غزل
دور ٿيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
ڏکَ ڏيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
کوڙ کاري کڻي هٿ هٿياري کڻي ،
گل پٽيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
ساٿُ ساٿي ڇڏي موکي غم سان گڏي،
ننڊ نيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
الوعدا اڄ چئي گاوَ گھرا ڏئي ،
کِل کسيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
هرپهر جان جذبن مان منهنجي ڪڍي،
غم گڏيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
سار ”ساقي“ لهي ڪان آيا ڪهي ،
منهن مٽيندا رهيا ، ياد ايندا رهيا ،
غزل
ڀل خفا ٿي شهر ڪري ڇڏبو ،
درد دل جو ذڪر ڪري ڇڏبو ،
تون اچين جي مو ڏي هلي هيڪر،
سور سارو ثمر ڪري ڇڏبو ،
منهنجا محبوب هن وڇوڙي ۾،
پُرِ پيالو زهر ڪري ڇڏبو ،
ها تون آن زندگي رهڻ تو بن،
محل ماڙيون کنڊر ڪري ڇڏبو ،
ڏينهن جيڪي گڏي گذارياسي،
تن تي هر هر فڪر ڪري ڇڏبو،
هاڻ ”ساقي“ اچي پُڳو آهيان ،
ساڻ سپنو خنجر ڪري ڇڏبو،
غزل
سدا درد ديرن ۾ قيد رهياسين ،
حسينن جي ڦيرن ۾ قيد رهياسين ،
زماني ته مونکي گهڻو يار ٽوڪيو،
مگ تنهنجي پيرن ۾ قيد رهياسين ،
اسانکي ٻڌل دردَ دامن ۾ آھن،
حسينن جي گهيرن ۾ قيد رهياسين ،
پرين محبتن جا وڌي ويا ته ويري،
سدا تن جي ويرن ۾ قيد رهياسين،
اسان پئي تلاشيا اُجالا سدائين ،
مگر من انڌيرن ۾ قيد رهياسين،
سڄو ڳوٺ پنهنجو ڳوٺاڻا به ”ساقي“،
اسين پوءِ ڇو غيرن ۾ قيد رهياسين،
غزل
سوا تو حياتي اڌوري لڳي ٿي ،
ڏکي زندگي هيء َ سموري لڳي ٿي،
اسانجي سڄڻ دل کي جاچي ڏسوڀل،
اوهانجي ڏکي يار دوري لڳي ٿي،
جدائي سبب جيءُ جلندو رهي ٿو ،
پرين تنهنجي الفت ضروري لڳي ٿي ،
تمّنا اندر ۾ وڏي ڪا رهايم ،
جلايم جسم ڀي نه پوري لڳي ٿي،
ظلم جون نه ”ساقي“ ڏيئو ڪو وسائي،
جَڳَتَ ۾ جهالت نسوري لڳي ٿي ،
غزل
سنگتي ساٿي يار ڇڏي ويا ،
پنهنجا پراڻا پيار ڇڏي ويا ،
سڀ سک چين ڦري ويامونکان،
ويندي ويندي سار ڇڏي ويا ،
ڀيلي ڀونءِ ڀلاريءَ جا باغيچا،
سنگساريء َجا آسار ڇڏي ويا،
رشتا نعتا پل ۾ ٽوڙي ،
دلبر ڌارون ڌار ڇڏي ويا،
مونکي روئندو رڙندو هتڙي ،
ڏک سک جا ڀائيوار ڇڏي ويا،
اڄ پيچ اڙائي سال سڪائي ،
نيھ ڪري نروار ڇڏي ويا ،
”ساقي“ ڪانَ ڏٺاسي جيڪي،
اک اک ۾ اظهار ڇڏي ويا ،
غزل
زندگي گذري رهي آ سار ۾ ،
مان رهان ٿو سوچ َ ۽ ويچار ۾ ،
حق سدا هارين جو کائن ٿا پيا ،
ظلم ۽ دهشت آهي ڀوتار ۾ ،
بس مونکي هروقت هن جي ياد آ ،
پر مٺي هر ويل آ سينگار ۾ ،
عڪس وانگر ياد هن جي دل اندر ،
شل هجي گلڙن جي هٻڪار ۾ ،
حسن واري سنڌ گلشن ۽ سڳنڌ ،
آهي دشمن جي سدائين وار ۾ ،
سک جي ڳولا ۾ اسان هون دربدر ،
ڏک ئي ڏک ”ساقي“ مليا سنسار ۾ ،
غزل
ناس دل جو نگر ڏٺو آهي ،
ڏاهپن تي ڏمر ڏٺو آهي ،
ظلم جي انتها هتي ٿي آ ،
هر رتو رت شهر ڏٺو آهي ،
وارَ واسينگ جيئان ڏنگي ويٺا،
خواب جو ڪو پهر ڏٺو آهي ،
ڪيا اجڙُ بي مندي خزا گلشنَ ،
اجڙيل پنهنجو ترُ ڏٺو آهي ،
ڪنهن بُکي بکَ جي ستايل کي،
پيئندي مون زهر ڏٺو آهي ،
رات ڀر انتظار ”ساقي“ ڪيو ،
هو نه آيو سحر ڏٺو آهي ،
غزل
ڏسو سنڌ جي ناري ڪيڏي آ ستايل ،
ڏکن جي ويچاري ڪيڏي آ ستايل ،
خزان اڄ گلن کي وئي آ اجاڙي ،
چمن جي چؤياري ڪيڏي آ ستايل ،
گلابي چمن کان وئي مرڪ کسجي ،
حسين حسن واري ڪيڏي آ ستايل ،
ظلم جي ڪفن سان سجايل هي ناري،
همٿ ڪون هاري ڪيڏي آ ستايل ،
ڪري پيارجيڪا سا بڻجي ٿي ڪاري،
ڏسو ظلم زاري ڪيڏي آ ستايل ،
اچي ڪوئي”ساقي“اسانکي به پرکي،
رُني به سهاري ڪيڏي آ ستايل ،
_______پنج ڪڙو_______
دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون ،
نفرتون ۽ محبتون جاٿي ختم ،
زندگيءَ جون حسرتون جاٿي ختم،
هل پرين جي پار ڏي موٽي هلئون،
دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون،
پَت
No comments:
Post a Comment