا  آسار ڇڏي  ويا،
رشتا     نعتا    پل    ۾      ٽوڙي ،
دلبر     ڌارون    ڌار   ڇڏي   ويا،
مونکي  روئندو   رڙندو   هتڙي ،
ڏک  سک  جا  ڀائيوار  ڇڏي ويا،
اڄ  پيچ  اڙائي  سال  سڪائي ،
نيھ   ڪري   نروار   ڇڏي    ويا ،
”ساقي“  ڪانَ  ڏٺاسي جيڪي،
اک   اک   ۾   اظهار   ڇڏي   ويا ،

  غزل

زندگي      گذري    رهي  آ  سار ۾ ،
مان  رهان  ٿو سوچ َ ۽  ويچار  ۾ ،

حق سدا  هارين  جو  کائن  ٿا پيا ،
ظلم   ۽   دهشت  آهي   ڀوتار  ۾ ،

بس مونکي هروقت هن جي ياد آ ،
پر  مٺي   هر    ويل  آ   سينگار  ۾ ،

عڪس وانگر ياد هن جي دل اندر ،
شل   هجي   گلڙن  جي هٻڪار  ۾ ،

حسن واري  سنڌ  گلشن  ۽  سڳنڌ ، 
آهي  دشمن  جي  سدائين   وار ۾ ،

سک جي ڳولا ۾ اسان هون دربدر ،
ڏک ئي ڏک ”ساقي“ مليا سنسار ۾ ،

  غزل

ناس   دل  جو  نگر  ڏٺو آهي ،
ڏاهپن    تي     ڏمر  ڏٺو آهي ،

ظلم  جي  انتها  هتي  ٿي  آ ،
هر    رتو  رت شهر  ڏٺو  آهي ،

وارَ واسينگ جيئان ڏنگي ويٺا،
خواب جو ڪو پهر  ڏٺو آهي ،

ڪيا اجڙُ بي مندي خزا گلشنَ ،
اجڙيل   پنهنجو   ترُ  ڏٺو آهي ،

ڪنهن بُکي بکَ جي ستايل کي،
پيئندي  مون   زهر   ڏٺو  آهي ،

رات  ڀر انتظار ”ساقي“  ڪيو ،
هو  نه   آيو   سحر   ڏٺو  آهي ،

   غزل

ڏسو سنڌ جي ناري ڪيڏي آ ستايل ،
ڏکن جي  ويچاري ڪيڏي  آ  ستايل ،

خزان اڄ گلن  کي   وئي   آ   اجاڙي ،
چمن  جي  چؤياري ڪيڏي آ ستايل ،

گلابي  چمن کان وئي  مرڪ کسجي ،
حسين  حسن  واري  ڪيڏي آ ستايل ،

ظلم جي ڪفن سان سجايل هي ناري،
همٿ  ڪون  هاري  ڪيڏي  آ ستايل ،

ڪري پيارجيڪا سا بڻجي ٿي ڪاري،
ڏسو   ظلم   زاري   ڪيڏي   آ  ستايل ،

اچي ڪوئي”ساقي“اسانکي به پرکي،
رُني   به    سهاري   ڪيڏي  آ   ستايل ،

_______پنج ڪڙو_______

دل  چوي  ٿي يار ڏي موٽي هلئون ،
نفرتون   ۽   محبتون   جاٿي  ختم ،
زندگيءَ جون حسرتون جاٿي ختم،
هل  پرين جي پار ڏي موٽي هلئون،
دل  چوي  ٿي  يار ڏي موٽي هلئون،

پَت

شاعري ساقي ارشاد لورڙ جي

: غزل

مارون   منهنجا  وار  َ ۾   آھن ،
ڌارين   جي   ڌڪ ڌارَ  ۾ آھن ،

ڏينهنَ ۽راتيون  ڏُکَ  ۾  گھاري ،
ڪنهن سرڪشَ جي سارَ۾آھن،

گهر گهر سوچون ڀڻڪا،سڏڪا،
هر   پل   هي    آزارَ   ۾    آھن ،

سک    لئه   سڀئي  ماندا  آهن ،
ڦاٿل  ڏک جي   ڄارَ   ۾   آھن ،

هتڙي ، هيمون ، هوشو ، دودا،
لوڪَ لچي جي  مارَ  ۾   آھن ،

هتڙي    سارا   ”ساقي“    پارا،
ويٺل  ظلم  جي  بارَ ۾   آھن ،

      نظم

بهار رُتِ ۾  گلابَ چهرا ،
اداس آهن ، نراس آهن ،
زخم زخم ٿيا وجود آهن،
اڃان اتم هي وجود آهن ،
ڪو بار دل تان اچي ته لاهي ،
ڏيڻ ڪو آٿت آيو نه آهي ،
ڪي سک سهارا ملي نه سگهيا،
ڏکن ڪنارا ، ملي نه سگهيا ،
صدا جون لهرون وڃن ٿيون دٻجي ،
آماٺ مونجهو گگن ۽ ڌرتي ،
سندر ڪي سپنا اکين ۾ چڀيا،
تڏهن اڙهو آ اکين مان پاڻي ،
سڄو هي عالم ڀري ٿو سڏڪا ،
امن لڏي جو هتان هليو ويو،
ڳلي ڳليءَ ۾ ھلي ٿي هولي ،
شهر    نگر   آ   ٿيو   رتو  رت ،
گهرن   برن   ۾    غبار    آهي ،
رُڳي   ئي دردن   نهار   آھي ،
نظر  نظر     ۾    سوال   آهي ،
خوشيون اسانجون ڪِڏانهن هليون ويون ،!؟
  خوشيون اسانجون کسي اسان کان ،
کسنِ    ٿا    ظالم   لٽنِ   ٿا ظالم ،!
خوشيون اسانجون لٽيون ويون هِنِ ،!
خوشيون اسان جون گهٽيون ويون هِنِ ،!

     غزل

دور    ٿيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
ڏکَ    ڏيندا  رهيا ، ياد   ايندا رهيا ،
کوڙ  کاري  کڻي هٿ هٿياري کڻي ،
گل   پٽيندا   رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
ساٿُ ساٿي ڇڏي موکي غم سان گڏي،
ننڊ   نيندا    رهيا ،  ياد  ايندا  رهيا ،
الوعدا  اڄ   چئي   گاوَ  گھرا  ڏئي ،
کِل  کسيندا   رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
هرپهر جان جذبن مان منهنجي ڪڍي،
غم   گڏيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،
سار ”ساقي“   لهي ڪان آيا ڪهي ،
منهن مٽيندا  رهيا ، ياد  ايندا  رهيا ،

  غزل

ڀل  خفا   ٿي   شهر   ڪري  ڇڏبو ،
درد   دل   جو  ذڪر  ڪري  ڇڏبو ،

تون اچين جي مو ڏي هلي هيڪر،
سور    سارو    ثمر    ڪري   ڇڏبو ،

منهنجا   محبوب   هن   وڇوڙي  ۾،
پُرِ   پيالو     زهر     ڪري     ڇڏبو ،

ها   تون  آن  زندگي  رهڻ  تو  بن،
محل  ماڙيون  کنڊر  ڪري  ڇڏبو ،

ڏينهن جيڪي  گڏي    گذارياسي،
تن  تي  هر  هر  فڪر ڪري ڇڏبو،

هاڻ   ”ساقي“  اچي  پُڳو  آهيان ،
ساڻ  سپنو   خنجر   ڪري  ڇڏبو،

  غزل

سدا  درد  ديرن  ۾    قيد  رهياسين ،
حسينن جي ڦيرن ۾  قيد رهياسين ،

زماني  ته مونکي گهڻو  يار ٽوڪيو،
مگ تنهنجي پيرن ۾  قيد  رهياسين ،

اسانکي  ٻڌل  دردَ   دامن    ۾   آھن،
حسينن جي گهيرن ۾ قيد رهياسين ،

پرين  محبتن  جا وڌي  ويا ته ويري،
سدا تن جي  ويرن  ۾ قيد رهياسين،

اسان  پئي   تلاشيا   اُجالا   سدائين ،
مگر   من  انڌيرن  ۾  قيد   رهياسين،

سڄو ڳوٺ پنهنجو ڳوٺاڻا به ”ساقي“،
اسين  پوءِ ڇو غيرن ۾ قيد رهياسين،

     غزل

سوا    تو    حياتي    اڌوري   لڳي  ٿي ،
ڏکي  زندگي  هيء َ سموري  لڳي ٿي،

اسانجي سڄڻ دل کي جاچي ڏسوڀل،
اوهانجي   ڏکي   يار   دوري  لڳي ٿي، 

جدائي   سبب  جيءُ  جلندو رهي ٿو ،
پرين  تنهنجي الفت  ضروري لڳي ٿي ،
تمّنا    اندر     ۾     وڏي   ڪا     رهايم ،
جلايم   جسم  ڀي  نه  پوري  لڳي ٿي،

ظلم جون نه ”ساقي“ ڏيئو ڪو وسائي،
جَڳَتَ ۾    جهالت   نسوري   لڳي   ٿي ،

   غزل

لفظ هن ڄڻ ته وار ڪاتيءَ جا ،
سرس آهن   سوال  ساٿي ءَ جا ،
ڏکَ ۾ يا سک ۾ تو سوا ”ساقي“،
ڏينهن گهاريان پيو حياتي ءَ جا،
لڙڪ اک اک مان ڏسان ٿووهندي،
سور  آهن  سوين   دِهاتيءَ  جا ،
غيرُ  ڪٿ  ٿو اجهو اجاڙي من ،
هٿَ هجن جي نه پنهنجي ڀاتيءَ جا،
هڪ ئي ڏک آ ته هن غريبيءَ ۾ ،
ساڀيان ٿِيا نه خواب ساٿيءَ جا ،
ڏس ته ڪهڙا ڪڍي ، ڪڍاڪهڙا،
هن ته مطلب سوين ئي جهاتيءَجا،

    غزل
چوين پيو ته توکي سهارو مان ڏيندس ،
پري ڏکُ ڪري سکُ سهارو مان ڏيندس ،
سوين ڪوھُ توکان پري غم کي نيندس ،
توکي هرخوشيءَجو ڪنارومان ڏيندس،
رڻن   ۾  به  بسنتي ،  ڀنورَ   باغ   بستي ،
هتي  جيوَ  جيوت  جيارو  مان  ڏيندس ،
هتان  ڪلفتو سڀ ڌڪي مان ڇڏيندس ،
اَڏي  محب  محبت  منارو  مان  ڏيندس ،
سڀن ئي اجهن تي سکن جو خوشين جو،
اُوڙي   هاڻي  اهڙو  مهارو  مان  ڏيندس ، 
هتي  پنهنجي  مارن  کي  سرسبز وڻندڙ ،
اکين   کي  پسائي  نظارو  مان  ڏيندس،

پنهنجا  پراڻا

ڊزائن ٿيل شاعري ساقي ارشاد لورڙ جي



































اوهانجي ياد ايندي ئي


Friday, March 3, 2017

منهنجي ڪهاڻي ڪڇان ته ڪيئن ،

ساقي ارشاد لورڙ

ڪهاڻي
                            __ڪُڇان ته ڪيئن ...!!

بابا اوٽي روم مان نڪرندڙ ڊاڪٽر کان پڇو ،
”ڊاڪٽر ! صاحب هوءَ ڪيئن آهي ،“
”توهان پريشان نه ٿيو ڪجھ دير کان پوءِ ھن کي هوش اچي ويندو ، ۽ اوهان کيس ملي سگهندا ، . . .!!“
مان هڪ پر سڪون ساھُ کڻي سوچان ٿي ،
”هي ڪهڙو سماج آ ، جنهن ۾ رهي انسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ ڪري ئي نٿو سگهي ، کيس ڪجھ ڪرڻ جي اجازت ئي ناهين ، بس ٻين جي اشارن تي نچُ ، جي نتَ هئين ئي نه . . . . !“
هوءَ منهنجي ڦڦاٽِ ۽ مان هن جي ماروٽِ ، هوءَ به حد سهڻي ، سلڇڻي ، سيبتي ، نرتڪي ، معصوم ، هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ڄڻ ته ڪتابي ڪيڙو ، لکڻ ، پڙھڻ ، سان چاھُ رکندڙ . . . !!“
”ماءُ پيءُ جي لاڏلي ننڍپڻ کان هيلَ تائين ، ايئن به نه هو ته هوءَ ڦڦي جن جو اڪيلو اولاد هئي ، سحر جو هڪ ڀاءُ به هيو ، جيڪو الٽي (ابتي) کوپڙيءَ جو جنهن کان پڙھڻ ڄڻ ته ڪنڊن جي تي سمهڻَ برابر هو ، تنهن ڪري پيءُ ( ڦڦڙ ) ننڍي هوندي کان ئي ٻني ٻاري جي ڪم ، مال متاھَ جي گاھَ پٺي سان لڳائي ڇڏيس ، هن جي ڀيٽَ ۾ سحر ! ذهين ۽ هونهار پڙھائيءَ سان ازلي عشق ڪندي هئي ، تنهن ڪري ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي پڙھڻ لاءِ سٺي تعليمَ پرائڻ لاءِ اسان وٽِ شهر ۾ رهائيو ، ته جيئن سحر کي پڙھڻ ۾ ڪا رنڊڪ ، رڪاوٽَ ڪا تڪليف نه ٿي ، بابا ڊاڪٽر هو ، بابا کي به اسان ٻه ٻار هئاسين ، مان ۽ آصف ، ” سحر! اسانجي گهر اچي ڄڻ ته اسانجي ڀيڻ بڻجي پئي هئي ،
ڦڦاٽُ غلام ! سحر سان پيءُ ماءُ جو پيار ڏسي ، محبت ڀريو وهنوار ڏسي ، سدائين پيو سڙندو هو ، پيءُ ۽ ماءُ جي دعا سان سحر انٽر پاس ڪري ورتي هاڻ هن جو شوق هو ته هوءَ ڊاڪٽري پڙھي ، !!؟
تنهن ڪري هن پيءُ ماءُ کي چيو ته ، 
” هاڻُ مان ڊاڪٽري پڙهڻ ٿي چاهيان ، . . . !!؟“
ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي اجازت ڏني ته ” تون ڀل ڊاڪٽري پڙھُ ..!!“
پر غلام ! اچي ڪاوڙيو ، چئي ته ” هاڻ جي ڇوريءَ گهر کان ٻاهر قدم رکيو ته اڦٽ ڪندو سانس ، . . !!“
ڦڦڙ تنهن تي ڪاوڙ مان چيس ، ” مارَ پوئي ، نڀاڳا نياڻي ويچاري هڪڙي ڀيڻُ اٿئي ، تون تنهن معصوم نياڻيءَ کي اڦڦٽُ ڪندي ، خدا جي مارَ پوئي تون پاڻ ته پڙھين ڪانه ٻئي لي به پڙھڻ ڪا نه ٿو ڏئين . . . .!!“
غلام تنهن تي منهن سڄائي گهر کان ٻاهر هليو ويو ، ٻئي ڏينهن ڦڦڙ ُصبح جو سحر ! کي اسان وٽِ ڇڏي بابا کي هن جي داخلا جو چئي شام جو ڳوٺ هليو ويو ، 
”بابا ڪجھ ڏينهن کان پوءِ منهنجي سحر جي ۽ آصف جي هڪ ئي ڪاليج ۾ داخلا ڪرائي ڇڏي ،
وقت گذرندو رهيو ، سحر به دل لائي پڙھڻ شروع ڪيو ، هن پاڻ مڃائي استادن جي دل کٽي ورتي ، وقت گذرندو رهيو ، هن جي ذهانت جا چرچا ٿيندا رهيا ، ايئن هڪ ڏينهن غلام هن سان ملڻ ڪاليج آيو ، هن اچي سحر کي چيو ، ” سحر ! مان تنهنجي شادي سئوٽ اسلم سان طع ڪئي آهي ، تنهن ڪري تون هاڻي ڳوٺ هلي اچ ، . . .!! “
سحر غلام جي واتان شاديءَ جو ٻڌي پريشان ٿي وئي ، هن هٻڪندي کيس چيو ،
”ادا غلام ! هڪ ته مونکي فلحال شادي ناهين ڪرڻي ، ٻيو ته مونکي اهو رشتو ئي قبول ناهين جنهن ۾ منهنجي راءِ شامل نه آهي ، مونکي پڙھي ڊاڪٽر ٿيڻو آھي ، ۽ پوءِ ئي شاديءَ جو سوچيندس ، . . . !! “
”ڇوري تون ٻه اکر ڇا پڙھيي آهين ، مٿي تي چڙھي وئي آهين ، ٺيڪ آ تون ڏينهن اڌ ۾ ڳوٺ نه اچ ته مان توکي ٻڌائيندس ته تون ڪيئن ٿي ڊاڪٽر ٿئين ، ؟ 
تون اسان جي عزت خاڪ ۾ ملائي رهي آن ، تو ڳوٺ نه اچ مان توکي ڏسي رهندس ، . . .!!؟؟ “
ائين چئي غلام ته هليو ويو پر سحر کي پريشانيءَ جي آڙاھَ ۾ اڇلائي ويو ، هوءَ موٽي ڪلاس روم ۾ آئي ته ڏاڍي پريشان هئي ، ڏاڍي اداس هئي بي چين سوچن جي ساگر ۾ ٻڏي تري  رهي هئي ، هن جي ذهن ۾ عجيب سوچن اچي واسو ڪئيو هو ، 
عجيب و غريب سوچون هن جي اميدن سندي دنيا تنگ ڪري رهيون هئيون ، ۽ منهنجي بار بار پڇڻ تي هوءَ چوندي رهي ، ” ڪجھ به نه ماريه . .!! “ نيٺ ڪلاس ختم ٿيا ، اسان گهر پهتاسي ، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ اچي روئڻ لڳي ، مان هن جي پوئيا ، هن جي اها حالت ڏسي رهي نه سگهيس ، هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم ، هن جا ڳوڙھا اگهي حيران ٿيندي پڇو مانس ، . . .!!
”سحر ! آخر ڳالھ ڇا آھي ، تون روئين ڇوٿي . . . !!؟؟ “
تڏهن سحر روئيندي ، سڏڪا ڀريندي غلام واري روئيداد ٻڌائي ، سحر جي سڄي ڳالھ ٻڌي ، مان عجب ۾ پئجي وئي هئيس جو سحر سڏڪندي چيو هو ، 
” ماريه ! ڇا مان سنڌ جي ڄائي نه آهيان ، ؟ ڇا مان سنڌ امڙ جي ڪُک مان جنم نه ورتو آ .؟ ڇا سنڌوءَ جو پاڻي منهنجي خمير ۾ شامل نه آهي ، ؟ آخر مان ڪيتري تائين ظلم سهندي رهندس ، . .   !!؟؟؟
سحربگهڻ روئڻ ڪري سڏڪن کي ڳيتون ڏئي چيو هو ،
” ماريه ! ڇا منهنجا خواب ، جذبا ، احساس ، خواهشون ، ڪا معنيٰ ، ڪا به اهميت نٿا رکن ، ؟ ڇا منهنجا جذبا ايئن ئي هر دؤر ۾ قتل ٿيندا رهندا ، ريتن ، رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا ،؟ ڇا مان ايئن ئي هر دؤر ۾ ميرن ، پيرن جي هٿان ڪوٽن ۾ قيد ٿيندس يان ماري ويندس

شاعري ساقي ارشاد لورڙ



          ...هڪ حقيقت هڪ ڪلپنا هڪ لمحو ...
اڄ  زندگي هڪ خواب ٿي رهجي وئي آ، جيڪو محسوس ٿئي ٿو ته ڪڏهن نه ڪڏھن ٽٽي پوندو ،
بدلي ۾ رهجي ويندو ڪجھ گهڙين جو تعصير ۽ پوءِ ڊگھي خاموشي جيڪا چند ڏينهن کان پوءِ جڏھن دماغ جي ميمري نو اسپيس no space ٿيندي ته اسپيس لاءِ وارنگ پئي هڻندي ۽ پوءِ اسان جهڙو بندو  مجبور ٿي ان کي ميساري ڇڏيندو ،..!
وري نوان خواب ڏسندو ۽ انهن خوابن جي تعبير ڳولڻ لئه جتن ڪندو ،
ائين وقت جو گهوڙو پنهنجي رفتار سان ڊڪي ڊڪي نيٺ هڪ ڏينهن بيهي رهندو ،
چوڏس اونداھُ ڇائيل هوندو ، ڪجھ نظر نه ايندو ۽ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي ڌرتيءَ تي ڪري صقراط جو زهر پي  فنا ٿي ويندو ،
ائين هڪ ڏينهن مان به هليو ويندس اوهان جي اکين جي آڏو ڏور ڪوهين ڏور ، جتان موٽڻ ممڪن ناهين هوندو،....!!!!!


             غزل
پرين    ياد    منهنجي  صبح  شام  ويٺي ،
رُوئاريندي توکي ، جڏھن مان نه هوندس،

حسين  رُتِ  ھميشه   ڏسي   توکي   تنها ،
ڏکائيندي توکي  جڏهن مان نه  هوندس ،

سوين  سور َ هوندا  گڏِي  برحَ جَنِ  سان ،
گڏائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

ڏنل  منهنجي  هر هڪ نشاني او جاني ،
ستائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

وري  پئي  گهڙي  با  گهڙي   گڏ    گذاريل ،
رنجائيندي توکي، جڏهن مان نه هوندس،

خوشين ڪاڻ سڪندينءَ ۽غم جي غفا پئي،
ايذائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

او ”ساقي“ هي دنيا  چريو  پوءِ  چوندي،
چوائيندي توکي ، جڏهن مان نه  هوندس ،

                غزل
ساٿُ سپنا    سفر   انا جي ور ،
پيار  محبت   امر   انا جي ور ،

لوڀ  لالچ  ۾  ڪو  ويو وخري ،
هن جو فن ۽ فڪر انا جي ور،

سنڌ  سهڻيء َلئه  ڪٿا سرجا  ،
پر   اکر   با   اکر   انا   جي ور ،

پِير  زنجير    ۾   ويا     ورجي ،
خواهشون ٿيون زهر انا جي ور ،

ڀيل ٿي ويو   چمن   اکين   آڏو،
سونهن ، گلڙا ، صبر انا جي  ور،

بادشاهي    بچي  ڪٿي  هاڻي ،
سلطنت  ٿي   کنڊر انا  جي ور ،

دل جي دنيا  ڏٺم  فنا  ”ساقي“ .
هر چمن جهنگ جهر انا جي ور ،
[

                     غزل

ٿي پت ۽ نيتِ زخمي ،
ڄڻ ٿي پريتِ زخمي ،

زخمي امن بمن ڪيو ،
مندر مسيتِ    زخمي ،

دل عشق جون نمازون،
ٿي هاڻي نيتِ زخمي،

جذبا   ۽  خواب  منهنجا ،
ڪيارسمون ريتِ زخمي،

چاهت   ۾  چور   ٿيندي،
ڳڻتين کي ڳيت ِ زخمي،

”ساقي“ سمجهي وڇوڙا،
هيءَ راند جيتِ  زخمي ،

   غزل

ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
پير  شالا   ڪنڊا    سفر    زندگي ،
رات  ڪاريء َ۾ خوف  جا   پاڇا ،
چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
ڪان  آھي خبر ڇا  آهي  زندگي ،
حرف  گڏ   پنج   يا   اکر   زندگي ،
عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
بندگي     ۽   تنڪو   ثمر  زندگي ،
 تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
تو  بنا   ٿي   لڳي  کنڊر    زندگي،
[2
نثري ٽڪرو،
تون منهنجي نيڻن ۾ نهار ،
توکي منهنجي زندگي ،
 اروڙ جي کنڊرن جهڙي نظر ايندي . . . .!! 

     غزل 

ساھَ  سيباڻا  ،  محبت  ماڻا ،
منهنجي روحَ ۽ دل جا راڻا ،

ساٿ ڏنو ٿي ساٿ کپي ٿو،
زندگي بهر، ٻي ڳالھ نه ڄاڻا،

مولئه تو ئي دعا تو ئي دوا،
گڏجي  جيئون  يار     نماڻا،

توبن”ساقي“خواب نه آهي،
توکي ڏسندي خواب  سماڻا،


   غزل

ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
پير  شالا   ڪنڊا    سفر    زندگي ،
رات  ڪاريء َ۾ خوف  جا   پاڇا ،
چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
ڪان  آھي خبر ڇا  آهي  زندگي ،
حرف  گڏ   پنج   يا   اکر   زندگي ،
عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
بندگي     ۽   تنڪو   ثمر  زندگي ،
 تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
تو  بنا   ٿي   لڳي  کنڊر    زندگي،


ھڪ ڪوِتا ، يا نثري نظم .

تو جو چيو هو ،
تون نه وسرندين ،
پو تون ڪيئن پل ۾ وساري ڇڏيو ، . . . !




هڪ نظم هڪ غزل


ساقي ارشاد لورڙ

  • نظم

اڙي او زندگي جانا.
اوهانجي ياد ايندي ئي.
اسانجي ننڊ ويندي آ،
کڻي هؤَ چاھ جي معنيٰ-----؛
اڙانگي راھَ جي معنيٰ------؛
ڏئي ٿي ماٺ کي معنيٰ!
مگر جيءَ کي رنجاجي ٿي،
سوين سپنا سجائي ٿي ،
ڏئي ڄڻ سانت کي تائي،
اکين ۾ جوت ٻاري ٿي ،
اونڌاري رات ۾ جانا،
پسائي عڪس ٿي تنهنجا،
وهائي لڙڪ ٿي منهنجا ..
رنجائي روح روڳيءَ کي،
دَري اهڙي خيالن جي ،
کلي “ساقي“ جو ڇا چئجي،
رڳو تنهنجو ئي چهرو آ.،
اَچي تنهنجي وفا سامنهن،
کٽالمحا مٺا لمحا ......!!
اکين آڏو ڦِرن پيا ٿا ،
اهي پل يار دؤري کي،
مٽائن ٿا،ڀلائن ٿا،
وري توڏي ورائن ٿا،
اچي توسان ملائن ٿا،
اڙي اوزندگي جانا ،
اوهانجي ياد ايندي ئي،--؟



ساقي ارشاد لورڙ
   غزل            
اقرار    ڪئيان  انڪار  ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان اک سان ڪهڙو وار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان  آسِ  رهان  پاس  رهان  پورن ماس رهان ،
تنهن  کي   ڪيئن  ڌار  ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مونکي  هوء َ ساهڙ  جي  سهڻي  يار لڳي ٿي،
ڇا   نيھُ   هتي   نروار   ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
ها   سالن   کان  تنها  مان  ڀي  يار  رهيو  هان ،
هاڻي  ڪنهن  کي  دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
جيڪي خواب سڪون ۽ احساس پيا بخشن ،
هن  کي  تن  کان   ڌار   ڪئيا  ،  سوچان ويٺو ،
مان  يار  جفائن  جي  دنيا ۾  وفا  جي  ڇا ، ؟
ڪا     آس   رکي     اظهار ڪئيا ،  سوچان  ويٺو ،
”ساقي“ هن ۾ قرب قرار ۽ سڪ سار ڏسان ٿو،
ڇا  هن  کي   مان  دلدار  ڪئيا ، سوچان ويٺو ،