Tuesday, May 2, 2017

عباس سارنگ جون دل ۾ هنڊائڻ جهڙيون ڪهاڻيون

ڪهاڻي:
“ڳڀو ٽڪر”
عباس سارنگ
گند جي هڪ وڏي ڍير تي؛ هڪ رولو ڪتي نوس نوس پئي ڪئي......نوس ڪندي ڪندي رولو ڪتي کي هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ڪجھ پيل ملي ويو....اهو ڪجھ بچيل سچيل ماني ڳڀو هو.....رولو ڪتي پلاسٽڪ جي ٿيلهي کي وات سان کوليو ته ان ۾ ڌپ محسوس ڪري ٿيلهي کي اتي ئي ڇڏي اڳتي وڌي ويو ۽ ٻئي پاسي نوس نوس ڪرڻ لاءِ وڌي ويو.
اهو سڀ ڪجھ هڪ بکايل معصوم ٻار پئي ڏٺو ان جلدي وڃي ان ٿيلهي کي کڻي ورتو ۽ ان مان اهو ماني ڳڀو ڪڍي کائڻ لڳو ۽ رولو ڪتي کي احسانمندي مان ڏسندو رهيو.

ڪهاڻي:
“وقت جي ٻه واٽي تي بيٺل تون ۽ مان”
عباس سارنگ
هڪ وقت هو جو رڳو سندس لاءِ ئي سوچيندو هوس؛ پر هن مون کي ايتري ڪا خاص موٽ ڪڏهن ڪونه ڏني، هر لمحي کيس ساھ سان سانڍيندو پئي آيس. مون ڪڏهن به هن کان ڪجھ ڪونه گھريو هو، سواءِ مٺي محبت جي، هن ڪڏهن به منهنجو خيال نه ڪيو پر مان هن جي رضا تي ئي راضي رهيس. الائي ته ڇا هو اسان ٻنهي جي وچ ۾، هن جو مون سان ڪهڙو رشتو هو ۽ ان رشتي کي ڪهڙو نالو ڏجي ها، مون کي سمجھ ۾ ئي نٿي آيو؛ پر پوءِ مون جيئن ئي هن جي توجھ حاصل ڪئي ته مون ساڻس محبت جو اظهار ڪيو ۽ هن اهو چيو. 
“مون ته ڪڏهن ائين سوچيو به نه آهي. تون بيحد سٺو به آهين ۽ مان ته چاهيان به اهو ئي ٿي ته منهنجو مڙس صفا تو جهڙو هجي پر مان توکي پنهنجو ڀاءُ سمجھندي آهيان.” 
پوءِ مون ان جي انهيءَ موٽ ۾ کيس اهو چيو هو. 
“اها سٺي ڳالھ آهي. اهو اسان جو پهريون رشتو هو. اسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هئاسين؛ پر مان هاڻي توکي ڀيڻ جي حيثيت سان نٿو ڏسان، تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين، تون ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ ٺيڪ آهي تون مون سان شادي به نه ڪر؛ پر منهنجي محبت جي اظهار جو مثبت جواب ته ڏي نه.......!!!”
اهي ۽ اهڙا اسان جا مڪالما پاڻ ۾ هلندا رهندا هئا. اسان هڪ مهل هڪٻئي سان گڏ بيخودي منجهان ستا به هئا سين ۽ هڪ ٻئي کي خوب مٺيون به ڏنيونسين. ان سمي هوءَ اوچتو ڀڙڪو کائي اٿي هئي ۽ مسلسل روئي رهي هئي ۽ چئي ويٺي هئي.
“توبه توبه!! مون هي ڇا ڪيو، مون ته پاپ ڪري وڌو؛ تون ته منهنجو ڀاءُ آهين، يا خدا! اهو ڇا ٿي ويو؟ ڇا مان هاڻي پيٽ سان ٿي ويندس؟”
ان وقت مون کيس کلي ڪري چيو هو.
“نه....بابا....نه..... مٺين ۽ ڀاڪرن سان پيٽ ڪونه ٿيندو آهي!”
پر پوءِ به هوءَ روئيندي رهي چوڻ لڳي هئي.....
“الا! تون مون کي ڏاڍو پيارو به آهين ۽ توکان سواءِ رهي به نٿي سگهان توکانسواءِ ته مري ويندس، توکان جدائي جو تصور به نٿي ڪري سگھان؛ پر تون ته بس منهنجو ڀاءُ آهين ۽ ٻيو ڪوبه توسان رشتو نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو ٻيو رشتو جوڙيندس....!!”
مون کيس دلاسو ڏنو....
“ٺيڪ آهي....ٺيڪ آهي.... تون دل جاءِ ڪر.....۽ روئڻ بند ڪر ۽ پاڻ کي سنڀال....!!”
۽ وري پوءِ خوشي مان ڳوڙها اگھندي منهنجي ئي سيني تي اهلجي پئي....اهو هن جو رويو عجيب هو.....پيار ته ڏاڍو ٿي ڪري؛ پر صرف ڀاءُ وارو.....مون کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته آخر هوءَ محبت کان يا صرف منهنجي محبت کان الاءِ جي ڇو ڊڄي رهي هئي.....مون به آخر ماٺ اختيار ڪئي.....ڇو ته مان هن جي خوشيءَ ۾ ئي خوش هوس....
پوءِ مون ڏٺو ته محبت جي معاملي ۾ مان هن کان ڪافي اڳتي بيٺو هوس. مان عشق جي هڪ وڏي ٽاور تي روشن ستاري جيان هوس ۽ هوءَ محبت کان ڊپ جي هٿرادو ٺاهيل محل تي بيٺي  منهنجي محبت کان ڊڄي رهي هئي.....آخر اهو ايڏو وڏو فرق ۽ پير پٿون ڪندڙ پنڌ هو، جيڪو گھٽجي نه گھٽيو.....۽ هن جي پيءُ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي ته هوءَ به ڪنهن قدر ان تي خوش نظر ٿي آئي ۽ مان هن جي خوشي ۾ ئي خوش هوس.
هن جي شادي کي ڪيترا ئي سال گذري ويا ته هڪ ڏينهن مون سان ملڻ آئي. مون کي ڏسي چيائين.
“تو اڃان تائين شادي ڇو نه ڪئي آهي؟”
ان جي انهيءَ سوال تي مون کيس مسڪرائيندي چيو.
“ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان....”
تنهن تي هن منهنجي ننڌڻڪي گھر جو جائزو وٺندي چيو.
“انتظار ڪرڻ وارا پنهنجا وار چاندي ۽ پنهنجون زندگيون ختم ڪري وجهندا آهن. هڪ اڻڄاتل چاهنا جي انتظار ۾....”
هن جي ان جملي تي منهنجون اکيون آگمجي ويون ۽ نيڻن وسڻ جا ويس ڪيا ته هن پنهنجي سيني سان لائي مون کي چيو.
“تو مون لاءِ پنهنجو پاڻ کي هارائي مون کي کٽي ورتوآهي، مون کي معاف ڪري ڇڏجان.....!!!”
ايترو چئي هو مون کي پنهنجي سيني کان ڌار ڪري اکين مان سيلاب اٿلائي هلي ويئي......۽ مان ان سيلاب ۾ لڙهندو ويس پاڻي سان پاڻي ٿي ويس.....


ڪهاڻي:
“سورن لاءِ ساماڻي”
عباس سارنگ
ماءُ پئي رلي سبي ته وري جوان جماڻ ڌيءَ ويٺي سئي سان گج پئي ڀريو، جيڪوزندگيءَ جي گاڏي کي ڌڪڻ لاءِ ڪجھ اڀل پئي ٿين.......ماءُ دادان پنجاھ جي پيٽي ۾ هئي. غربت جي ڊگهي بک ڪارڻ ڍانچو ٿي ويل وجود هن جي بکن تي پاھ ٿيڻ جا دليل ڏيئي رهيو هو. ڌيءَ ڪزبانو جيڪا جوان جماڻ هجڻ سان گڏ کاڌ خوراڪ جي ڪمي جو شڪار هئي، تنهن جو جيڪو جوڀن هجڻ گھرجي ها پر ان جي ابتڙ پنهنجي وهي کي پنهنجو پاڻ اندر ئي اندرکائي رهي هئي.....گھر جو هڪ ئي مرد ڀاتي ۽ گھر جو وڏو، دادان جو مڙس فيضو، نظر جي بيحد ڪمزوري ڪري، گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو هوندو هو. بس جي رهيو هو ۽ ڇنگن جي مٺ ٿي ويل پنهنجا آخري پساھ ڳڻي رهيو هو.
هن دور ۾ پنهنجا ته ٺهيو پر پاڙي وارا ڪٿي ٿا ايترو خيال ڪن........زماني جي گردش ۾ هرڪو ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي، جو ڪوبه ڪنهن جي سار ڪونه ٿو لهي. ڌيءَ ڪزبانو جا شروع ۾ ته ڪجھ رشتا آيا، پر ان وقت کين ڪو رشتو ڀلو نه لڳو هو، پر هاڻي ته ڪو رشتو اچي ئي ڪونه ٿو. ڪزبانو جي رشتي اڳيان غربت جي هڪ وڏي ديوار هجڻ ڪري سندس رشتي گھرڻ جي ڪو ڪوشش ڪري ئي نٿو.....
دادان رلي تي گلن کي جو ٽاڪڻ لڳي ته هڪ گيچ زبان تي تري آيس ‘قسمت جي لڪيرن ۾ رڳو درد لکيل آهن’ ۽ ڳيچ چوندي چوندي اکيون پنهنجون پاڻ پسي پيس ته پنهنجي پوئتي سان اگهندي به رهي ته سڏڪندي به رهي. 
دادان ۽ ڪزبانو ڏسڻ ۾ ته رلي ۽ گج سبي رهيون هيون پر اصل ۾ هو ٻئي گڏجي رلي ۽ گج تي پنهنجا پنهنجا سور سبي رهيون هيون.




ڪهاڻي:
“ڪاوڙ”
عباس سارنگ
مولا بخش کي ڳوٺ جي هوٽل تي ولوءَ طعنو هنيو، ”يار مولا بخش! تون هوٽل تي ته وڏا شهپر ٺاهيون ويٺو آهين، پنهنجي زال جا پرڪار به ڏٺا اٿئي، ته زمين تي ڪهڙيون ٿي پوکون ڪري....!“
مولا بخش اهو جو ٻڌو ته ڪن ڳاڙها ٿي ويس، ٽوپيءَ کي نراڙ تان ٿورو مٿي ڪري، سٽ ڏئي اٿيو ۽ گهران دونالي بندوق کڻي، تڪڙو تڪڙو زمين ڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي زمين تي پهتو ڏٺائين ته سندس زال لوسڻ لڻي رهي هئي. مولا بخش اهو جو ڏٺو ته سندس کوکلي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. پنهنجي سٻاجهي، محنت ڪش ۽ هڏڏوکي زال تي واهيات ولوءَ جي طعني تي بندوق تاڻي آيو هو ۽ ان ڳالهه تي کيس پاڻ تي ڏاڍا جڪ ٿي آيا. مولا بخش بندوق کي اتي ئي ڦٽو ڪري، پنهنجي زال کان ڏاٽو وٺي پاڻ لوسڻ لڻڻ ۾ لڳي ويو.

ڪهاڻي:
“زبان”
عباس سارنگ
هن جا چپ ماٺ هئا.... ائين به نه هو ته هن جا چپ سبيل هئا.... ائين به نه هو ته ڪنهن هن جي چپن تي بندش وڌي هئي.... ائين به نه هو ته ڪنهن جو زور بار هئس.... ائين به نه هو ته ڪنهن مٿس جبر ڪيو هو ته پنهنجا چپ نه کولجانءِ.... ائين به نه هو ته ڪو ڄائي ڄم کان گونگو هو.... !!! پر هن کي خبر پئجي وئي هئي ته هن جڏهن به ڳالهايو ته پوءِ سڀ ڪجهه ڊهي پوندو، هر شيءِ ٻري سڙي ويندي.... انهي راز جي خبر سرڪار کي پئجي وئي، تنهن حڪمت عملي ڪري هن جي زبان ئي ڪٽرائي ڪري زمين تي پوري ڇڏي ۽ سرڪار مطمئين ٿي وئي ته سڀ ڪجهه ٻرڻ ۽ سڙڻ کان بچي ويو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان زمين مان الائي ڪيتريون زبانون اُسري آيون.

ڪهاڻي:
“ڌماڪو”
عباس سارنگ
لطيف سائين فقيرن کان تنبوري جي تان تي راڳ ٻڌي رهيو آهي. فقير راڳ آلاپڻ ۾ مست آهن ۽ لطيف سائين پوري ڌيان ۽ گيان سان، پوري لطف ۽ قرار سان راڳ ٻڌي رهيو آهي. راڳ ڳائڻ وارا فقير ۽ ٻڌڻ وارو لطيف سائين راڳ مان پوري جو پور مزو ماڻي رهيا آهن. اوچتو متل محفل ۾ خودڪش ڌماڪو ٿئي ٿو. سنڌ ڌرتي جي تنبوري جون سڀئي تارون ٽٽي پون ٿيون.







ڪهاڻي:
“شميءَ جو پيار”
عباس سارنگ
شمي هڪ اهڙي ڇوڪري هئي؛ جنهن سان مان سڄي زندگي پيار ڪندو رهيس ۽ شمي منهنجو اهو پيار هئي، جيڪا سڄي زندگي مون سان هر روپ ۽ رنگ ۾ نفرت ڪندي رهي. هاڻي جڏهن اسان ٻئي زندگيءَ جو ڪافي وقت گذاري آيا آهيون ۽ هڪٻئي سامهون ويٺا آهيون ۽ کيس پنهنجي پراڻي پيار جو ٻڌايم ته موٽ ۾ هن پنهنجي نفرت جو ذڪر ڪڍيو بس پوءِ الاءِ ڇو هڪ ٻئي سامهون بي انتها مسڪرائيندي مسڪرائيندي بي انتها روئي ويٺاسون.

ڪهاڻي:
“الا مان اڏري ويندوسانءِ”
عباس سارنگ
پيار جي شادي کي اهي ڪي مس ڇھ مهينا ٿيندس، ڏاڍو خوش هو، جيون جو لطف وٺڻ ۾ هاڻي ئي مزو آيو هوس، هر وقت گلن تي مرڪ ۽ چپن تي خوشي جا ڳيچ هيس، اندران ۽ ٻاهران ڏاڍو خوش هو، دل جو دلبر جو مليو هوس، پوءِ ڇونه خوش هجي ها.....
پنهنجن دوستن سان گڏ هوٽل تي چانھ پي رهيو هو، اوچتو مٿي ۾ برسٽ لڳس، ميڄالو بينچن تي ويٺل دوستن تي ڪريو ۽ برسٽ هلائيندڙ اهو چئي روانو ٿي ويا.
“خبردار! هي اسان جو ڪارو هو....ڪوبه اڳتي نه وڌي.......!!

ڪهاڻي:
“ڄمي ويل خواب”
عباس سارنگ
ثمينه رات جيڪي ٻه خواب ڏٺا، اهي خواب هن تڪڙ ۾ فرج منجھ رکي ڇڏيا، جيئن تازا رهن، جيئن گرمي جي ڪري رجي نه وڃن ۽ ڪنهن کي به ٻڌائي ته تازا ئي رهن، منجھند جو ثمينه جي ساهيڙي پري ساڻس ملڻ جو آئي ته ثمينه کيس پنهنجا خواب ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ٿي چاهيا، ثمينه جيئن ئي فرج کولي خوابن کي جو ڏٺو ته سندس ٻئي ڏٺل خواب برف ٿي ڄمي چڪا هئا، ثمينه ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن خوابن کي فرج مان ڪڍي پنهنجي ساهيڙي پري کي ڏيکاري، پر ناڪام رهي ۽ پنهنجي برف ٿي ڄمي ويل خوابن تي حيران رهجي ويئي ۽ پنهنجي ساهيڙي کي خواب ٻڌائڻ کان رهجي ويئي.

ڪهاڻي:
“مٺي چانھ”

عباس سارنگ

“ اڄ ٻوڙ ۾ مرچ گھڻا ڇو هئا؟ توکي ته خبر آهي نه؛ ته گھڻا مرچ کائڻ سان معدو خراب ٿي پوندو آهي. ڪالھوڪي ٻوڙ ۾ وري لوڻ گھڻو هو ۽ پوءِ توکي ڇا چيو هوم ته گھڻي لوڻ کائڻ سان رت جو داٻ وڌي ويندو آهي، ان سان دل جي دوري پوڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن ۽ دماغ جي رڳ به ڦاٽي سگھي ٿي.”
کيس زال ٻڌندي رهي جيڪا چانھ ٺاهي کڻي آئي هئي. هن چانھ جو ڍڪ ڇا ڀريو وري تپي باھ ٿي ويو چوڻ لڳو.
“ايڏي کنڊ.....!!! ڇو توکي خبر نه آهي ڇا ته مان ايتري مٺي چانھ ڪونه پئندو آهيان، مٺي چانھ پيئڻ سان مٺن پيشابن جي بيماري ٿيڻ جو بيحد خطرو هوندو آهي، تون ائين روز روز ڇو ٿي ڪرين مون کي ٻڌاءِ....!!”
سندس زال پورن پنڌرنهن سالن کان مسلسل هر روز اهو جبر سهي رهي هئي نيٺ اڄ چئي ويٺي.
“تون ته روز روز چوين ٿو؛ پر مان سمجھان ٿي تون هاڻي ڪنهن سٺي نفسيات جي ويڄ سان مل ۽ اهو ئي توکي انهن سوالن جا ڪي بهتر ۽ ٺيڪ جواب ڏيئي سگھي ٿو.”
ايترو چئي هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري  ويئي ۽ هي مٺي چانھ کي گھوريندو رهيو....

ڪهاڻي:
“ سوالن جو ڪوڏيو ”

    عباس سارنگ


هو، هن کي مُنجھائڻ لاءِ هڪ ساهي ۾ هن کان چار پنج سوال ڪري ويو ته موٽ ۾ هي رڳو منهن ۾ ڏسندو ئي رهيس ۽ پوءِ پنهنجو چهرو آسمان طرف ڪري ڀڄندڙ بادلن کي ڏسندي چوڻ لڳو.
“تنهنجن انهن سمورن سوالن جا جواب مون وٽ آهن؛ پر توکي منهنجن انهن جوابن تي ڪڏهن به يقين نه ايندو.... ان ڪري جو تون هاڻي حقيقت پسند نه رهيو آهين ......!”
هن جي ايتري چوڻ تي هو مٿس بيحد چڙي پيو ۽ هڪ گار تي ٻئي گار ٿي ڏنائينس ۽ هي هن جون اهي گاريون ٻڌي مرڪڻ لڳو ۽ اهو چئي اڳتي وڌي ويو.
“ان ڪري ئي هاڻي مان تونسان بحث نه ڪندو آهيان......!!”






No comments:

Post a Comment