Sunday, April 30, 2017

ساقي ارشاد لورڙ جا ٻه نڪور غزل

غزل______

اسانجي آستاني تي هلي آ يار هڪ واري ،
محبت جي مئخاني تي هلي آ يار هڪ واري ،

نڀائي روح جا رشتا ، کڻي هٿڙن ۾ گلدستا ،
ڪري ٽوڪو زماني تي هلي آ يار هڪ واري ،

پڙھڻ دردن سندا دفتر ، دلي دلدار اڄُ دلبر ،
اداسي آشياني تي هلي آ يار هڪ واري ،

چوي ٿو چاھ َسان ”ساقي“ وڏي ويساھَ سان ”ساقي“
منهنجي ويڙھي ويراني تي هلي آ يار هڪ واري ،
 غزل______

ناراض نگهاهن سان ڇو يار نهارين ٿو ،
نفرت جون ڪري ڳالهيون رت نير روئارين ٿو ،

محبت جي مٺا بدلي ،نفرت جي عطاعت سان،
بي ڏوھُ ڏئي ڏکڙا ، بي موت ڇو مارين ٿو ،

انصاف خدا وٽ آ ، انصاف ڪندين تو ڇا ،
حيوان جيئان هر پل ڪو ڌيان نه ڌارين ٿو ،

مجبور ڏسي مونکي ، مغرور سفا ٿيندي ،
دلدار ڏئي دڙڪا ، ڇو در تان ڌڪارين ٿو ،

محفل ۾ ڏئي مهڻا ، سر عام سڄڻ سهڻا ،
لک وار ڪري دل تي ڳڻتين ۾ ڇو ڳارين ٿو ،

”ساقي“ کي سدا تنهنجي سڪ سار ستائي ٿي ،
پر پاڻ پٿر دل تون ڪنهن پل به نه سارين ٿو ،

Saturday, April 22, 2017

غزل _____ساقي ارشاد لورڙ____ تو وساريو سار ساري ٿي مونکي .

غزل ----------ساقي ارشاد لورڙ

تو وساريو سار ساري ٿي مونکي ،
سانت ۾ ڀي تات تاري ٿي مونکي ،

منتظر آهيان ڪڏهن ايندو ملڻ ،
آس آهي جا جيئاري ٿي مونکي ،

تون نه کل تنهنجي ڪنواري مرڪ ٿي،
پل جيئاري پل ۾ ماري ٿي مونکي ،

ڌار ٿي آهي جڏهن کان دلربان ،
نير هاري ۽ پڪاري ٿي مونکي ،

گذري توبن تات ۾ هر رات آ ،
تات جا ڳاري ۽ ٻاري ٿي مونکي ،

هيءَ گهڙي آ خوب ”ساقي“ يادگار،
جام هٿ سان پيئاري ٿي مونکي ،
___________*********____________