: غزل
مارون منهنجا وار َ ۾ آھن ،
ڌارين جي ڌڪ ڌارَ ۾ آھن ،
ڏينهنَ ۽راتيون ڏُکَ ۾ گھاري ،
ڪنهن سرڪشَ جي سارَ۾آھن،
گهر گهر سوچون ڀڻڪا،سڏڪا،
هر پل هي آزارَ ۾ آھن ،
سک لئه سڀئي ماندا آهن ،
ڦاٿل ڏک جي ڄارَ ۾ آھن ،
هتڙي ، هيمون ، هوشو ، دودا،
لوڪَ لچي جي مارَ ۾ آھن ،
هتڙي سارا ”ساقي“ پارا،
ويٺل ظلم جي بارَ ۾ آھن ،
نظم
بهار رُتِ ۾ گلابَ چهرا ،
اداس آهن ، نراس آهن ،
زخم زخم ٿيا وجود آهن،
اڃان اتم هي وجود آهن ،
ڪو بار دل تان اچي ته لاهي ،
ڏيڻ ڪو آٿت آيو نه آهي ،
ڪي سک سهارا ملي نه سگهيا،
ڏکن ڪنارا ، ملي نه سگهيا ،
صدا جون لهرون وڃن ٿيون دٻجي ،
آماٺ مونجهو گگن ۽ ڌرتي ،
سندر ڪي سپنا اکين ۾ چڀيا،
تڏهن اڙهو آ اکين مان پاڻي ،
سڄو هي عالم ڀري ٿو سڏڪا ،
امن لڏي جو هتان هليو ويو،
ڳلي ڳليءَ ۾ ھلي ٿي هولي ،
شهر نگر آ ٿيو رتو رت ،
گهرن برن ۾ غبار آهي ،
رُڳي ئي دردن نهار آھي ،
نظر نظر ۾ سوال آهي ،
خوشيون اسانجون ڪِڏانهن هليون ويون ،!؟
خوشيون اسانجون کسي اسان کان ،
کسنِ ٿا ظالم لٽنِ ٿا ظالم ،!
خوشيون اسانجون لٽيون ويون هِنِ ،!
خوشيون اسان جون گهٽيون ويون هِنِ ،!
غزل
دور ٿيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
ڏکَ ڏيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
کوڙ کاري کڻي هٿ هٿياري کڻي ،
گل پٽيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
ساٿُ ساٿي ڇڏي موکي غم سان گڏي،
ننڊ نيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
الوعدا اڄ چئي گاوَ گھرا ڏئي ،
کِل کسيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
هرپهر جان جذبن مان منهنجي ڪڍي،
غم گڏيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
سار ”ساقي“ لهي ڪان آيا ڪهي ،
منهن مٽيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
غزل
ڀل خفا ٿي شهر ڪري ڇڏبو ،
درد دل جو ذڪر ڪري ڇڏبو ،
تون اچين جي مو ڏي هلي هيڪر،
سور سارو ثمر ڪري ڇڏبو ،
منهنجا محبوب هن وڇوڙي ۾،
پُرِ پيالو زهر ڪري ڇڏبو ،
ها تون آن زندگي رهڻ تو بن،
محل ماڙيون کنڊر ڪري ڇڏبو ،
ڏينهن جيڪي گڏي گذارياسي،
تن تي هر هر فڪر ڪري ڇڏبو،
هاڻ ”ساقي“ اچي پُڳو آهيان ،
ساڻ سپنو خنجر ڪري ڇڏبو،
غزل
سدا درد ديرن ۾ قيد رهياسين ،
حسينن جي ڦيرن ۾ قيد رهياسين ،
زماني ته مونکي گهڻو يار ٽوڪيو،
مگ تنهنجي پيرن ۾ قيد رهياسين ،
اسانکي ٻڌل دردَ دامن ۾ آھن،
حسينن جي گهيرن ۾ قيد رهياسين ،
پرين محبتن جا وڌي ويا ته ويري،
سدا تن جي ويرن ۾ قيد رهياسين،
اسان پئي تلاشيا اُجالا سدائين ،
مگر من انڌيرن ۾ قيد رهياسين،
سڄو ڳوٺ پنهنجو ڳوٺاڻا به ”ساقي“،
اسين پوءِ ڇو غيرن ۾ قيد رهياسين،
غزل
سوا تو حياتي اڌوري لڳي ٿي ،
ڏکي زندگي هيء َ سموري لڳي ٿي،
اسانجي سڄڻ دل کي جاچي ڏسوڀل،
اوهانجي ڏکي يار دوري لڳي ٿي،
جدائي سبب جيءُ جلندو رهي ٿو ،
پرين تنهنجي الفت ضروري لڳي ٿي ،
تمّنا اندر ۾ وڏي ڪا رهايم ،
جلايم جسم ڀي نه پوري لڳي ٿي،
ظلم جون نه ”ساقي“ ڏيئو ڪو وسائي،
جَڳَتَ ۾ جهالت نسوري لڳي ٿي ،
غزل
لفظ هن ڄڻ ته وار ڪاتيءَ جا ،
سرس آهن سوال ساٿي ءَ جا ،
ڏکَ ۾ يا سک ۾ تو سوا ”ساقي“،
ڏينهن گهاريان پيو حياتي ءَ جا،
لڙڪ اک اک مان ڏسان ٿووهندي،
سور آهن سوين دِهاتيءَ جا ،
غيرُ ڪٿ ٿو اجهو اجاڙي من ،
هٿَ هجن جي نه پنهنجي ڀاتيءَ جا،
هڪ ئي ڏک آ ته هن غريبيءَ ۾ ،
ساڀيان ٿِيا نه خواب ساٿيءَ جا ،
ڏس ته ڪهڙا ڪڍي ، ڪڍاڪهڙا،
هن ته مطلب سوين ئي جهاتيءَجا،
غزل
چوين پيو ته توکي سهارو مان ڏيندس ،
پري ڏکُ ڪري سکُ سهارو مان ڏيندس ،
سوين ڪوھُ توکان پري غم کي نيندس ،
توکي هرخوشيءَجو ڪنارومان ڏيندس،
رڻن ۾ به بسنتي ، ڀنورَ باغ بستي ،
هتي جيوَ جيوت جيارو مان ڏيندس ،
هتان ڪلفتو سڀ ڌڪي مان ڇڏيندس ،
اَڏي محب محبت منارو مان ڏيندس ،
سڀن ئي اجهن تي سکن جو خوشين جو،
اُوڙي هاڻي اهڙو مهارو مان ڏيندس ،
هتي پنهنجي مارن کي سرسبز وڻندڙ ،
اکين کي پسائي نظارو مان ڏيندس،
پنهنجا پراڻا
No comments:
Post a Comment