Saturday, April 22, 2017

غزل _____ساقي ارشاد لورڙ____ تو وساريو سار ساري ٿي مونکي .

غزل ----------ساقي ارشاد لورڙ

تو وساريو سار ساري ٿي مونکي ،
سانت ۾ ڀي تات تاري ٿي مونکي ،

منتظر آهيان ڪڏهن ايندو ملڻ ،
آس آهي جا جيئاري ٿي مونکي ،

تون نه کل تنهنجي ڪنواري مرڪ ٿي،
پل جيئاري پل ۾ ماري ٿي مونکي ،

ڌار ٿي آهي جڏهن کان دلربان ،
نير هاري ۽ پڪاري ٿي مونکي ،

گذري توبن تات ۾ هر رات آ ،
تات جا ڳاري ۽ ٻاري ٿي مونکي ،

هيءَ گهڙي آ خوب ”ساقي“ يادگار،
جام هٿ سان پيئاري ٿي مونکي ،
___________*********____________

No comments:

Post a Comment