Sunday, June 4, 2017

روحل ڪالرو جو نظم/ پنهنجي ڏيھ ۾…………

روحل ڪالرو جو بهترين  نظم

نظم/ پنهنجي ڏيھ ۾…………

ڪا جُتي لَيلُونِ جي، ڪجھ پراڻي لوھ تي………
ميٽ جھڙي سنڌ جو، هو مَٽائن موھ پيا!

سڀ اکيون امداد جو، روز سرمو ٿيون وجهن،
بينڪ هڪ هڪ ٻاهران، هي لٺيون ڪنهن کي لڳن؟
جو ٿڻن تي ٻار آ،  اُس انهي جي ٿَڃ آ،
عورتن جا هي جٿا، روڊ تي ڪا ڄَڃ آ،
ڪير کيڏيو ڪارڊ سان، راند اي.ٽي.ايم جي،
بک به پنهنجي ٻارڙي، ڪين ڄاڻي گيم ٿي،
پاڻ کي پوڙهين وِڪيو، پاڻ ڪوفي ٿا رهون؟
سون تي تلوار وئي، هاڻ خالي ڪئن وِڙهون!
هاءِ واپاري وڏا، پنهنجو جانچن اوھ پيا!
ڪا جُتي لَيلُونِ جي، ڪجھ پراڻي لوھ تي………
ميٽ جھڙي سنڌ جو، هو مَٽائن موھ پيا!

وقت ماني ڪون ڏي، وقت وٽ ناهي اجهو،
پاڻ ننگا پاڻ ۾، ڪير ڏيندو ڪو لٽو؟
تيل وانگي زندگي، ڪئن مهانگي گهارجي؟
پاڻ اوندھ ۾ ٻرون يا ڏيئو ڪو ٻارجي؟
روڊ پنهنجا سڀ ڀڳل، ڪئن مرن ٿيون مائرون!
سُور ويم جا سنڌ کي، ٻار ٿا مرندي ڏسون!
کڏ ڪِني تي گڏ هلون، پاڻ ۽ پنهنجا ڪُتا،
مال جو پاڻي لُٻيل، پيا ڀريون پنهنجا ڪُنا!
هي مُقامن جو وطن، چنڊ چِٻرن جو حصو،
ڪئن ٻڌايون ڪو پَرِيَنُ، شاھزادن جو قصو،
روز قبرن مان نوان، روز نڪرن ڊوھ پيا!
ڪا جُتي لَيلُونِ جي، ڪجھ پراڻي لوھ تي………
ميٽ جھڙي سنڌ جو، هو مَٽائن موھ پيا!

پاڻ پنهنجي دين کان، ايئن هتي اهڙو ڊڄون،
مومنن جي ڏيھ ۾، ڪافرن وانگي ڦِرون!
دل ڪميشن جي بِلي، درد ورتي منٿلي،
رت به ڏھ پَرسَنٽ آ، پاڻ کي ڪٽجِي مِلي!
چور ٿا چورين چَون، مال ڪاهيو ٿا وڃو،
ڪير ڀاڳيو آ ڀلا، ڍور کان ٿورو پُڇو؟
جي پُڇي ۽ ڪو لُڇي، تُرت ڌوڏا ٿا ڪڍن،
چرس ۾ چالان ڪن يا ته گوڏا ٿا ڪڍن!
شاعرن جا ڪئن ڏَڪن، هِت ڏِهاڙي ڏوھ پيا!
ڪا جُتي لَيلُونِ جي، ڪجھ پراڻي لوھ تي………
                                                                                                          ميٽ جھڙي سنڌ جو، هو مَٽائن موھ پيا!

No comments:

Post a Comment