Sunday, March 26, 2017

سعيد حاوي جا غزل ۽ گيت

سعيد حاوي نڪور گيت

نيڻ ملائي کلندي آھي،!.
گھگھري پائي گھمندي آھي،!.
من سان ميت ملائيندي آ!
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو!

موجِِي من ۾ ڪان لٿوڄڻ،
تڙ تي آ طوفان لٿو ڄڻ،
مانجھيءَ تي نقصان لٿو ڄڻ،
گھاگھر گيت ٻڌائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

پويان لوڪ سڄو لائي ٿي،
ڇا ديواني ھي چاھي ٿي،
ڌڻ ماڻهن جو ھي ڪاھي ڄڻ،
جانجھر جو ڇمڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

ھن جي اھڙي ريت الاھو ،
ھوءَ ٿي ڇيڙي گيت الاھو،
ھن ۾ سب جا ميت الاھو،
مند سڄي مھڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الاھو !

غزل

ڪو ڏسي ٿو جڏهن، خواب چارن مٿان.
پير رکيا اچي راھه وارن مٿان.

ذلف تنهنجا کلي سا جا جڏهن واءُ ۾،
سونهن وڌنڌي وئي اڄ نظارن مٿان.

ھيءَ دنيا رھڻ جهڙي ناھي رهي،
ھلي ھلي گھر اڏيون اڄ ستارن مٿان.

ساھ سولو کڻي ئي نٿو مان سگھان،
ڌوڙ ڄميل رھي گھر جي جارن مٿان.

سنڌ جيجل جي جهوليءَ جياريو پئي،
جان صدقو. ڪيان پنھنجي پيارن مٿان.

غزل

ٿي پتڻ تي وار کولي، جلپري مھراڻ جي.
پئي! مھاڻا روز رولي، جلپري مھراڻ جي.

ناکئا ھر نانوَ تي گيت ٿا ھن جا ٻڌن،
ڄڻ دراوڙ ٻول ٻولي، جلپري مھراڻ جي.

عڪس موهن جا اٿس ۽آرياڻي ٿي لڳي،
ٿي رقاصا يار ڍولي، جلپري مھراڻ جي.

اڄ اداسيءَ. ۾ اچي ڪنھن ڪنڌيءَ جي پار کان،
روزٿي ڪجھ يار ڳولي، جلپري مھراڻجي.

سڀ سڀيتائون لکيون ھون ھن مٿان اڄ ٿو ڏسان،
ٿي نچي ڌرتيءَ جي گولي، جلپري مھراڻ جي.

ڪنھن ٿڌي اڄ پار ڏي آ وئي ھلي مونکي ڇڏي،
آ وڃائي گرم جهولي، جلپري مھراڻ جي ،

غزل

ھن کي منھنجو وڃين ڇو ٻڌايو نه ڪنهن،
ھو به رستي ۾ ھو پر ملايو نه ڪنھن.

پيار ۾ ٿا ٿڙي ٿاٻڙي جو ڪرون،
حوصلو دل چريءَ جو وڌايو نه ڪنھن.

ڪير آٿت ڏئي ھا ھيڏي ميڙ ۾،
درد دل جو اچي پر گھٽايو نه ڪنھن.

ٽھڪڙا ھا گھڻا دوستن سان اڳي،
وقت گذري ويو آ کلايو نه ڪنھن.

دوستن دشمنن جي ھيس درميان،''
يار افسوس جو آزمايو نه ڪنھن.

غزل

ٿيو ڪوئي جنم ناهي ،اڃان جيون اهو ئي آ.
اکين ۾ عاشقي آهي،لڳو جوڀن اهو ئي آ.

اچي ٿي روز تبديلي،هتان جي لوڪ ساري ۾،
گھڻي ڪوشش ڪئي ليڪن،اسانجو من اهو ئي آ.

رهي صديون روا آهي،ڇڻن جھڳٽا گلابن جا،
ڏسان ٿو مان هوائن ۾،اڏيو پن پن اهوئي آ.

اڃايل روح سيلاني ،پيو ڀٽڪي هتي هتڙي،
اڃيو سارو ڏسان ٿو هي،اندر ۾ بن اهو ئي آ.

ڪڏهن لفظن جا ڀالا هن،ڪڏهن تلوار نيڻن جي،
اسان هي روز سهندا هون،اسانجو تن اهو ئي آ.

No comments:

Post a Comment