Friday, July 7, 2017

وئشيا / نظم منظر راڄپر

وئشيا / نظم

 زرد  پتن  جيان  ٿي  جواني  ڇڻي
ڪو بہ ساٿي نہ ڪوئي سهارو مليو
مون ۾ ڇوليون ڇلن ٿيون سمندر جيان
مون کي جوڀن ۾ ناهي ڪنارو مليو

روز هر ڪنهن جي ڀاڪر حوالي ٿيان
مون کي جيون بہ ڄڻ هي اڌارو مليو
منهنجي حسرت اها ڪنهن بہ هڪ جي هجان
پر نہ ڪنهن ساڻ منهنجو ستارو مليو

مون تہ ماکيءَ جيان آ ونڊيو پيار کي
ڏيھہ توڙي جو مون کي ڪسارو مليو
 باهہ پنهنجي اجهائن لئہ ٿوري گهڙي
هر بگهڙ جسم کي آ  اڃارو مليو

هٿ  جوڳين  بہ  ڏاڍا  ڏٺا  ها مگر
ڀاڳ منهنجي سان ڪو هڪ نہ ڍارو مليو
مون سان ظلمت زماني وڏي آ ڪئي
وهہ ڏنو آ سڀن جنهن کي وارو مليو

مون تہ ڏاڍيون پڇائون ابي جون ڪيون
ڪو نہ شفقت پريو ڪو اشارو مليو
ڪاش جيون جو منظر مٽي ڪوئي ها
ڪو نظر  کي   نہ پوتر  نظارو  مليو
                                     منظر راڄپر

No comments:

Post a Comment