Saturday, July 8, 2017

اظهار بالادي او پوپري او ڇوڪري

او پوپري او ڇوڪري.....!
اظهار بالادي
ڪجهه ڏينهن کان تون ڏاڍو خوش لڳي رهي آهين......
پنهنجا سڀ رنگ تبديل ڪري ڇڏيا اٿئي.......
معمولي ڳالهين تي به وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳين آهين......
ٽهڪن سان گڏ سُريلا گيت به گنگنائڻ لڳين آهين......
تون پنهنجو پاڻ کي بيحد سينگارڻ لڳين آهين.........
وڏين وڏين، گول گول اکڙين ۾ ڪجل پائڻ لڳين آهين.......
گورين گورين ٻانهن ۾ رنگي برنگي چوڙيون پائڻ لڳين آهين.....
سنهڙين سنهڙين آڱرين جي ننهن تي نيل پالش ڪرڻ لڳين آهين........
صراحي جهڙي ڳچي ۾ موتين جا هار پائڻ لڳين آهين.........
تنهنجي پيرن جي پازيب به مڌهم ساز ٻڌائڻ لڳي آهي.....!
تون ويٺي ويٺي ڇرڪ ڀرين ٿي.........
سچ ٻڌا! ڪٿي گم تون رهندي آهين..........
تنهنجا بدليل هي سڀ رنگ ٻڌائن ٿا تون دل ڦرائي ويٺي آهين.......
 او پوپري او ڇوڪري!
  او پوپري او ڇوڪري.........!

هي دل جو معاملو وڏو ڳنڀير اٿئي!
هي چاهت وڏي چالاڪ اٿئي!
حسين خوابن جا دلڪش منظر ڏيکاري!
هي چاهت توکي برباد ڪندي.......!
تنهنجو جيون سڄو ٿي زهر ويندو........
مخالف ٿي پورو شهر ويندئي........
ان کان اڳ جو تون پنهنجو پاڻ کي محبت جي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏين........
ان کان اڳ جو تون محبت واري گل کي پاڻي ڏين.......
هي توکي مان ٻڌائي ٿو ڇڏيان............
هر ڳالهه توکي سمجهائي ٿو ڇڏيان.......
هي چاهت.......... عشق........ محبت......... پيار سڀ دوکو اٿئي...... فريب اٿئي!
هي ڪوڙو سڄو قصو اٿئي.......
پيار جي دڳن تي هلڻ ڏاڍو اوکو اٿئي..........
 او پوپري او ڇوڪري!
  او پوپري او ڇوڪري.........!

تون هيئنر بيحد خوش آهين.......
خوشي ۾ محو رقص آهين.........
صحن ۾ ويهي چنڊ ڏسين ٿي........
چنڊ ۾ ڪو چهرو تلاش ڪرين ٿي.........
هي چنڊ به ڀلا ڪڏهن ڪنهن کي مليو آهي........!
 او پوپري او ڇوڪري.........!
  او پوپري او ڇوڪري.........!

ڏور کان بيهي تنهنجو هي حال ڏسان ٿو...........
ڇوڪريون سڀ پينگ لڏن ٿيون ۽ تون ڏور تنها بيٺي آهين.......
ڪو اڻ ڏٺو چهرو تنهنجن سوچن کي ڇيڙي ٿو..........
خبر اٿئي! هي چهرا بي درد اٿئي........!
هي چهرا وڏا ظالم اٿئي........
هنن چهرن جا عڪس به ڌنڌلا ٿيندا اٿئي.......
هي سنگدل........ پٿر هوندا اٿئي...........
هي چهرا ڪڏهن به ڪنهن جا نه بڻيا آهن......
تون معصوم، حسين، حساس ڪنهن شاعر جي خوبصورت غزل آهين........!
توکي پتو به ڀلا ڪهڙو ته هي زمانو ڪيڏو بيدرد آهي........
تون جنهن کي اڄ چاهين ٿي........
هو توکي ڏاڍي تڪليف ڏيندو....... 
هو تنهنجي دل ٽوڙي وجهندو........!
تون هن لاءِ ويهي لڙڪ ڳاڙيندين........!
توسان وڏو ٿي قهر ويندو..........!
سو ان کان اڳ جو تنهنجي محبت وارو گل مرجهائجي وڃي.....
۽ تنهنجي محبت دم ڏئي مري پوي......
تون پنهنجو پاڻ پلي وڃ......!
تون پنهنجو پاڻ پلي وڃ......!
 او پوپري او ڇوڪري!
 او پوپري او ڇوڪري! کان تون ڏاڍو خوش لڳي رهي آهين......

No comments:

Post a Comment