Friday, July 7, 2017

ٽي ڪهاڻيون ، ڪوڙو بيوفا ، موت منهنجو مقدر ۽ وري مند وصل جي

ڪهاڻيڪار _______ساقي ارشاد لورڙ

                            ڪهاڻي _______موت منهنجو مقدر _____

”اڄُ پرھَ جي شادي هئي مان هن کي ميڪب ڪندي پڇو ،
پرھَ ، . . . . تون ايتري اداس ڇو آن ، . . . . !!!“
ايئن ئي هن . . . . .!!!؟؟؟ اداس لهجي ۾ جواب ڏنو . . . مون ويتر ضد ڪندي کيس چئيو ته پرھَ . . تنهنجي اڄُ شادي آ ، . . . . تنهنجي شادي ۾ اسان سڀ سهيليون ته خوش آهيون پر تون الائي ڇو ، اداس آن ، .!!؟“
”بس وحيده ، ! سوچان ٿي مري جيئان يا جي مران ، !!؟؟
. . پر جيڪڏهن جي مران ٿي ته به بدنام ۽ جي مري جيئان ٿي ته ، پل پل عذاب ، ڪا ڳالھِ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڇا ڪئيان ، . . . . ؟؟؟“
ادي مونکي تنهنجو فلسفو سمجھ ۾ نه ايندو آ ، ان ڪري کولي ٻڌاءِ ته آخر مسئلو ڪهڙو آ . . . .!!“
”مسئلو اهو آ ته منهنجي شادي جنهن شخص سان ڪرائي پئي وڃين تنهن کي مون سدائين پنهنجي ڀاءُ جي نظر سان ڏٺو آ ، ۽ جنهن شخص کي هميشه پنهنجي خوابن جو شهزادو ڀائيو ، تنهن کان دؤر ٿي رهي آهيان ، . . . . !!؟“
هاڻ جيڪڏهن ڪڇان ٿي ته مران ٿي ، جي خاموشيءَ سان بابا جن جي پسند سان شادي ٿي ڪئيان ته به پل پل هن بنا تڙپندي مرندي رهندس ، جي ڪڇ ته به مر جي نه ڪڇ ته به مر ، ٻنهي پاسي موت منهنجو مقدر بڻجي چڪو آ ،. . . . . !!!؟؟“

ڪهاڻيڪار : ساقي ارشاد لورڙ
ڪهاڻي : _________”ڪوڙو بيوفا “
مڙس :
مان نه پيو ڳالهائيان ،
زال :
تون ڳالهائين پئيو مان پاڻ ٻڌو آ ،
مڙس : ”قسم آ تنهنجو مان نه پيو ڳالهائيان  ،!!“
زال : ” منهنجو ڪوڙو قسم نه کڻ ؛___!!!!“
مڙس : مان تنهنجو ڪوڙو قسم ڪڏهن به نه کئيون نه کڻندس ،!!!“
زال : پوءِ اڄُ ڇو ٿو کڻي . . .!!“
مڙس : او منهنجي پياري مان توکي ڪيئن سمجهائيان ، ته تون منهنجي جان آن . . . ۽ مان صرف تنهنجو ئي آهيان . . .!!“
زال : پر مان پاڻ توکي هن سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌو آهي ،...!!؟“
مڙس : او پرين اعتبار ڪر ، مان دوستن کان سواءِ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو آھيان . . .!!!“
زال : مان اڄُ توکي آخيري دفعو ٿي چوان ، ڪوڙا بيوفا ، پنهنجون عادتون مٽاءِ نت مونکان برو ڪو نه ٿيندئي ، “
هوءَ گسي ۾ ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ، ته سندس مڙس فون کڻي نمبر ملائي فون ڪن تي رکي ، چوڻ لڳو ،
”توکي جو جهليو آ ته مونکي شام 6 بجي کان وٺي صبح 8 بجي تائين گهر هوندو آهيان ان دؤران فون نه ڪندي ڪر پر توکي بس منهنجي بيعزتي ڪرائڻ ۾ مزو ايندو آ ...!!!؟؟“
Kawish 12/7/2017Add caption
ڪهاڻيڪار :- ساقي ارشاد لورڙ
                         ڪهاڻي . ” وري مند وصل جي . . . ! “
هن جي حالت ڏسي من مچلي پئيو ، مان رهي نه سگهيس ۽ اڳتي وڌي وڃي هن کان پڇيم ،
” مرڪ . . . !!!! “
منهنجي لهجي ۾ حيرت ۽ پريشانيءَ جا گڏيل تاثر هئا ،
” توکي ڇا ٿيو ، تو هي پنهنجو ڪهڙو حال ڪئيو آ ، تو ايئن ته نه هئي . . . . !!؟؟ “
هن خالي نظر سان موڏي نهاري ڦڪي مرڪ مرڪي چوڻ لڳي ، . . . !؟“
”پاڻ ئي ڊاهي پاڻ پڇين ٿو ، . . . . !؟“
ان وقت منهنجون اکيون ڀرجي آيون هئيون ڄڻ ته هن منهنجي احساسن کي جنجهوڙي ڇڏيو هو ، ۽ مان ڪٺور دل ماڻهون ڪنهن ڀريل بادل جيئان وسي پئيس ، ڳوڙهن اکين جا بند پڃين ڇڏيا مان هن جو قصوروار هئيس ، مان ڪنهن وقت واقعي هن کي ڊاٿو هئيو ، پر ان وقت کي ته کوڙ عرصو گزري وئيو آ ، ڇا اڄُ تائين هوءَ انهيءَ وراقن ۾ وڪوڙيل آهي ، ؟ ڇا هوءَ انهيءَ ڪارڻ پن ڇڻ ٿي واءُ ۾ وکري رهي آ ، ؟ ڇا هن کي اڄُ تائين هن کي ڪنهن جو سهارو نه مليو آ ، ؟ منهنجي ذهن ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا هئا ، مان سڀني سوالن کي ذهن مان ڪڍي ، هٿ جي ترين سان اکيون اگهي وري هن ڏسنهن متوجه ٿي وئيس ،  مونکي ايئن لڳو ڄڻُ هوءَ پنهنجي ڪنهن حسين خواب جي تعبير ۾ گم سم هجي ، مان هن جي اکين اڳيان هٿ لوڏيندي چئيم ، . . . !!؟؟“
”مرڪ ! ڇا تون هڪ دوست جي نعتي سان ڪجھ شيئر ڪندينءَ ..!؟ ٿون پنهنجي هن حالت جي باري ۾ ڪجھ ته ٻڌاءِ ، يا مان ان لائق به ناهيان ،....؟“
هن هڪ نظر مونتي وجهي ڪنڌ ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ، شايد هوءَ ڪجھ دوچي پئي ، ڪجھ پلن جي خاموشيءَ کان پوءِ هن جا چپ ڦڙڪيا ۽ هوءَ چوڻ لڳي . . . .!!
”شڪيل ! . . .اهو وقت ڪيڏو نه سٺو هو ، جڏهن هر روز صبح جو تيار ٿي هاسٽلن جي رومن کان نڪرندا هئاسين ، هر ڏينهن هڪ نئون خواب اکين ۾ سجائي ، اهي ڏينهن ۽ انهن ڏينهن جا گهاريل پل منهنجي جيون ۾ گهاٽي ڇانوءَ جيئان آهن ، جيڪي هميشه منهنجي جيون جو جوتُ ٻارڻ لاءِ مونکي اتساھُ ارپيندا آيا آهن ، نت شايد مان نراسائيءَ جي ڪن ۾ ٻڏي وڃان هان ، . . . . !!؟“
هوءَ هڪ ٿڌو ساھُ ڀري خاموش ٿي ته مان هن جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چئيم ، . . . !!
” ها مرڪ ! . . .اها حقيقت آ ، اهي ڏينهن ، اهي پل ، اهي گهڙيون ڀلان ڪيئن وساري سگهجن ٿيون ، جيڪي اسان لاءِ اسان جي زندگي جون املھ يادگيريون آهن ....!!؟؟ “
منهنجو ايترو چوڻ هوءَ بيڊ تان اٿي ويهي ، چوڻ لڳي ، . .!!
” جي اوهان وساري نٿا سگهو ته پو ءِ ياد ڇو نٿا ڪئيو ، اهي ذيادتون ، اهي واعدا ، اهي وچن ، اهي گهاريل گهڙيون اهي رهاڻيون ، ڇو شڪيل ! ڇو آخر مون تنهنجو ڪهڙو ڏوھُ ڪئيو هو ، جو تون وچ رستي تي آڻي بيهاري مونکي اڪيلو ڇڏي رستا مٽي هليو وئين ، . . . . . !؟“
هوءَ سڏڪي پئي مان هن جو گنهگار هن اڳيان ششدر ٿي وئيس ، ها هوءَ صحيح پئي چئي ، يونيورسٽيءَ جي پهرين سال کان وٺي اسان جي هيلو هاءِ هئي ، پوءِ اها دوستي ، ۽ آخر ڪار پيار جي پيچرن جا راهي ٿي وئياسين ، هوءَ ڏاڍي دلفريب هوندي هئي ، هن جي هر ادا نرالي ۽ پياري هوندي هئي ، مان ته ڇا پر يونيورسٽيءَ جا اڌ کقن گهڻا ڇوڪرا هن تي فدا هئيا ، مان به هن جي مرڪ تي صدقو پئيو ٿيندو هئيس ، پر جڏهن هن مونکي پيار جي پيقر سان ڏني ته مان ويتر ، مست مدهوش ٿي وئيس ،هوءَ ۽ مان ڏينهون ڏينهن ڪٺپتليءَ جيئان هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجندا وياسين ، ۽ اسانجون محفلون ملاقاتيون وڌنديون رهيون وقت گذرندو رهيو ، اسان ان حد تي پهچي وئياسين جٿي ٻه جسم هڪ روح ، اسانجي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ انيڪ پيار ، محبت ، چاھُ  ، تڙپ ، پيدا ٿي چڪي هئي ، ۽ انهن وهڪرن ۾ ٿيندا رهيا ها ، ڪيترائي واعدا ، وچن گڏ جيئڻ مرڻ جا ، ايئن اسان پيار جا گيت ڳائيندا فائنل ايئر ۾ پهچي وئياسي ، امتحاني فارم ڀرجي رهيا ها ، مان مهڪندڙ مکَ سان سدائين زندگيءَ کي راند سمجهي کيڏندو رهيس ، ڪڏهن به چهري تي پريشاني ، جا تاثر ڪنهن کي محسوس نه ڪرائيم ، . . . .!!؟؟“
انهن آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن مرڪ ! منهنجو رستو روڪيندي چئيو هو ،
” تو ۾ ۽ گڏھَ ۾ ڪو به فرق ناهي ، ڇو ته گڏھَ کي سوچ ۽ سمجھ جي طاقت نه هوندي آ ، پر پوءِ به وقت سر هو ڪنهن جي ڪم اچي ويندو آ ، تو کان ته اهو گڏھُ به چنگو ، ۽ تون آن جو نه دؤري جي درد کان مونکي آجو ٿو ڪرين ، نه محبت جي موالڻ ٿو بڻائين ، نه توکي منهنجي نازڪ نفيص احساسن  ، جذبن ، ۽ خوابن جو احساس ئي آ ، نه مونتي ئي توکي ڪو قياص ٿو اچي ، . . . . !!؟؟“
ان وقت مون هن کي مرڪي چيڙائيندي چئيو هئيم ته . . .!!
” وري ڇا ٿيو آ توکي ، جو توتي قياس ڪئيان ، يا احساس ڪئيان ، هونءَ به مان توتي ڪهڙو ظلم ڪئيو آ ، !!!؟؟“
هن منهنجي ڳالھ ٻڌي گسي مان چئيو هو ،
” وڏي.ڳالھِ آ شڪيل.صاحب جو توکي خبر ئي ناهين ته تون مونتي ڪهڙو ظلم ڪئيو آ ، تون گذريل ٽن سالن کان وٺي مونکي تڙپائيندو رهين ٿو ، روز مونسان واعدا ، وچن ڪندو رهين ٿو ته جلد کان جلد پاڻ شادي ڪنداسي ، پا اهو ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي ، يا ته تون مونکي صاف صاف ٻڌاءِ ته ، مرڪ ! مان توسان شادي نه ڪندس ، مان صرف توسان ۽ تنهنجي وجود سان روح ريجهائيو آ، باقي مان شاديءَ لاءِ سيريئس ناهيان . . . . !!!؟؟؟“
هوءَ سڏڪي پئي هئي ، پر مان ان وقت هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو ، ....!!!“
” ايئن باز اوقات محسوس به ٿيندو هئيو ته هوءَ چري ته مونسان گڏ جيئڻ مرڻ چاهي ٿي پر تڏهن مان ان لائق نه هئيس ، جو هن سان شادي ڪئيان ، ان جا ٻه ڪارڻ هئا ، هڪ ته مان هڪ اهڙو دنيا جو فرد هئيس جنهن وٽِ نه گهر نه تر ، نه ڪٽنب نه ڪهول ، نڪو اڳ ۾ نه پٺ ۾ بس هڪ يتيم لاوارث ، مذدوري ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي ، اڳتي هلي ڪجھ ٿيڻ پئيو چاهيان ، پر مان اهو به هن کي هڪ ڏينهن ٻڌائيو هئيو ، پر هن پوءِ به چيو هو ته مان توسان گڏ هجان پوءِ ڀلي بک ۾ يان ڏک ۾ بس تون منهنجو جيون ساٿي ٿي مونسان گڏ هج . . . !!“
” هوءَ حقيقت ۾ ته مونکي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه پئي چاهي پر مان هن کي پنهنجي لاوارث زندگيءَ ۾ ان وقت شامل نه پيو ڪري سگهان ، ان لاءِ ان ڏينهن کان پوءِ مان خاموشيءَ سان پيپر ڏئي راتو رات ، ڪراچي هليو آيس ، ڪراچي ۾ جتي زندگيءَ جا حسين رنگ نظر ايندا آهن ، پر مون اتي اچي راتِ جي هڪ پرائيويٽِ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳس ۽ ڏينهن جو يونيورسٽيءَ ۾ ، ايم . بي . بي . ايس . جي ڊگريءَ لاءِ محنت ڪرڻ لڳس . . . . !!!؟؟“
” ايئن وقت گذرندو رهيو ، ۽ مان چئن سالن کان پوءِ ايم . بي . بي . ايس . جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ، ۽ مان ساڳي حيدرآباد جي سول هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر ٿي آيس ، ايئن وقت گذرندو رهيو ، ۽ اڄُ پورن ستن سالن کان پوءِ جڏهن هن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ تڙپندي ڏٺم ته حيران رهجي وئيس ، . . . !!!؟؟“
هن کي ڏسي مون مٿان ڄڻُ ته حيرانن جا پهاڙ ڪري پئيا ، هوءَ سڪي ڪنڊا  ٿي وئي هئي ، هن جي منهن ۾ گهنج ۽ اکين ۾ صدين جو اوجاڳو اکين جي هيٺان ڪاراڻ ڇائيل ڄڻ ته هوءَ صدين کان وٺي روئيندي رهي آ ، . . .!!  “
مون خيالن جي کيٿر کان نڪري هڪ ڊگهو ساھُ کڻي هن ڏي نهاري چئيم ،
” مرڪ ! ڇا تو شادي نه ڪئي آ . . . ؟؟؟“
هن هڪ ڦڪو ٽهڪ ڏئي چئيو ،
” ڏاڍو عجيب ٿي وئيو آن ، شڪيل ! . جڏهن ته توکي خبر آ ، ته مان تن ۽ من ۾ توکي سانڍي سموئي مورتي ٺاهي ان جي عبادت ڪندي هئيس ، ڇا ان حالت ۾ مونکي ڪو ٻيو قبول ڪري هان يا مان ڪنهن ٻئي جي ٿي سگهان هان ، نه شڪيل ! تون ته ايئن ڪري سگهين ٿو ، پر مان ڪڏهن به ايئن نه ڪري سگهندس ، ڀل هي ساھَ ڀي هن وجود کان موڪلائي وڃن . پر  مان ڪڏهن به ان چاھَ ڀري چمن ۾ ڦٽل جذبن جي گلشن کي اجاڙي نٿي سگهان ...!؟“
” خير توهان ڇڏيو مونکي ، هن محبت جي موالڻ خوش آ پنهنجي حال تي ، توهان ٻڌائيو پنهنجي باري ۾ . . . .!!!؟؟؟“
هن ٿڌو ساھُ کڻي هڪ پر سڪون لهجي ۾ موڏي نهاري چئيو ، . . .!!!
” مرڪ ! مان يونيورسٽيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان ايم . بي . بي . ايس . ڪري گذريل ٻن سالن کان هتي آهيان . . !!!“
” تو شادي به ڪئي هوندي  ۽ اولاد به ٿي هوندئي…!!!؟؟؟“
” نه مرڪ ! الاڇو ، حقيقت اها آ هي ته چاهيندي به مان توکي پنهنجي خيالن مان نه ڪڍي سگهيس ان لاءِ شادي ته دؤر جي ڳالھ آ ، پر راتين جو اڄُ تائين سڪون سان سمهين به ناهيان سگهيو ،…!!“
مان پگهرجي وئيو هئيس ڄڻ ته صدين کان سفر ڪندو پئيو اچا ۽ اڄُ وڃين منزل تي پهتو آهيان .…!!!
مان هن ڏي هٿ وڌائي چوڻ لڳس ،
” جي تون چاهين ته منهنجي اڪيلائن ۽ پنهنجي اڪيلائن کي گڏجي ختم ڪئيون ……!!!“
هن هڪ وڏو ساھُ کڻي هٿ منهنجي هٿ تي رکي ڇڏيو ………!!!!“
saqi.irshad@gmail.com
03002586897

No comments:

Post a Comment