Sunday, June 4, 2017

(سائين نصير ڪنڀر جي درد ڀري تحرير پڙهي اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن.)


(سائين نصير ڪنڀر جي درد ڀري تحرير پڙهي اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن.)
وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر جي ٿر ياترا ۽  دوسو هاليپوٽي جو درد       
خدمت ۾ جناب وزيراعظم پاڪستان ۽ اڳوڻا صدر.صاحب                            

اسلام.عليڪم                                                                                 
بعد سلامن جي عرض ته هن فاني دنيا ۾ ڪيترا روز گّري چڪا،پر آئين صاحين جو 
اسان ماڙوئن تائين ڪو به احوال نه مليو. انهي ڪري هن چٺي ۾ ٻه اکر هٺ قاصد جي 
آئين ڏانهن اماڻيان ٿو. اميد ته قبوليت جو مان ڏيئي مانائتي موٽ ڏيندا. آمين شم آمين.
                        لکڻ جومقصد ته  محترم وزيراعظم ۽ اڳوڻا صدر صاحب،هي منهنجو آئين ٻنهين ڏانهن پهريون گڏيل خط آهي. انهي ڪري ڄاڻ سڃاڻ ڪندو هلان ته آئون دوست محمد عرف دوسو هاليپوٽو حال رهندڙ ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽه ضلح ٿرپارڪر.
سائين جن کي عرض ڪندو هلان ته منهنجو روزاني جو ڪم تمام سادو آهي.
جنهن کي آئين شيڊول چئون ٿا. صبح سانجھر هليو وڃان سيم ڏانهن، جتي سڄي 
سيم ۾ اوهاڙ ڏيان ۽ مال جي به جانچ ڪريان. بلڪه اهو پڪ ڪيو اچان ته
سيم جي ڪنڊين ۾ ڪنهن پن ته ڪون لاٿا آهن. ۽ جيڪر اوپرو پير ڏسان ته 
اهو به نظر ۾ ڪڍيو اچان. پوءِ ڳوٺ جي همرائن کان پڇا ڪيان. اهو به آئين
کي ٻڌايان ته آئون ڳوٺ جي چڪتو مڙسالين جا پير سڃاڻان.
                   ٻيلي آئين الاهي ڪيترا واندا آهيو؟ ۽ منهنجي هن چٺي جا چار اکر 
پڙهڻ جو ٽيم ملندو ڪه نه،پر منهنجي اندر ۾ ڳالهين جا انبار آهن. سو ڀايان ته ڪر
هي سڄي دنيا ڪاڳر ٿئي ۽ سمونڊ مس ٿين تڏهن به مون واري ڳالهه جي پڄاڻي ڪانه
ٿيندي. پر وري به آئين سان خاص خاص ڳالهيون ٿو اوريان ‘سو ابي کي چوان’هي 
اکر منهنجو تڪيه ڪلام آهن. آئين ٻيلي دل ۾ نه ڪجو. آئين ته آهيو بادشاه ، خير
بادشاه ته خود خدا جي ذات آهي. پر زمين ٽڪرئ جا ته آئين به بادشاهه آهيو. سوابي کي چوان بادشاهه هوندا آهن ڪچين ڪنين جا ڌڻي. سو متان مون واري تڪيه ڪلام تي ڏمر جي پئو. هڪ چڱي ڳالهه اها به آهي جو آئين گڏ ٿا اچو.نه ته آئين  جي پالٽين جا جوشيلا آٻٿيا ته هڪٻئ سان چانڊيا مگسي هوندا آهن. سو گهڻن سٺن ڪمن سان گڏ اها ڳالهه به سٺي آهي جو انهي بهاني هن (ڪاري سون) جي ڪا ته قيمت لڳندي.ڪاڪو ڀليڏنو چوندو هو ته سڀن کان سٺو اهو جو درگذر ڪري ۽ هونين رس ڪس کانسواء راند به ڪهڙي سوشل آئين جي رهجي اچي. باقي عوام جا ڪم ڪهڙا اڳ ٿيا ڪهڙا هاڻي ٿا ٿين. اهو ڳالهه ئي الڳ آهي.
لکڻ جو مقصد اهو ته هتي ٿر۾ جيڪو ڪارو سون مليو آهي، انهي کي هاڻي ۡڪڍين ٿا انهي ڪاري سون تي   اک 1990 ۾ پئي. انهن ڏينهن کان اسان جي ڳوٺ جو نالو ملڪ توڙي ڏوراهين ولايت ۾ به مشهور ٿيو. پر انهي ڏينهن ڪاڪو ڀليڏنو ڏاڍو اٻاڻڪو هيو مون جڏهن هن ڪاري سون واري ڳالهه ڪئي چيائين اي ڇو آئين جي ڪل ٿڙي آهي. اسان جو هڏيون وينديون مٿي جو پور ٿي پر آئين وٽ  ڀيڻي به ڪانه هوندي جتي مٿو لڪائي ويهو. جنهن ڏينهن ڇڪ ڏيئي هيٽ وڇايل رلي جئين زمين پيرن هيٺيان نڪتي انهي ڏيهن  خبر پوندي  ته ڀلي  ڀيڻي آهي. اڄ جڏهن اوچتو مون کي منهنجي ڳوٺ خالي ڪرڻ  جو پيغام آيو آهي ته ڪاڪي ڀلي ڏني جي ياد تمام گهڻي اچي رهي آهي .
ڇٺي لکڻ کا اڳ دل ۾ ڪئي ڳالهين جا ڳهر هئا ڇو ته هي 23 سالين جي ڳالهه آهي جيڪو ڪجهه  وهيو واپريوانهين  لاء آئين سان احوال ڪندس. پوء جيڪا ڳالهه ياد آئي ائين ڪندو هلندس عمر سان گڏ هاڻي ويسر جو مرض به وڌندو ٿو وڃي.  مون آرو يار سيلاني جڏهن مرشد شاه جو بيت پڇندو آهي ته اهو ياد ڪونه ايندو آهي گهڻو ذهن تي 
زور ڏيندو آهيان ته مس ياد ايندو آهي. سوابي کي چوان هتي جڏهن ڪوئلو مليو ته چيائون هاڻي ٿر دبئي ٿي ويندو. آئين جي زندگي بدلجي ويندي ۽ هتي هڪ سنگاپوري گورو آيو انهي کانپوءِ بشير انصاري مون جي ڳوٺاڻي جي ٻني ۾ ڪوئلي لاءِ کوھ کوٽيو انهي مشڪين جي ٻني تباھ ٿي ويئي پر ويچاري کي مليو ڪجھه ڪيئن. انهي کانپوءِ چيني ۽ پيا نئولا ماڻهو هتي ايندا رهيا تنبو لڳا مشينون آيون بر ۾ بازاريون لڳي ويون پر اسين اهي جا اهي. جيترا وات اوتريون ڳالهيون پر هڪڙي ڳالھه سڀني وٽ ساڳي ته جڏهن به هي ڪارون سون نڪتو، ته آئين کي لڏڻو پوندو. اها ڳالهه سموري ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهو جي سيني ۾ ڪان جئين کپي ٿي ويئي. انهي ڪري وس وارن اڳيان ميديا ۾ اسان جي دانهن ڪوڪ هئي ته ٻيلي مهرباني ڪري لڏايو نه اسين پنهنجون ٻنيون ٻارا تر ترايون، ماڳ مڪان، گئوچرون، سروي نمبر سڀ ڇڏي ڪيڏانهن وينداسين ؟ پر اسان جي ڪنهن به ڪونه ٻڌي معاوضي جي نالي ۾ عجيب ڳالهيون ٿيڻ لڳون. جيڪي اڄ به جاري آهن اسان جي مدد لاء ڪي فورم ۽ ڪاميٽيون به ٺهيون پر انهن جي جدوجهد ڇڙوڇڙ ۽ هر هڪ وٽ هڪ سياسي جهندو ۽ جذباتي تقرير کانپوءِ ڪجهه نه هيو. توڻي جو انهن جون همدرديون اسان سان هيون پر اهي ڪمپنين  جي ابتين سبتين چالن کي سمجه

No comments:

Post a Comment