Sunday, March 5, 2017


______بيتُ______

اچُ ڀيٽي ڪيون ڀيٽَ ،
درد   سندا  ھي  ٻيٽَ ،
                   پَتوڙي   پٽُ   ڪئيون ،

_____پنج ڪڙو_____

هاري  ناري  سرسبز   هجي ،
سنڌڙي ساري سرسبز هجي ،
هتِ  باغ   سدا    آباد   رهن ،
ويري    سڀ    ويران   رهن ،
هت  ڌاريا ڪان  گدار  رهن،
بس مالڪ سنڌتي محر ڪري،
                  سنڌڙي   ساري سرسبز هجي ، 
   غزل

هر   گهڙي   تنهنجي   سار سيني ۾ ،
غم     آ    هر    ويل      يار سيني ۾ ،

ڪنهن ڏني نه خوشي سڄوجيون ،
ڏک      سموري     ڄمار    سيني  ۾ ،

زندگيءَ      ۾    سدا     لڳا     آھن ،
من   وڇوڙي   جا   وار    سيني  ۾ ،

ڇا    ته    نفرت   سندا   وڌا   آهن ،
لوقَ     طعنن  جا   هارَ   سيني  ۾ ،

اڄ    تون   ميڙي  سڄا  وڇايا هن ،
بس   ادائن    جا   ڄارَ   سيني  ۾ ،

شال ”ساقي“ توسان ملان هيڪر ،
بس   رهي   آهي   تارَ  سيني  ۾ ،

  غزل

توکي ساريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،
ڳوڙها هاريم ،  ڪينجهر ڪپ تي ،

خواب    اڌورا       ٻڏندڙ        ويرا ،
اک سان تاريم ، ڪينجهر ڪپ تي،

پيار  مان  ڪنهن  سان نيڻ  ملائي ،
جامَ    پياريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،

ڪجھ  محبت  جا  موضون  ڇيڙي ،
گهڙيون گهاريم، ڪينجهر ڪپ تي ،

هڪ   نازيليءَ    جي    نازن    تي ،
جيون    واريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،

اونڌاهي     جيون     ۾     ”ساقي“ ،
ڏيئا      ٻاريم  ، ڪينجهر ڪپ تي ،

3 comments:

  1. جيڪڏهن دوستو ڪجھ غلطيون ٿيون هجن ته نظر انداز ڪجو

    ReplyDelete
  2. دوستو مونکي هن بلاگ لي مڪمل ڪرڻ لئي ڪجھ صلاحون ڏيو ته جيئن مان هن بلاگ کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهان ؟؟؟
    صلاحن لاءِ هي نمبر ،
    03002586897
    Email.saqi.irshad@gmail.com

    ReplyDelete
  3. يار وا تمام اٺو ڪم ٿو ڪرين
    ايئن ئي دل سان هر ڪم ڪندو رهين ته منزل ملڻ مشڪل ناهي ؟؟
    شال سدا آبا هجين ؟؟

    ReplyDelete