Sunday, June 4, 2017

سنڌ ء ۱۹۴۳ع وارو ٺھراءُ.

سنڌ ء ۱۹۴۳ع وارو ٺھراءُ.

اسان جڏھن بہ محڪومي جي خلاف ڳالھايون ٿا تڏھن اسان کي مختلف ھنڌن تان بارھا ساڳوڻو جواب ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو. چي:
"شامل بہ اوھان پاڻ ٿيا ھۂا. سنڌ اسيمبلي مان قرارداد بہ اوھان منظور ڪراۂي ھۂي."
بروبر، اسان راضي خوشي گڏجڻ جي خواھش ڏيکاري ھۂي ء نھايت خلوص جو مظاھرو ڪندي سنڌ اسيمبلي مان اھڙو ٺھراءُ پڻ منظور ڪرايو ھو. پر اسان اھو سڀ ڪن اصولن ء خاطرين جي آڌار تي ڪيو ھو، جيڪي ۱۹۴۰ع واري قرارداد م ڏنيون ويون ھيون. ڪانگريس مضبوط مرڪز جي حامي ھۂي، جيڪا ڳالھ سنڌ جي فاۂدي م نظر نٿي آۂي. ان جي برعڪس چاليھين واري قرارداد م ڍيلي ڍالي مرڪز جي ڳالھ ڪندي قومي وحدتن کي خودمختياري آڇي ويۂي ھۂي. جنھن موجب رياستون پنھنجي اقتدار اعلا ء وسيلن جون مالڪ ھونديون؛ جي ھو چاھين تہ ڏھن سالن بعد وفاق کان الڳ پڻ ٿي سگھنديون.
پوءِ جڏھن ۱۹۴۶ع م قراداد مقاصد آڻي ۱۹۴۰ع واري ٺھراءَ جي روح کي زخمي ڪيو ويو تہ سنڌ ۱۸۴۳ع واري ملڪي سطح تي آزادي جي گھر ڪۂي ھۂي. ان جي معنا تہ جنھن ٺھراءَ جو اسان کي مھڻو ڏنو ٿو وڃي، اھو عمل م اچڻ کان اڳ م ۂي فوت ٿي چڪو ھو. پويان رھجي ويو ھو پونجي جيڻي جو پٽ، سندس ٽاۂپ راۂٽر، پنجابين جي ٻن عالمي جنگين م برطانياۂي سامراجيت سان وفاداري ء انگريزن جون سازشون، ء وڌندڙ روسي اثر جي روڪٿام جون حرفتون.


جي ۱۹۱۷ع وارو روسي انقلاب برپا نہ ٿۂي ھا تہ يقيني طور ننڍي کنڊ جي جاگرافي اڄوڪي نہ ھجي ھا.
ھاڻي سوال ھي ٿو اٿي تہ ڇا ھڪ قرارداد پاس ڪري اسان ايڏو گناھ ڪري وڌو آھي جو اسان کي آزاد ٿيڻ جو ڪوۂي حق نہ آھي؟ اسان ھميشہ لاءِ ستمگر محبوب جھڙي ان قرارداد جي ٻول م مجنون جيان ٻڌجي چڪا آھيون ء چاھيندي بہ ان ٻنڌڻ مان پنھنجا بند خلاص ڪري نٿا سگھون؟ ڇا دنيا م پھريون ڀيرو ۂي ڪا اھڙي قرارداد منظور ڪۂي ويۂي ھۂي، جيڪا اسان منظور ڪرڻ جي گناھ جا مرتڪب بڻياسين؟
دنيا ھميشہ اٿلن پٿلن جي آماجگاھ رھي آھي. قومون رضاڪاراڻي طور يا باھمي رضامندي تحت گڏجنديون ء الڳ ٿينديون رھيون آھن. رڳو اسان وٽ نہ، سڄي جھان م ايۂن ٿيندو رھيو آھي. پراڻي اتھاس م بہ اھڙا واقعا موجود آھن تہ جديد تاريخ م بہ اھڙا مثال ملن ٿا.
اوڻيھين صدي م ڪۂناڊا جا پرڳڻا اھڙي گڏپ جي عمل مان گذريا آھن.
جمال ناصر جي دؤر م مصر ء شام گڏيل وفاق ٺاھيو. جيڪو ڪجھ سالن بعد پنھنجي پرامن پڄاڻي تي پھتو.
لي يو جي دؤر م سنگاپور ملاۂيشيا سان ڪنفيڊريشن ٺاھي. پر جڏھن ملاۂيشيا سنگاپور تي پنھنجي بالادستي اختيار ڪرڻ شروع ڪۂي تہ سنگاپور ان وفاق منجھان پنھنجي جان آجي ڪراۂي ورتي.
ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي بعد ٻالٽڪ سمنڊ جي ڪِنار وارن ملڪن اسٽونيا، لٽويا ء لٿونيا پنھنجي پارليامينٽن م قراردادون آڻي سوويت روس م شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. انھن ساڳين قومن اٽڪل چاليھ سال پوءِ پنھنجين ساڳوڻين پارليامينٽن م سوويت روس کان الڳ ء آزاد ٿيڻ جا ٺھراءَ آندا ء نتيجي م آزاديون ماڻيون. 
چوڻ جو مطلب ھيءَ آھي تہ دنيا اھڙن تجربن ء مثالن سان ڀري پۂي آھي، جن م مختلف حالتن م مختلف فيصلا ڪيا ويا آھن. ڪوبہ فيصلو حتمي نہ ھوندو آھي، ازلي ابدي نہ ھوندو آھي؛ ازلي ابدي رڳو قومي آزادي ٿيندي آھي.
تنھن ڪري چاليھين واري قرارداد جي آڌار تي سنڌ اسيمبلي م پاس ڪرايل گڏيل مسلم رياست واري قرارداد نہ ڪا مقدس ڳۂون آھي ء نہ وري ازلي ابدي ورق، جنھن کي ڦاڙي نہ سگھجي. سنڌ پڻ سندس اسيمبلي م پاس ڪرايل قرارداد کي ٻالٽڪ رياستن وانگر رد ڪري سگھي ٿي. جيڪي شامل ٿين ٿا، اھي نڪري بہ سگھن ٿا. پر دلچسپ ڳالھ ھيءَ آھي تہ اھا قرارداد پنھنجي ۂي لکندڙن ھٿان ڇاۂيتاليھن م ڪاٽ ھيٺ آندي ويۂي ھۂي. ان ڪري اھا ڄڻڪ اڳ م ۂي رد ٿي چڪي آھي. تنھن ڪري انھي جي آڌار تي اسان جي آزادي جي حق جو انڪار ڪرڻ سواءِ جھل پڻي، سياسي تاريخي شعور جي اڻاٺ ء حاڪم قوتن جي ونگار وھڻ جي ٻيو ڪجھ ڪونھي.
ٺھراءَ وقتي ھوندا آھن، قوم ء ملڪ داۂمي آھن. جن جا قومي حق ء ملڪي آزاديون پڻ داۂمي شۂي ھونديون آھن. سنڌ بہ ھڪ الڳ تاريخي ملڪ ء قوم ھجڻ ڪري ھر حوالي سان آزادي جي حقدار آھي.

No comments:

Post a Comment