Monday, March 27, 2017

سعيد حاوي جا سهڻا غزل

غزل
روح روان ٿو رهي ڪاروان ٿو رهي.
جستجو ٿي رهي، ڪونشان ٿو رهي.

حال مجذوب آ، خيال محبوب آ.
بيخود ي ٿي رهي، ڪوبيان ٿو رهي.

محڪمو ڪونه آ، جو ڪري فيصلو.
منهنجي دل ۾هي ڪهڙو جهان ٿو رهي.

هو قصو ڀي ڪراڙو ويو ٿي مگر.
درد تنهن جو اڃان ڀي جوان ٿو رهي.

درد آ درد جي دوا ڪانهي.
تو ڪئي دلربا وفا ڪانهي.

تو ڪئي بد دعا ڪڏهن اهڙي.
ٺيڪ مونکي ڪري دعا ڪانهي.

نيڻ هي ڌنڌ ۾ ويا رلجي.
مون اڳيان تو سوا ضيا ڪانهي.

ڀل اچي چير هي جيئڙو منهنجو.
پاڻ ۾ ڪا رکي دغا ڪانهي ،

غزل

مان رات جو توسا ن هيس.
هر رات کان بهتر هئي.

تنهنجي بنا سار ي حيات.
مونکي لڳي بدتر هئي.

هر مر ڪ ئي تنهنجي مٺي.
سڀ سونهن کان سندر هئي.

جا راه آ توکا ن جدا.
ها راه سا ڪمتر هئي.

غزل

ويه ويجھو اچي فاصلو ٿي پري،
دل منجھان درد جو قافلو ٿي پري.

ماٺ ۾ مون ڏٺو آشيانو سڄيو،؟
مل اچي ماٺ جو سلسلو ٿي پري.

دل بـ ڌرتيءَ جيان زور سان ٿي ڌڏي،
تون ڏئين قرب !هي زلزلو ٿي پري.

آرزو، دوريون!هر مهل جو گمان،
ها ذهن مان اهو!؟ ٿرٿلو ٿي پري.

غزل

نـه ڪنهن آس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري،
نـ وشواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سويرو سڄيو سوچيو ڌنڌ ۾،
نه احساس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

نه مندر،نه گرجا،نـه مسجد هتي،
نـه ڪنهن داس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سڄي رات جگنو اڏيو گل مٿان،
لڳو واس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

شهر هي سڄو ٻاٽ ۾ گم رهيو،
ڇو بنواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

غزل

هو نشو ايترو فضائن ۾ اڄ،
هوش غافل ٿيو گھٽائن ۾ اڄ.

مان بـ ڪسجان پيو تڏهن ئي سائين،
تنهنجي مقتل ڏٺو نگاهن ۾ اڄ.

مان بـ بت پوڄيو خدا سمجھي آ،
ڪنهن جبل جي وڃين غفائن ۾ اڄ.

سوچ ڪافر ٿئي! ڏسون توکي ٿا،
تنهنجي آهي نشو ادائن ۾ اڄ.

ساهه سولو کڻي سگھي ڪوئي نٿو،
آهي آ لودگي هوائن ۾ اڄ.

غزل

شهر اوها جي بهار هوندو،
اسانکي ليڪن خمار هوندو.

سکن ۾ سڀ ڪو ڏکن ۾ ڏسجو
ڪڏهن بـ ڪوئي نـ يار هوندو.

سڀئي اسانجا تـ خواب گروي،
رکيو ويو ڪو تـ بار هوندو.

اجائي ناهي اداس دل ٿي،
ڪوئي نـ ڪوئي غبار هوندو.

غزل

پيار جي هر گھڙي همسفر ٿي وئي،
زندگي هي تڏهن مختصر ٿي وئي.

ڇو نـ ڄاتو اسان هن نگاهن کي هو،
ها ! ڏسي عمر هي دربدر ٿي وئي.

اڳ نـ اهڙي ڪڏهن مون ڏٺي ڪا ادا،
هي حياتي سڄي! بي خبر ٿي وئي.

درد جي آ دوا مرڪ تنهنجي مٺي،
ٻي دوا ! آ سڄي بي اثر ٿي وئي.

تو وساري ڇڏي هڪڙي منهنجي خطا،
سا خطا ڀل منجھان ياد ڪر ٿي وئي.

غزل

لوڪ کي تڪليف آ!ناهي شفا هتڙي ملي،
درد آ پر درد جي ناهي دوا هتڙي ملي.

سور جي صورت انوکي آ ڏٺي من ۾ گھڻي،
درد ۾ آيو مزو جو ڪا جفا هتڙي ملي.

پيار جي تصوير ۾ مان رنگ فطرت جا ڀريا،
سونهن کي صورت اها ۽ ڪا بقا هتڙي ملي.

ڀاڳ آ اهڙو مليو جو ڀيد هي دل ۾ دفن،
ڪنهن لبن جي جا بجا ڪا دعا هتڙي ملي.

پيار کي پنهنجو ڪيون يا اڄ کڻي دل مان ڪڍون،
هي مزاجي شوق جي آهي صفا هتڙي ملي .

غزل

ڪنھن ڏنو گھاءُ! گَھِرو آ.وقت! پڇتاءُ گَھِرو آ.
مان ڀلائي اڃان ناھي،سا چمي ـ ساءُ گَھِرو آ.

ڪٿ پڳو يار آھيان مان،ھن ھنيو داءُ گَھِرو آ.
مان ٻڏي ڪونه نڪتس جو،عشق ُ! درياءُ گَھِرو آ.

تون ٿڌي برفَ جھڙي آن،مَنَّ! مون تاءُ گَھِرو آ.
چو طرف ڌنڌ ڪوھيڙو،ٿو لڳي واءُ! گَھِرو آ

غزل

ناڪام ڪوششن جا، احوال پڇ نه مونکان،
بدنام تھمتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھر حال مون نڀايو، پر ڪونه آ وفا ٿي،
الزام آفتن جا، احوال پڇ نه مونکان.

ڪو نانءُ ڪونه ملندو ھن پيار کي به ڪاٿي،
بي نام چاھتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ڪو ڏينھن ڪونه منھنجو، ڪا رات ٿي نه منھنجي،
ڪنهن شام راحتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھن راھ کان جدا آ، ھر راھ ڳوٺ تنهنجي،
ھر گام دشمنن جا احوال پڇ نه مونکان.

غزل

ھي دل لڳي ھي دلبري، منھنجي وفا چيڀاٽبي.
تو زور آ دل تي رکيو، دل جي صداچيڀاٽبي.

ڪومل بدن تنھنجو چري، ڪومائجي ويندو ڪڏھن.
ھر روز جو نخرو نئون، ڪافر ادا چيڀاٽبي.

تبديل ٿي ويندا سڀئي، ماڻهو جڏهن ھن دورجا،
جنهن وٽ بچي جيڪا سخا، سڀ جي سخا چيڀاٽبي.

ھن چپ چپن تي جو رکيا، ڄڻ ساھ ۾ ڪو ساھ ھو.
من ۾ لھي رڪجي وئي، اڄ سا ھوا چيڀاٽبي.

پنهنجي عمل جي ھر تقاضا لوڪ ھي ڏيندو ھلي،
ٿي ھي فنا دنيا جڏهن، منھنجا خدا چيڀاٽبي.

غزل

زندگي اڄ داوَ ھڪڙي واربي،
جي کٽي مون راند پو ڀي ھاربي.

ھو ويو موٽي نه سگھيو آ اڃان،
ڇا اڪيلي زندگي ھيءَ گھاربي.

سا نه موٽي ٿي سگھي گذري گھڙي،
جا وساري ڀي نه سگھبي ساربي.

دشمني مون پاڻ سان ڪئي آ وڏي،
اڄ وري سا باھ دلبر ٻاربي.

No comments:

Post a Comment