Tuesday, May 2, 2017

عباس سارنگ جون دل ۾ هنڊائڻ جهڙيون ڪهاڻيون

ڪهاڻي:
“ڳڀو ٽڪر”
عباس سارنگ
گند جي هڪ وڏي ڍير تي؛ هڪ رولو ڪتي نوس نوس پئي ڪئي......نوس ڪندي ڪندي رولو ڪتي کي هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ڪجھ پيل ملي ويو....اهو ڪجھ بچيل سچيل ماني ڳڀو هو.....رولو ڪتي پلاسٽڪ جي ٿيلهي کي وات سان کوليو ته ان ۾ ڌپ محسوس ڪري ٿيلهي کي اتي ئي ڇڏي اڳتي وڌي ويو ۽ ٻئي پاسي نوس نوس ڪرڻ لاءِ وڌي ويو.
اهو سڀ ڪجھ هڪ بکايل معصوم ٻار پئي ڏٺو ان جلدي وڃي ان ٿيلهي کي کڻي ورتو ۽ ان مان اهو ماني ڳڀو ڪڍي کائڻ لڳو ۽ رولو ڪتي کي احسانمندي مان ڏسندو رهيو.

ڪهاڻي:
“وقت جي ٻه واٽي تي بيٺل تون ۽ مان”
عباس سارنگ
هڪ وقت هو جو رڳو سندس لاءِ ئي سوچيندو هوس؛ پر هن مون کي ايتري ڪا خاص موٽ ڪڏهن ڪونه ڏني، هر لمحي کيس ساھ سان سانڍيندو پئي آيس. مون ڪڏهن به هن کان ڪجھ ڪونه گھريو هو، سواءِ مٺي محبت جي، هن ڪڏهن به منهنجو خيال نه ڪيو پر مان هن جي رضا تي ئي راضي رهيس. الائي ته ڇا هو اسان ٻنهي جي وچ ۾، هن جو مون سان ڪهڙو رشتو هو ۽ ان رشتي کي ڪهڙو نالو ڏجي ها، مون کي سمجھ ۾ ئي نٿي آيو؛ پر پوءِ مون جيئن ئي هن جي توجھ حاصل ڪئي ته مون ساڻس محبت جو اظهار ڪيو ۽ هن اهو چيو. 
“مون ته ڪڏهن ائين سوچيو به نه آهي. تون بيحد سٺو به آهين ۽ مان ته چاهيان به اهو ئي ٿي ته منهنجو مڙس صفا تو جهڙو هجي پر مان توکي پنهنجو ڀاءُ سمجھندي آهيان.” 
پوءِ مون ان جي انهيءَ موٽ ۾ کيس اهو چيو هو. 
“اها سٺي ڳالھ آهي. اهو اسان جو پهريون رشتو هو. اسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هئاسين؛ پر مان هاڻي توکي ڀيڻ جي حيثيت سان نٿو ڏسان، تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين، تون ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ ٺيڪ آهي تون مون سان شادي به نه ڪر؛ پر منهنجي محبت جي اظهار جو مثبت جواب ته ڏي نه.......!!!”
اهي ۽ اهڙا اسان جا مڪالما پاڻ ۾ هلندا رهندا هئا. اسان هڪ مهل هڪٻئي سان گڏ بيخودي منجهان ستا به هئا سين ۽ هڪ ٻئي کي خوب مٺيون به ڏنيونسين. ان سمي هوءَ اوچتو ڀڙڪو کائي اٿي هئي ۽ مسلسل روئي رهي هئي ۽ چئي ويٺي هئي.
“توبه توبه!! مون هي ڇا ڪيو، مون ته پاپ ڪري وڌو؛ تون ته منهنجو ڀاءُ آهين، يا خدا! اهو ڇا ٿي ويو؟ ڇا مان هاڻي پيٽ سان ٿي ويندس؟”
ان وقت مون کيس کلي ڪري چيو هو.
“نه....بابا....نه..... مٺين ۽ ڀاڪرن سان پيٽ ڪونه ٿيندو آهي!”
پر پوءِ به هوءَ روئيندي رهي چوڻ لڳي هئي.....
“الا! تون مون کي ڏاڍو پيارو به آهين ۽ توکان سواءِ رهي به نٿي سگهان توکانسواءِ ته مري ويندس، توکان جدائي جو تصور به نٿي ڪري سگھان؛ پر تون ته بس منهنجو ڀاءُ آهين ۽ ٻيو ڪوبه توسان رشتو نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو ٻيو رشتو جوڙيندس....!!”
مون کيس دلاسو ڏنو....
“ٺيڪ آهي....ٺيڪ آهي.... تون دل جاءِ ڪر.....۽ روئڻ بند ڪر ۽ پاڻ کي سنڀال....!!”
۽ وري پوءِ خوشي مان ڳوڙها اگھندي منهنجي ئي سيني تي اهلجي پئي....اهو هن جو رويو عجيب هو.....پيار ته ڏاڍو ٿي ڪري؛ پر صرف ڀاءُ وارو.....مون کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته آخر هوءَ محبت کان يا صرف منهنجي محبت کان الاءِ جي ڇو ڊڄي رهي هئي.....مون به آخر ماٺ اختيار ڪئي.....ڇو ته مان هن جي خوشيءَ ۾ ئي خوش هوس....
پوءِ مون ڏٺو ته محبت جي معاملي ۾ مان هن کان ڪافي اڳتي بيٺو هوس. مان عشق جي هڪ وڏي ٽاور تي روشن ستاري جيان هوس ۽ هوءَ محبت کان ڊپ جي هٿرادو ٺاهيل محل تي بيٺي  منهنجي محبت کان ڊڄي رهي هئي.....آخر اهو ايڏو وڏو فرق ۽ پير پٿون ڪندڙ پنڌ هو، جيڪو گھٽجي نه گھٽيو.....۽ هن جي پيءُ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي ته هوءَ به ڪنهن قدر ان تي خوش نظر ٿي آئي ۽ مان هن جي خوشي ۾ ئي خوش هوس.
هن جي شادي کي ڪيترا ئي سال گذري ويا ته هڪ ڏينهن مون سان ملڻ آئي. مون کي ڏسي چيائين.
“تو اڃان تائين شادي ڇو نه ڪئي آهي؟”
ان جي انهيءَ سوال تي مون کيس مسڪرائيندي چيو.
“ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان....”
تنهن تي هن منهنجي ننڌڻڪي گھر جو جائزو وٺندي چيو.
“انتظار ڪرڻ وارا پنهنجا وار چاندي ۽ پنهنجون زندگيون ختم ڪري وجهندا آهن. هڪ اڻڄاتل چاهنا جي انتظار ۾....”
هن جي ان جملي تي منهنجون اکيون آگمجي ويون ۽ نيڻن وسڻ جا ويس ڪيا ته هن پنهنجي سيني سان لائي مون کي چيو.
“تو مون لاءِ پنهنجو پاڻ کي هارائي مون کي کٽي ورتوآهي، مون کي معاف ڪري ڇڏجان.....!!!”
ايترو چئي هو مون کي پنهنجي سيني کان ڌار ڪري اکين مان سيلاب اٿلائي هلي ويئي......۽ مان ان سيلاب ۾ لڙهندو ويس پاڻي سان پاڻي ٿي ويس.....


ڪهاڻي:
“سورن لاءِ ساماڻي”
عباس سارنگ
ماءُ پئي رلي سبي ته وري جوان جماڻ ڌيءَ ويٺي سئي سان گج پئي ڀريو، جيڪوزندگيءَ جي گاڏي کي ڌڪڻ لاءِ ڪجھ اڀل پئي ٿين.......ماءُ دادان پنجاھ جي پيٽي ۾ هئي. غربت جي ڊگهي بک ڪارڻ ڍانچو ٿي ويل وجود هن جي بکن تي پاھ ٿيڻ جا دليل ڏيئي رهيو هو. ڌيءَ ڪزبانو جيڪا جوان جماڻ هجڻ سان گڏ کاڌ خوراڪ جي ڪمي جو شڪار هئي، تنهن جو جيڪو جوڀن هجڻ گھرجي ها پر ان جي ابتڙ پنهنجي وهي کي پنهنجو پاڻ اندر ئي اندرکائي رهي هئي.....گھر جو هڪ ئي مرد ڀاتي ۽ گھر جو وڏو، دادان جو مڙس فيضو، نظر جي بيحد ڪمزوري ڪري، گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو هوندو هو. بس جي رهيو هو ۽ ڇنگن جي مٺ ٿي ويل پنهنجا آخري پساھ ڳڻي رهيو هو.
هن دور ۾ پنهنجا ته ٺهيو پر پاڙي وارا ڪٿي ٿا ايترو خيال ڪن........زماني جي گردش ۾ هرڪو ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي، جو ڪوبه ڪنهن جي سار ڪونه ٿو لهي. ڌيءَ ڪزبانو جا شروع ۾ ته ڪجھ رشتا آيا، پر ان وقت کين ڪو رشتو ڀلو نه لڳو هو، پر هاڻي ته ڪو رشتو اچي ئي ڪونه ٿو. ڪزبانو جي رشتي اڳيان غربت جي هڪ وڏي ديوار هجڻ ڪري سندس رشتي گھرڻ جي ڪو ڪوشش ڪري ئي نٿو.....
دادان رلي تي گلن کي جو ٽاڪڻ لڳي ته هڪ گيچ زبان تي تري آيس ‘قسمت جي لڪيرن ۾ رڳو درد لکيل آهن’ ۽ ڳيچ چوندي چوندي اکيون پنهنجون پاڻ پسي پيس ته پنهنجي پوئتي سان اگهندي به رهي ته سڏڪندي به رهي. 
دادان ۽ ڪزبانو ڏسڻ ۾ ته رلي ۽ گج سبي رهيون هيون پر اصل ۾ هو ٻئي گڏجي رلي ۽ گج تي پنهنجا پنهنجا سور سبي رهيون هيون.




ڪهاڻي:
“ڪاوڙ”
عباس سارنگ
مولا بخش کي ڳوٺ جي هوٽل تي ولوءَ طعنو هنيو، ”يار مولا بخش! تون هوٽل تي ته وڏا شهپر ٺاهيون ويٺو آهين، پنهنجي زال جا پرڪار به ڏٺا اٿئي، ته زمين تي ڪهڙيون ٿي پوکون ڪري....!“
مولا بخش اهو جو ٻڌو ته ڪن ڳاڙها ٿي ويس، ٽوپيءَ کي نراڙ تان ٿورو مٿي ڪري، سٽ ڏئي اٿيو ۽ گهران دونالي بندوق کڻي، تڪڙو تڪڙو زمين ڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي زمين تي پهتو ڏٺائين ته سندس زال لوسڻ لڻي رهي هئي. مولا بخش اهو جو ڏٺو ته سندس کوکلي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. پنهنجي سٻاجهي، محنت ڪش ۽ هڏڏوکي زال تي واهيات ولوءَ جي طعني تي بندوق تاڻي آيو هو ۽ ان ڳالهه تي کيس پاڻ تي ڏاڍا جڪ ٿي آيا. مولا بخش بندوق کي اتي ئي ڦٽو ڪري، پنهنجي زال کان ڏاٽو وٺي پاڻ لوسڻ لڻڻ ۾ لڳي ويو.

ڪهاڻي:
“زبان”
عباس سارنگ
هن جا چپ ماٺ هئا.... ائين به نه هو ته هن جا چپ سبيل هئا.... ائين به نه هو ته ڪنهن هن جي چپن تي بندش وڌي هئي.... ائين به نه هو ته ڪنهن جو زور بار هئس.... ائين به نه هو ته ڪنهن مٿس جبر ڪيو هو ته پنهنجا چپ نه کولجانءِ.... ائين به نه هو ته ڪو ڄائي ڄم کان گونگو هو.... !!! پر هن کي خبر پئجي وئي هئي ته هن جڏهن به ڳالهايو ته پوءِ سڀ ڪجهه ڊهي پوندو، هر شيءِ ٻري سڙي ويندي.... انهي راز جي خبر سرڪار کي پئجي وئي، تنهن حڪمت عملي ڪري هن جي زبان ئي ڪٽرائي ڪري زمين تي پوري ڇڏي ۽ سرڪار مطمئين ٿي وئي ته سڀ ڪجهه ٻرڻ ۽ سڙڻ کان بچي ويو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان زمين مان الائي ڪيتريون زبانون اُسري آيون.

ڪهاڻي:
“ڌماڪو”
عباس سارنگ
لطيف سائين فقيرن کان تنبوري جي تان تي راڳ ٻڌي رهيو آهي. فقير راڳ آلاپڻ ۾ مست آهن ۽ لطيف سائين پوري ڌيان ۽ گيان سان، پوري لطف ۽ قرار سان راڳ ٻڌي رهيو آهي. راڳ ڳائڻ وارا فقير ۽ ٻڌڻ وارو لطيف سائين راڳ مان پوري جو پور مزو ماڻي رهيا آهن. اوچتو متل محفل ۾ خودڪش ڌماڪو ٿئي ٿو. سنڌ ڌرتي جي تنبوري جون سڀئي تارون ٽٽي پون ٿيون.







ڪهاڻي:
“شميءَ جو پيار”
عباس سارنگ
شمي هڪ اهڙي ڇوڪري هئي؛ جنهن سان مان سڄي زندگي پيار ڪندو رهيس ۽ شمي منهنجو اهو پيار هئي، جيڪا سڄي زندگي مون سان هر روپ ۽ رنگ ۾ نفرت ڪندي رهي. هاڻي جڏهن اسان ٻئي زندگيءَ جو ڪافي وقت گذاري آيا آهيون ۽ هڪٻئي سامهون ويٺا آهيون ۽ کيس پنهنجي پراڻي پيار جو ٻڌايم ته موٽ ۾ هن پنهنجي نفرت جو ذڪر ڪڍيو بس پوءِ الاءِ ڇو هڪ ٻئي سامهون بي انتها مسڪرائيندي مسڪرائيندي بي انتها روئي ويٺاسون.

ڪهاڻي:
“الا مان اڏري ويندوسانءِ”
عباس سارنگ
پيار جي شادي کي اهي ڪي مس ڇھ مهينا ٿيندس، ڏاڍو خوش هو، جيون جو لطف وٺڻ ۾ هاڻي ئي مزو آيو هوس، هر وقت گلن تي مرڪ ۽ چپن تي خوشي جا ڳيچ هيس، اندران ۽ ٻاهران ڏاڍو خوش هو، دل جو دلبر جو مليو هوس، پوءِ ڇونه خوش هجي ها.....
پنهنجن دوستن سان گڏ هوٽل تي چانھ پي رهيو هو، اوچتو مٿي ۾ برسٽ لڳس، ميڄالو بينچن تي ويٺل دوستن تي ڪريو ۽ برسٽ هلائيندڙ اهو چئي روانو ٿي ويا.
“خبردار! هي اسان جو ڪارو هو....ڪوبه اڳتي نه وڌي.......!!

ڪهاڻي:
“ڄمي ويل خواب”
عباس سارنگ
ثمينه رات جيڪي ٻه خواب ڏٺا، اهي خواب هن تڪڙ ۾ فرج منجھ رکي ڇڏيا، جيئن تازا رهن، جيئن گرمي جي ڪري رجي نه وڃن ۽ ڪنهن کي به ٻڌائي ته تازا ئي رهن، منجھند جو ثمينه جي ساهيڙي پري ساڻس ملڻ جو آئي ته ثمينه کيس پنهنجا خواب ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ٿي چاهيا، ثمينه جيئن ئي فرج کولي خوابن کي جو ڏٺو ته سندس ٻئي ڏٺل خواب برف ٿي ڄمي چڪا هئا، ثمينه ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن خوابن کي فرج مان ڪڍي پنهنجي ساهيڙي پري کي ڏيکاري، پر ناڪام رهي ۽ پنهنجي برف ٿي ڄمي ويل خوابن تي حيران رهجي ويئي ۽ پنهنجي ساهيڙي کي خواب ٻڌائڻ کان رهجي ويئي.

ڪهاڻي:
“مٺي چانھ”

عباس سارنگ

“ اڄ ٻوڙ ۾ مرچ گھڻا ڇو هئا؟ توکي ته خبر آهي نه؛ ته گھڻا مرچ کائڻ سان معدو خراب ٿي پوندو آهي. ڪالھوڪي ٻوڙ ۾ وري لوڻ گھڻو هو ۽ پوءِ توکي ڇا چيو هوم ته گھڻي لوڻ کائڻ سان رت جو داٻ وڌي ويندو آهي، ان سان دل جي دوري پوڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن ۽ دماغ جي رڳ به ڦاٽي سگھي ٿي.”
کيس زال ٻڌندي رهي جيڪا چانھ ٺاهي کڻي آئي هئي. هن چانھ جو ڍڪ ڇا ڀريو وري تپي باھ ٿي ويو چوڻ لڳو.
“ايڏي کنڊ.....!!! ڇو توکي خبر نه آهي ڇا ته مان ايتري مٺي چانھ ڪونه پئندو آهيان، مٺي چانھ پيئڻ سان مٺن پيشابن جي بيماري ٿيڻ جو بيحد خطرو هوندو آهي، تون ائين روز روز ڇو ٿي ڪرين مون کي ٻڌاءِ....!!”
سندس زال پورن پنڌرنهن سالن کان مسلسل هر روز اهو جبر سهي رهي هئي نيٺ اڄ چئي ويٺي.
“تون ته روز روز چوين ٿو؛ پر مان سمجھان ٿي تون هاڻي ڪنهن سٺي نفسيات جي ويڄ سان مل ۽ اهو ئي توکي انهن سوالن جا ڪي بهتر ۽ ٺيڪ جواب ڏيئي سگھي ٿو.”
ايترو چئي هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري  ويئي ۽ هي مٺي چانھ کي گھوريندو رهيو....

ڪهاڻي:
“ سوالن جو ڪوڏيو ”

    عباس سارنگ


هو، هن کي مُنجھائڻ لاءِ هڪ ساهي ۾ هن کان چار پنج سوال ڪري ويو ته موٽ ۾ هي رڳو منهن ۾ ڏسندو ئي رهيس ۽ پوءِ پنهنجو چهرو آسمان طرف ڪري ڀڄندڙ بادلن کي ڏسندي چوڻ لڳو.
“تنهنجن انهن سمورن سوالن جا جواب مون وٽ آهن؛ پر توکي منهنجن انهن جوابن تي ڪڏهن به يقين نه ايندو.... ان ڪري جو تون هاڻي حقيقت پسند نه رهيو آهين ......!”
هن جي ايتري چوڻ تي هو مٿس بيحد چڙي پيو ۽ هڪ گار تي ٻئي گار ٿي ڏنائينس ۽ هي هن جون اهي گاريون ٻڌي مرڪڻ لڳو ۽ اهو چئي اڳتي وڌي ويو.
“ان ڪري ئي هاڻي مان تونسان بحث نه ڪندو آهيان......!!”






عباس سارنگ جون نڪور ڪهاڻيو

 ڪهاڻي:
“روحاني بابا”
عباس سارنگ
ڪراچي کان موٽ تي روهڙي وٽ ياد آيو ته پاڻ سان گڏ جيڪو گل محمد ڪلرڪي ڪندو هو جنهن کي اسان سڀئي پيار مان گُلو گُلو سڏيندا هئا سين هتي روهڙي ۾ ڪنهن پير تي “روحاني بابا” ٿي ويٺو آهي ڇو نه اڄ ساڻس ملجي....ٽئي دوست پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس هلي وڃڻ جو سوچيو سين.....اسان ٽئي دوست پير تي پهچي ٿوري جاچ ڪئي سي ته اسان وارو يار گل محمد عرف گلو پر اڄ جو روحاني بابا جلدي ملي ويو.....
پير تان ئي خبر پئي ته روحاني بابا پنهنجي ڪمري ۾ روحاني فيض ڏيئي رهيو هو. اسان به ٽئي دوست ان ڪمري ۾ داخل ٿياسون ته اسان وارو سابقه يار ۽ اڄ جو روحاني بابا روحاني فيض ڏيڻ ۾ لڳو پيو هو. اسان ڏٺوسون ته ڪجھ مڙد ۽ ڪجھ عورتون روحاني بابا جي اڳيان وڏي عقيدت ۽ احترام سان ويٺا هئا. روحاني بابا جي اوچتو جئين ئي اسان تي نظر پئي ته سندس ٻئي اکيون هڪ سمي لاءِ اسان تي ٽڪ ڄمائي بيهي رهيون.....۽ پوءِ جلدي سمجھي ويو ۽ سامهون ويٺل عقيدتمندن کي چيائين.
“بابا! هاڻي توهان وڃون منهنجا ٻيا عقيدتمند پري کان آيا آهن......”
ايتري چوڻ تي ساڳيا عقيدتمند وڏي احترام ۽ تعزيم سان سندس اڳيان اٿي ويا ته وري اسان اهڙي ئي عقيدت سان روحاني بابا جي اڳيان ويٺا سين. روحاني بابا پنهنجي چيلي کي چانھ آڻڻ لاءِ چيو. سندس چيلو جئين ئي چانھ لاءِ ويو ته هن اسان کي چيو.
“اڙي ظالمو! ڪئين آهيو ۽ ڪئين آيا آهيو...!!؟؟”
“اسان ٺيڪ آهيون....تون چوندو هئين ته روحاني بابا ٿيندس سو ٿي وئين....؟”
“ ها يارو! ڪلرڪي ۾ ڪيستائين ذليل ٿيان ها....هتي ته ڪابه محنت نٿي ڪرڻي پوي. هتي هرڪو پنهنجو پاڻ اچي ٿو، جنهن جو ڪم نٿو ٿئي ته اهو نٿو اچي، باقي جنهن جو ڪم ٿي وڃي ٿو ته اهو ٻه چار پاڻ سان گڏ ضرور وٺي اچي ٿو....الله سائين جو شڪر لڳو پيو آهي....”
روحاني بابا گل محمد عرف گلو ڳالهائي رهيو هو ته مون سندس ڀڪ ۾ رکيل پيالي تي وڌي جنهن ۾ ڪجھ تعويذ ۽ ڪارا ڌاڳا پيل هئا......هن وڌيڪ ٻڌايو ته
“هتي مون کان ڪنهن اهو به نه پڇيو آهي ته توهان ڪير آهيو ڪٿان آيا آهيو.....بس مون ’روحاني بابا‘ جو دڪان لڳايو ته هلي پيو.....توهان ٻڌايو توهان اڃان ڪلرڪي ۾ لڳا پيا آهيو؟”
اسان روحاني بابا کي ها ڪئي ته چوڻ لڳو.
“هاڻي جلدي چانھ پيو ۽ وڌيڪ ماني کائو ته مان حاضر آهيان نه ته منهنجي گراهڪي خراب نه ڪيو چانھ پي جلدي نيڪال ڪيو.”
پوءِ اسان چانھ پي روحاني بابا جي گراهڪي جو خيال ڪندي سندس ڪمري مان نڪري آياسين ۽ رستي ۾ هرڪو پاڻ کي روحاني بابا ٿيڻ جو ۽ مناسب اڏو ڳولهڻ جو سوچڻ لڳو.

ڪهاڻي:
خالي آکيرو
عباس سارنگ

هڪ ڳوٺ جي ڀر واري جهنگ ۾ جهرڪ ۽ جهرڪي پنهنجو نئون آکيرو جوڙي رهيا هئا. ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي وڃي ڪٿان ڪک ته ڪٿان پن کڻي ٿي آيا ۽ آکيري ۾ ٿي لڳايائون. آکيري ٺاهڻ سان گڏ سندن موج مستي به اوج تي هئي ۽ آکيري جو ڪم به تيزي سان جاري هو نيٺ سندن محنت سان آکيرو به جڙي راس ٿي ويو.
هڪ رات اوچتو ڏاڍي برسات وٺي ته ٻئي آکيري ۾ لڪي ويهي رهيا پر برسات بس ٿيڻ جو نانءُ نٿي ورتو، سندن سموري جو سمورو آکيرو پسي ويو هو، پر هي ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجن پنهنجن پرن ۾ لڪائي ويٺا هئا.
نيٺ صبح ٿيو ٻئي آکيري مان نڪري آيا ۽ سج به نڪري آيو هو. ٻنهي پئي اُس جو مٺڙو مٺڙو مزو پئي ورتو ته اوچتو هيٺيان کان هڪ شڪاري گليل جو سڌو وار جھرڪيءَ تي ڪيو جيڪو کيس وڃي سيني ۾ لڳو جيڪا اُتان ٻٽڪو کائيندي سڌو اچي زمين تي ڪري شڪاري هڪدم کيسي ۾ تکو چاڪو ڪڍي کيس حلال ڪيو جھٽ پٽ ۾ جيئري جاڳندي جھرڪي شڪاريءَ جي ٿيلهيءَ ۾ هلي ويئي ۽ جهرڪ کيس ڳولهيندو رهجي ويو ۽ شڪاري ٻئي شڪار جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ويو.

ڪهاڻي:
“چانڊوڪيءَ ۾ ڏنل آخري چمي”
عباس سارنگ
ياد اچي رهيون آهن توسان گھاريل راتيون.......اکين ئي اکين ۾ ۾ التجائون، قرب ڀريا ڀاڪر، چپن تان چميون، اکين تان چميون، پيشاني تان چميون، ڪنن جي پاپڙين تان چميون، موٽ ۾ ساڳئي وارتا مون سان تنهنجي ۽ تنهنجا هٿ منهنجي سيني جي وارن جي گھٽين ۾ گھمي رهيا هئا جيڪي اوپرا نه رهيا هئا ۽ وري منهنجا هٿ تنهنجي جسم جي سمورين لاهين چاڙهين کان واقف.......اُف...... اهي راتيون ايترو جلدي گذري وينديون!!! عجب ٿو لڳي مونکي ته مان تنهنجي دل ۽ دماغ تان ائين ميسارجي ويس، جئين ننڍڙو ٻار پنهنجي اسڪول جي پٽي کي ٻئي مشق لکڻ لاءِ ميساري وٺندو آهي.


ڪهاڻي:
“آسيس”
عباس سارنگ
چاچو ڌڻي بخش پُراڻي دور جو ماڻهو، مٿي تي جوانيءَ وارو پٽڪو سجايل، اکين ۾ سرمو پاتل، شانائيتا شهپر ۽ هلڪي سونهاري جيڪا ڪاري رنگ سان سينگاريل جنهن تي هلڪو تيل جو مکُ ڏنل، اڇي پوشاڪ سان گڏ ڪلهن تي اجرڪ پاتل، پنهنجي دور جو ڀلو وقت گذاري آيل ماڻهو. کيس اڄوڪي دور جي ماڻهوءَ جي ڪابه چالاڪي نه ايندڙ. هن دور ۾ هن جي گذاري آيل دور جو گھڻو تُڻو اُهڃاڻ ڪونه بچيو هو. حال احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ واري ختم ٿي ويل رسم کان وٺي ڄڻ ته سموري جا سمورا قدر مٽجي ويل.
ان جي باوجود  چاچي ڌڻي بخش جي ڪوشش هوندي هئي ته جنهن سان به ملندو هو ته  خير عافيت پڇڻ کان پوءِ ان کي حال احوال ڏيڻ لاءِ چوندو هو، پر موٽ ۾ خوش خيريت کان اڳتي ڪا به واٽ نه ملندي هُيس ته ملول ٿي ويندو هو. ڳوٺان وڏي سڪ سان پنهنجن ڀائيٽن وٽ شهر ايندو هو ته کيس ڀائٽا ۽ ٻيا گھر ڀاتي هٿ ته ضرور ملايندا هئا، پر ساڻس حال احوال ڪوبه ڪونه ڪندو هو. سندس مرضي هوندي هئي ته ڪجھ ڏينهن ڀائٽن وٽ شهر ۾ رهي پر سوڙهي جڳھ ۽ گرمي سندس ساھ سڪائي ڇڏيندي هئي ته هڪ رات مس ئي رهي واپسي ڪندو هو.
هڪ ڀيري ائين ئي کيس ڀائيٽن وٽ وڃڻ جي سڪ ستايو ته اچي شهر پهتو. ساڳئي طرح گھر وارن هٿ ملايس ۽ ساڳئي حالت ٿيس. ٻئي ڏينهن تي ئي ڳوٺ ڏانهن ورڻ جو سوچي ويٺو ۽ ڀائٽن جي گھران جئين ئي نڪري رهيو هو ته پٺيان گھر وارن پاڻ ۾ سس پس پئي ڪئي ته 
“الائي ڪڏهن جان ڇٽندي هر سال ڀڄندو اچي ٿو، مري به نٿو؛ ته جند ئي ڇٽي پوي جڏهن به اچي ٿو ته پريشان ڪري هليو وڃي ٿو......”
اِها سُس پُس جو ٻڌائين ته پوئتي ورائي به نه ڏٺائين ۽ گھر جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ پنهنجي پٽڪي  جي پَلوَ سان ڳُوڙها اُگھندو پنهنجي ڳوٺ موٽيو..

ڪهاڻي:
“ٻھ روپيو”
عباس سارنگ
هڪ ڀيڻ سان پيار جو پرڻو ڪيائين، ٻنهي جو فوٽو اخبار ۾ لڳو ٻئي مسڪرائي رهيا هئا. سال کان پوءِ ڀاڳ ڀري پياري ڌيءَ ڄاون. ٺيڪ ٻن مهينن کان پوءِ پنهنجي انهيءَ پريمڪا زال کي اوچتو طلاق ڏيئي پنهنجي خوبصورت سالي کي ڀڄائي وڃي پيار جو پرڻو ڪيائين ۽ سندن پيار جي پرڻي جو فوٽو ٻيهر اخبار ۾ لڳو فوٽو ۾ ٻئي پريمي زال مڙس مسڪرائي رهيا هئا. اهو فوٽو ڏسي سندس پهرين پريمڪا روئي رهي هئي..

ڪهاڻي:
زندگي خالي پنو
عباس سارنگ
زندگي جي ان ڏاڪي تي پير رکيو اٿم، جنهن ڏاڪي تي پاڻ سان جڙيل سچايون، حقيقتون بيان ڪجن، اچتو ڪنهن محبوب دوست جي اسرار تي ۽ پنهنجي اندر کي به پاڻ سان ان ڳالھ تي پرچائي ويٺس ته زندگي جي حاصل توڙي لا حاصل تي، پنهنجي جيون ۾ آيل ڪڙي سچ، مٺي مرڪ ۽ روئيندڙ آلين اکين جي بيوسي تي لکجي، انهن راتين ۽ ڏينهن تي لکجي جيڪي ڪڏهن جيل ۾ ٿي گذريا ته ڪڏهن محبوب جي مٺي مرڪ جي سحر ۾ سمائيجي ٿي گذريا، انهن بي ڌڙڪ ڀاڪرن تي لکجي جن جيئڻ جو حوصلو ڏنو، دوستن جي روسامن، پرچڻ ۽ روئي روئي پرچائڻ تي لکجي.
اڄ پڪو پھ ڪري پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ صبح جو رجسٽر وٺي آيم ۽ اچي ڪمري ۾ رکيم شام جو گھمي ڦري واپس وريم ته رجسٽر پنهنجي جاءِ تان گم هو ڪمري ۾ ڏاڍو ڳولهيم پر رجسٽر نه لڀڻو هو سو نه لڀيو. ڪمري کان ٻاهر نڪري گھر جي وڏن گھرن ڀاتين کان پڇا ڪيم؛ پر ڪنهن کي ڪابه خبر ڪونه هئي. مون کي بلڪل عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته آخر رجسٽر ڪير کڻي ويو!!؟ منهنجو ذهن ڪجھ منتشر، ڪجھ ڪاوڙ ۽ ڪجھ ڪروڌ ۾ گھيرجي ويو هو. رجسٽر جي گم ٿيڻ تي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ سمورا خيال ڄڻ ته برف جيان ڳرندا ٿي ويا....
ائين ئي رجسٽر جي سوچ ۾ هيم۽ ڀايم پئي ته رجسٽر جي گم ٿيڻ سان ڄڻ منهنجي سموري جيون ڪٿا گم ٿي ويئي هجي. پاسو ورائي مس ستس ته منهنجو اٺن سالن جو پوٽو سنگھار انهيءَ گم ٿي ويل رجسٽر سان گڏ منهنجي ڪمري ۾ گھڙي آيو ۽ پنهنجي معصوميت سان چوڻ لڳو.
“ڏاڏا سائين! هي وٺو پنهنجو رجسٽر هن تي مون پنهنجي ۽ توهان جي تصوير ٺاهي آهي ڏسو ڏسو.....!!!”
مون ننڍڙي سنگهار کان رجسٽر وٺي جو ڏٺو ته پهرين پني تي سنگهار هڪ ٻار جي تصوير ٺاهي هئي جنهن کي هو پنهنجي تصوير سڏي رهيو هو ۽ آخري پني تي هڪ پوڙهي جي تصوير هئي جنهن کي هو منهنجي تصوير سڏي رهيو هو.
مون هڪدم کيس پنهنجي سيني سان لاتو ۽ چيم،
“اڙي يار سنگھار! تو ته منهنجي سموري زندگي جي آتم ڪٿا لکي به ڇڏي....اول ۾ تون منهنجي ننڍپڻ جي روپ ۾ ۽ آخر ۾ مان پنهنجي هن روپ ۾...... باقي زندگي جا ٻيا ڏينهن خالي پنا ئي ته آهن جيڪي پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان ٺهندا رهيا ۽ ڊهندا رهيا.....”  


۽ گم ٿي ويل رجسٽر جو ڏک ختم ٿي ويو..............


Monday, May 1, 2017

اعجاز شا.جي شاعري

اعجاز شا  جي شاعري 
                     
                            غزل

 ڪـــير دل جون حــالتون پڌريون ڪري
آرسي تي عادتــــــــــون پڌريون ڪـــري

 مان محبت جو ڪـــريان پرچـــــــــار ٿو ،
 لوڪ پنهنجون طاقتــــون پڌريون ڪري ،

 ڪــــــون نيڻن کي جهلي آ هو ســـــگهي ،
 نيٺ وئي سڀ تهمتـــــون پڌريون ڪري .

هو ڀنل آهي اڇــــــــي جـــــوڙي ۾ ، ڄڻ ،
 آســـــــمان پيو آيتـــــون پڌريون ڪــري ،

زندگــــــــــــي جي ڪن ۾ تنهنجون امان ،
 هـــــــــــر ڦڙو پيو پارتون پڌريون ڪري ،

 سي وري واپس وريـون ئي ڪون جيئن ،
 موســـمون وئين چار تون پڌريون ڪري.

پو ڪــــريان پنهنجي به نالي ٻه گهڙيون ،
 بس دنيا جي محبتون پڌريون ڪــــــري ،

               ڪويتا

ڪهڙا خواب وهاڻي هيٺان رکجن ؟
۽ ڪهڙا اکين ۾ ؟
منهنجي ننڊ جي بستر جا گُهنج
تنهنجين هٿن جي لڪيرن ۾
ڪنهن پاميسٽ ڏٺا ئي ڪون !
ستارن کان رات جو پتو پڇي ڏين ها
ته آئون سج سرچائي ٿي سگهيس
چنڊ سڄو مهينو
ڪڏھن ڀري ڪڏھن ڀاڪر ۾ !!
تون ڪهڙي صبح چيو هو ؟
مون وٽ هر شي جو اميج
تجريدي ٿي ويو آهي
مون معنائن کي
لفظن جي قيد مان ڪڍي ورتو آهي
تون منهنجو بستر سڌو ڪري
پنهنجا خواب وهاڻي هيٺيان رکي وڃ
ته آئون تنهنجي هٿن جون لڪيرون
اکين جي ترين تي ڪڍي
خوابن جا اسڪيچ ٺاهيان !!

             ڪويتا

هُو حيوان جو اُهو نسل آهي
جنهن هر دور ۾
انسانن ۽ انسانيت جي لهُو سان
مٽي سرخ ڪئي آهي

هُو ڇتَي ڪتَي جي
گَگ مان پيدا ٿيل نسل
زندگي جَي لاچارگِي تي
موت جي رقص تخليق ڪري
واڇُن مان رت ڳاڙيندو آهي !!

هن جو مڪروه چهرو
هن جي ذهني گٽر جي گندگي
جو نتيجو آهي !!
هن جِي حرام ٻولي
ھنجي غرور جي
غلاظت جي پيداوار آهي !!
۽ هن جي غلبي جي خواهش
هن جي احساس برتري جي
اوور پروڊڪشننگ آهي !!

هو جاهل آهي جاهل …!!
هن جو عام ڪم
شيطان کي خوار ڪري
الله جي نالي تي
رت وهائڻ آهي …!!!

غزل

اُن ڪَري ٿِي ھر نظر پنھنجو ڪري
ٿا جیئون سارَو نگر پنھنجو ڪري

ڏور آ پنھنجَي ھٿن ۾ ھُن رکِي
ڪون ٿو مونکي مگر پنھنجو ڪري

جو حقیقت کان پرَی جو خیال آ
سو نٿو مون تي اثر پنھنجو ڪري

زندگي ھڪ آسري تي پئِي ھلَي
ڪا گھڙِي بس ڪارگر پنھنجو ڪري

ڏي پرایو ئي رھڻ ٿورو نہ ڪر
یا پری ویندِي نہ ڪر پنھنجو ڪري

رد عقل ئي ڪرڻ ھن ٿَي گُھریو
پر عقل زَیر و زبر پنھنجو ڪري

                 غزل

ڪیترو تنھا گذاري ٿو سگھي
آدمي ڇا ڇا وساري ٿو سگھي

ڪون ھُن سان ھوش ۾ ڳالھائبو
ھوش دل جي باھ ٺارَي ٿو سگھي

ڪنھنجي ڳوڙھن جو سبب بٹجِي ڪڏھن
مینھن بہ ڪنھنجِي مُرڪ وارَي ٿو سگھي

ڪلھ اِھو ھُئي روشني آئي چوڻ
ھي انڌیرو ٺُپ مارَي ٿو سگھي

ڪو سَریڪي زِندگي گھارَي بہ ڪِیئن؟،
 بورِیت ڪو ڪِیئن تہ ڌاري ٿو سگھي

آھي مُمڪن جي ڀلائڻ ھُو تہ پو ،
ساھ ڀي اَچ وَڃ وساري ٿو سگھي

 غــــــزل

اکين تُنھنجِين اَثر اوتيا، حــــــــــــياتي رنگ پئِي آڇي ،
 وري دل عاشقي ارپَي ، نوان ڪــــــــي دنگ پئي آڇي

ڏئي آڱر ڏندن وچ ۾ چـــــــــــــري مون ڏي نھارين ٿي ،
ائين ڄـــڻ ڪا حسين نانگڻ جوڳِي کي ڏنگ پئي آڇي

مِٺي معصوم جـــــــــــــــذبن تان رئَو ئي مس ھٽايو آ ،
 وجھِي ڄڻ واڳ رولاڪــــــن چڱا ڪي ڍنگ پئي آڇي

اسان چاھيو ڪــــــڏھن ناھي حياتي جي طوالـت کي ،
 ائين نه ٿَي ته کٽ آخـــــــــر جسم کي زنگ پئي آڇي

صـــدين کان مان سماعت کان وتس محروم ٿيو رلندو ،
 چـپن تي نانء منھنجو آيس ھوا ڄڻ چنگ پئي آڇي

ٿيو ٻاروتڻَي ۾ ئي وڃن ســــــــــوچون صفا پوڙھيون 
 ھـــــــــــــتي غُربت پساھن کي اگھاڙِي کنگھ پئي آڇي

ھِتي جَلوو به جاري آ مگر مُوسىٰ ڪــــــــــــــِريو ناھي ،
 نظر ٿِي طُور چاھــــــــــــــــت­ کي نئين اُمنگ پئي آڇي


















پورهيت کان ڪروڙ پتي تائين


پورهيت کان ڪڙوڙ پتي تائين
راجا حنيف
پورهيت  جو پٽ به ظاهري آ پورهيت  ئي ٿيندو آ ۔ آء به هڪ پورهيت جو پٽ هيس ء پنج درجا ڳوت واري اسڪول ۾ ئي پڙهيو هيس جڏهن آء وڏو ٿيس ته بابا سان گڏ پورهئي  ڪرڻ جو خيال آيو ء پو ان سان گڏ فيڪٽري تي گڏ وڃڻ شروع ڪيم وقت سان گڎ ڪم به سکيم پنج درجا پڙهيل هيم ته تنهن ڪري پاڻ کي ٻين پورهيتن کان وڌيك سمجهيم۔پو ڪم ڪرڻ بجاء ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيم ء پورهيت به مون کي هوشيار سمجهي ها م ها ملائڻ لڳا ته پو دل م پورهيتن کي حق  وتهي ڏيڻ جو خيال آيو ء پورهيتن جي تنظيم بنائي پاڻ کي ان جو صدر چونڊي ويهي رهيس۔ پو ته منهنجا عيش ٿيڻ شروع ٿيا منهنجي ڊيوٽي معاف ء پگهار ٻيڻي ٿيڻ لڳي پورهيت به مون کي موتبر سمجهڻ لڳا هئا ان ڪري منهنجي حفاظت لا پروٽوڪول ڏيڻ شروع ڪيائون ء هاڻ منهنجي قسمت بدلجڻ لڳي ء مان وڏي ڳالهه ٿيڻ لڳس رات جي ماني فيڪٽري جي ميس تان ملڻ لڳي ء  پورهيتن جي ڀلائي خاطر پورهيتن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري مون کي A.Cواري گاڏي  به وتهي ڏيڻ جي آفر ٿي جيڪا مون پورهيتن جي ڀلائي خاطر انڪار نه ڪري سگهيس ۔پوء ڇا ٿيو پورهيت پورهيو ڪندا رهيا ء آء پورهيت اڳواڻ سردار سڏجڻ لڳس۔منهنجا پوسٽر ڇپيا ء ڀتين تي لڳا پو ته ڳوته جي وڏيري وٽ به عزت ٿيڻ لڳي پو پورهيتن جي حقن لاء ڌرڻا مظاهرا ء ڪم ڇڏ هڙتالون منهنجي لاء  ATM واري مشين ثابت ٿيڻ لڳيون پورهيتن جي مظاهرن م هجڻ ڪري تاريخ تي تاريخ پگهار مان ڪٽوتي ٿيڻ لڳي ءمنهنجي دٻاء جي ڪري منهنجيٰ ٰ ٰ چارج ٰ ٰٰٰ  ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ء اهو ٿيو جو پورهيتن کي مجبوريون سبب حق ته نه وتهي ڏئي سگهينم پران ئي پورهيتن جي پورهئي سچائي جي ڪري پورهيت
مان ڪڙوڙ پتي بڻجي پيس ء هاڻي به منهنجا دروازا غريب ء پورهيت کان سواء هر ڪنهن جي لا کليل آهن

ساقي ارشاد لورڙ