Tuesday, May 2, 2017

عباس سارنگ جون نڪور ڪهاڻيو

 ڪهاڻي:
“روحاني بابا”
عباس سارنگ
ڪراچي کان موٽ تي روهڙي وٽ ياد آيو ته پاڻ سان گڏ جيڪو گل محمد ڪلرڪي ڪندو هو جنهن کي اسان سڀئي پيار مان گُلو گُلو سڏيندا هئا سين هتي روهڙي ۾ ڪنهن پير تي “روحاني بابا” ٿي ويٺو آهي ڇو نه اڄ ساڻس ملجي....ٽئي دوست پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس هلي وڃڻ جو سوچيو سين.....اسان ٽئي دوست پير تي پهچي ٿوري جاچ ڪئي سي ته اسان وارو يار گل محمد عرف گلو پر اڄ جو روحاني بابا جلدي ملي ويو.....
پير تان ئي خبر پئي ته روحاني بابا پنهنجي ڪمري ۾ روحاني فيض ڏيئي رهيو هو. اسان به ٽئي دوست ان ڪمري ۾ داخل ٿياسون ته اسان وارو سابقه يار ۽ اڄ جو روحاني بابا روحاني فيض ڏيڻ ۾ لڳو پيو هو. اسان ڏٺوسون ته ڪجھ مڙد ۽ ڪجھ عورتون روحاني بابا جي اڳيان وڏي عقيدت ۽ احترام سان ويٺا هئا. روحاني بابا جي اوچتو جئين ئي اسان تي نظر پئي ته سندس ٻئي اکيون هڪ سمي لاءِ اسان تي ٽڪ ڄمائي بيهي رهيون.....۽ پوءِ جلدي سمجھي ويو ۽ سامهون ويٺل عقيدتمندن کي چيائين.
“بابا! هاڻي توهان وڃون منهنجا ٻيا عقيدتمند پري کان آيا آهن......”
ايتري چوڻ تي ساڳيا عقيدتمند وڏي احترام ۽ تعزيم سان سندس اڳيان اٿي ويا ته وري اسان اهڙي ئي عقيدت سان روحاني بابا جي اڳيان ويٺا سين. روحاني بابا پنهنجي چيلي کي چانھ آڻڻ لاءِ چيو. سندس چيلو جئين ئي چانھ لاءِ ويو ته هن اسان کي چيو.
“اڙي ظالمو! ڪئين آهيو ۽ ڪئين آيا آهيو...!!؟؟”
“اسان ٺيڪ آهيون....تون چوندو هئين ته روحاني بابا ٿيندس سو ٿي وئين....؟”
“ ها يارو! ڪلرڪي ۾ ڪيستائين ذليل ٿيان ها....هتي ته ڪابه محنت نٿي ڪرڻي پوي. هتي هرڪو پنهنجو پاڻ اچي ٿو، جنهن جو ڪم نٿو ٿئي ته اهو نٿو اچي، باقي جنهن جو ڪم ٿي وڃي ٿو ته اهو ٻه چار پاڻ سان گڏ ضرور وٺي اچي ٿو....الله سائين جو شڪر لڳو پيو آهي....”
روحاني بابا گل محمد عرف گلو ڳالهائي رهيو هو ته مون سندس ڀڪ ۾ رکيل پيالي تي وڌي جنهن ۾ ڪجھ تعويذ ۽ ڪارا ڌاڳا پيل هئا......هن وڌيڪ ٻڌايو ته
“هتي مون کان ڪنهن اهو به نه پڇيو آهي ته توهان ڪير آهيو ڪٿان آيا آهيو.....بس مون ’روحاني بابا‘ جو دڪان لڳايو ته هلي پيو.....توهان ٻڌايو توهان اڃان ڪلرڪي ۾ لڳا پيا آهيو؟”
اسان روحاني بابا کي ها ڪئي ته چوڻ لڳو.
“هاڻي جلدي چانھ پيو ۽ وڌيڪ ماني کائو ته مان حاضر آهيان نه ته منهنجي گراهڪي خراب نه ڪيو چانھ پي جلدي نيڪال ڪيو.”
پوءِ اسان چانھ پي روحاني بابا جي گراهڪي جو خيال ڪندي سندس ڪمري مان نڪري آياسين ۽ رستي ۾ هرڪو پاڻ کي روحاني بابا ٿيڻ جو ۽ مناسب اڏو ڳولهڻ جو سوچڻ لڳو.

ڪهاڻي:
خالي آکيرو
عباس سارنگ

هڪ ڳوٺ جي ڀر واري جهنگ ۾ جهرڪ ۽ جهرڪي پنهنجو نئون آکيرو جوڙي رهيا هئا. ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي وڃي ڪٿان ڪک ته ڪٿان پن کڻي ٿي آيا ۽ آکيري ۾ ٿي لڳايائون. آکيري ٺاهڻ سان گڏ سندن موج مستي به اوج تي هئي ۽ آکيري جو ڪم به تيزي سان جاري هو نيٺ سندن محنت سان آکيرو به جڙي راس ٿي ويو.
هڪ رات اوچتو ڏاڍي برسات وٺي ته ٻئي آکيري ۾ لڪي ويهي رهيا پر برسات بس ٿيڻ جو نانءُ نٿي ورتو، سندن سموري جو سمورو آکيرو پسي ويو هو، پر هي ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجن پنهنجن پرن ۾ لڪائي ويٺا هئا.
نيٺ صبح ٿيو ٻئي آکيري مان نڪري آيا ۽ سج به نڪري آيو هو. ٻنهي پئي اُس جو مٺڙو مٺڙو مزو پئي ورتو ته اوچتو هيٺيان کان هڪ شڪاري گليل جو سڌو وار جھرڪيءَ تي ڪيو جيڪو کيس وڃي سيني ۾ لڳو جيڪا اُتان ٻٽڪو کائيندي سڌو اچي زمين تي ڪري شڪاري هڪدم کيسي ۾ تکو چاڪو ڪڍي کيس حلال ڪيو جھٽ پٽ ۾ جيئري جاڳندي جھرڪي شڪاريءَ جي ٿيلهيءَ ۾ هلي ويئي ۽ جهرڪ کيس ڳولهيندو رهجي ويو ۽ شڪاري ٻئي شڪار جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ويو.

ڪهاڻي:
“چانڊوڪيءَ ۾ ڏنل آخري چمي”
عباس سارنگ
ياد اچي رهيون آهن توسان گھاريل راتيون.......اکين ئي اکين ۾ ۾ التجائون، قرب ڀريا ڀاڪر، چپن تان چميون، اکين تان چميون، پيشاني تان چميون، ڪنن جي پاپڙين تان چميون، موٽ ۾ ساڳئي وارتا مون سان تنهنجي ۽ تنهنجا هٿ منهنجي سيني جي وارن جي گھٽين ۾ گھمي رهيا هئا جيڪي اوپرا نه رهيا هئا ۽ وري منهنجا هٿ تنهنجي جسم جي سمورين لاهين چاڙهين کان واقف.......اُف...... اهي راتيون ايترو جلدي گذري وينديون!!! عجب ٿو لڳي مونکي ته مان تنهنجي دل ۽ دماغ تان ائين ميسارجي ويس، جئين ننڍڙو ٻار پنهنجي اسڪول جي پٽي کي ٻئي مشق لکڻ لاءِ ميساري وٺندو آهي.


ڪهاڻي:
“آسيس”
عباس سارنگ
چاچو ڌڻي بخش پُراڻي دور جو ماڻهو، مٿي تي جوانيءَ وارو پٽڪو سجايل، اکين ۾ سرمو پاتل، شانائيتا شهپر ۽ هلڪي سونهاري جيڪا ڪاري رنگ سان سينگاريل جنهن تي هلڪو تيل جو مکُ ڏنل، اڇي پوشاڪ سان گڏ ڪلهن تي اجرڪ پاتل، پنهنجي دور جو ڀلو وقت گذاري آيل ماڻهو. کيس اڄوڪي دور جي ماڻهوءَ جي ڪابه چالاڪي نه ايندڙ. هن دور ۾ هن جي گذاري آيل دور جو گھڻو تُڻو اُهڃاڻ ڪونه بچيو هو. حال احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ واري ختم ٿي ويل رسم کان وٺي ڄڻ ته سموري جا سمورا قدر مٽجي ويل.
ان جي باوجود  چاچي ڌڻي بخش جي ڪوشش هوندي هئي ته جنهن سان به ملندو هو ته  خير عافيت پڇڻ کان پوءِ ان کي حال احوال ڏيڻ لاءِ چوندو هو، پر موٽ ۾ خوش خيريت کان اڳتي ڪا به واٽ نه ملندي هُيس ته ملول ٿي ويندو هو. ڳوٺان وڏي سڪ سان پنهنجن ڀائيٽن وٽ شهر ايندو هو ته کيس ڀائٽا ۽ ٻيا گھر ڀاتي هٿ ته ضرور ملايندا هئا، پر ساڻس حال احوال ڪوبه ڪونه ڪندو هو. سندس مرضي هوندي هئي ته ڪجھ ڏينهن ڀائٽن وٽ شهر ۾ رهي پر سوڙهي جڳھ ۽ گرمي سندس ساھ سڪائي ڇڏيندي هئي ته هڪ رات مس ئي رهي واپسي ڪندو هو.
هڪ ڀيري ائين ئي کيس ڀائيٽن وٽ وڃڻ جي سڪ ستايو ته اچي شهر پهتو. ساڳئي طرح گھر وارن هٿ ملايس ۽ ساڳئي حالت ٿيس. ٻئي ڏينهن تي ئي ڳوٺ ڏانهن ورڻ جو سوچي ويٺو ۽ ڀائٽن جي گھران جئين ئي نڪري رهيو هو ته پٺيان گھر وارن پاڻ ۾ سس پس پئي ڪئي ته 
“الائي ڪڏهن جان ڇٽندي هر سال ڀڄندو اچي ٿو، مري به نٿو؛ ته جند ئي ڇٽي پوي جڏهن به اچي ٿو ته پريشان ڪري هليو وڃي ٿو......”
اِها سُس پُس جو ٻڌائين ته پوئتي ورائي به نه ڏٺائين ۽ گھر جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ پنهنجي پٽڪي  جي پَلوَ سان ڳُوڙها اُگھندو پنهنجي ڳوٺ موٽيو..

ڪهاڻي:
“ٻھ روپيو”
عباس سارنگ
هڪ ڀيڻ سان پيار جو پرڻو ڪيائين، ٻنهي جو فوٽو اخبار ۾ لڳو ٻئي مسڪرائي رهيا هئا. سال کان پوءِ ڀاڳ ڀري پياري ڌيءَ ڄاون. ٺيڪ ٻن مهينن کان پوءِ پنهنجي انهيءَ پريمڪا زال کي اوچتو طلاق ڏيئي پنهنجي خوبصورت سالي کي ڀڄائي وڃي پيار جو پرڻو ڪيائين ۽ سندن پيار جي پرڻي جو فوٽو ٻيهر اخبار ۾ لڳو فوٽو ۾ ٻئي پريمي زال مڙس مسڪرائي رهيا هئا. اهو فوٽو ڏسي سندس پهرين پريمڪا روئي رهي هئي..

ڪهاڻي:
زندگي خالي پنو
عباس سارنگ
زندگي جي ان ڏاڪي تي پير رکيو اٿم، جنهن ڏاڪي تي پاڻ سان جڙيل سچايون، حقيقتون بيان ڪجن، اچتو ڪنهن محبوب دوست جي اسرار تي ۽ پنهنجي اندر کي به پاڻ سان ان ڳالھ تي پرچائي ويٺس ته زندگي جي حاصل توڙي لا حاصل تي، پنهنجي جيون ۾ آيل ڪڙي سچ، مٺي مرڪ ۽ روئيندڙ آلين اکين جي بيوسي تي لکجي، انهن راتين ۽ ڏينهن تي لکجي جيڪي ڪڏهن جيل ۾ ٿي گذريا ته ڪڏهن محبوب جي مٺي مرڪ جي سحر ۾ سمائيجي ٿي گذريا، انهن بي ڌڙڪ ڀاڪرن تي لکجي جن جيئڻ جو حوصلو ڏنو، دوستن جي روسامن، پرچڻ ۽ روئي روئي پرچائڻ تي لکجي.
اڄ پڪو پھ ڪري پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ صبح جو رجسٽر وٺي آيم ۽ اچي ڪمري ۾ رکيم شام جو گھمي ڦري واپس وريم ته رجسٽر پنهنجي جاءِ تان گم هو ڪمري ۾ ڏاڍو ڳولهيم پر رجسٽر نه لڀڻو هو سو نه لڀيو. ڪمري کان ٻاهر نڪري گھر جي وڏن گھرن ڀاتين کان پڇا ڪيم؛ پر ڪنهن کي ڪابه خبر ڪونه هئي. مون کي بلڪل عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته آخر رجسٽر ڪير کڻي ويو!!؟ منهنجو ذهن ڪجھ منتشر، ڪجھ ڪاوڙ ۽ ڪجھ ڪروڌ ۾ گھيرجي ويو هو. رجسٽر جي گم ٿيڻ تي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ سمورا خيال ڄڻ ته برف جيان ڳرندا ٿي ويا....
ائين ئي رجسٽر جي سوچ ۾ هيم۽ ڀايم پئي ته رجسٽر جي گم ٿيڻ سان ڄڻ منهنجي سموري جيون ڪٿا گم ٿي ويئي هجي. پاسو ورائي مس ستس ته منهنجو اٺن سالن جو پوٽو سنگھار انهيءَ گم ٿي ويل رجسٽر سان گڏ منهنجي ڪمري ۾ گھڙي آيو ۽ پنهنجي معصوميت سان چوڻ لڳو.
“ڏاڏا سائين! هي وٺو پنهنجو رجسٽر هن تي مون پنهنجي ۽ توهان جي تصوير ٺاهي آهي ڏسو ڏسو.....!!!”
مون ننڍڙي سنگهار کان رجسٽر وٺي جو ڏٺو ته پهرين پني تي سنگهار هڪ ٻار جي تصوير ٺاهي هئي جنهن کي هو پنهنجي تصوير سڏي رهيو هو ۽ آخري پني تي هڪ پوڙهي جي تصوير هئي جنهن کي هو منهنجي تصوير سڏي رهيو هو.
مون هڪدم کيس پنهنجي سيني سان لاتو ۽ چيم،
“اڙي يار سنگھار! تو ته منهنجي سموري زندگي جي آتم ڪٿا لکي به ڇڏي....اول ۾ تون منهنجي ننڍپڻ جي روپ ۾ ۽ آخر ۾ مان پنهنجي هن روپ ۾...... باقي زندگي جا ٻيا ڏينهن خالي پنا ئي ته آهن جيڪي پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان ٺهندا رهيا ۽ ڊهندا رهيا.....”  


۽ گم ٿي ويل رجسٽر جو ڏک ختم ٿي ويو..............


No comments:

Post a Comment