Friday, March 3, 2017

هڪ نظم هڪ غزل


ساقي ارشاد لورڙ

  • نظم

اڙي او زندگي جانا.
اوهانجي ياد ايندي ئي.
اسانجي ننڊ ويندي آ،
کڻي هؤَ چاھ جي معنيٰ-----؛
اڙانگي راھَ جي معنيٰ------؛
ڏئي ٿي ماٺ کي معنيٰ!
مگر جيءَ کي رنجاجي ٿي،
سوين سپنا سجائي ٿي ،
ڏئي ڄڻ سانت کي تائي،
اکين ۾ جوت ٻاري ٿي ،
اونڌاري رات ۾ جانا،
پسائي عڪس ٿي تنهنجا،
وهائي لڙڪ ٿي منهنجا ..
رنجائي روح روڳيءَ کي،
دَري اهڙي خيالن جي ،
کلي “ساقي“ جو ڇا چئجي،
رڳو تنهنجو ئي چهرو آ.،
اَچي تنهنجي وفا سامنهن،
کٽالمحا مٺا لمحا ......!!
اکين آڏو ڦِرن پيا ٿا ،
اهي پل يار دؤري کي،
مٽائن ٿا،ڀلائن ٿا،
وري توڏي ورائن ٿا،
اچي توسان ملائن ٿا،
اڙي اوزندگي جانا ،
اوهانجي ياد ايندي ئي،--؟



ساقي ارشاد لورڙ
   غزل            
اقرار    ڪئيان  انڪار  ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان اک سان ڪهڙو وار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان  آسِ  رهان  پاس  رهان  پورن ماس رهان ،
تنهن  کي   ڪيئن  ڌار  ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مونکي  هوء َ ساهڙ  جي  سهڻي  يار لڳي ٿي،
ڇا   نيھُ   هتي   نروار   ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
ها   سالن   کان  تنها  مان  ڀي  يار  رهيو  هان ،
هاڻي  ڪنهن  کي  دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
جيڪي خواب سڪون ۽ احساس پيا بخشن ،
هن  کي  تن  کان   ڌار   ڪئيا  ،  سوچان ويٺو ،
مان  يار  جفائن  جي  دنيا ۾  وفا  جي  ڇا ، ؟
ڪا     آس   رکي     اظهار ڪئيا ،  سوچان  ويٺو ،
”ساقي“ هن ۾ قرب قرار ۽ سڪ سار ڏسان ٿو،
ڇا  هن  کي   مان  دلدار  ڪئيا ، سوچان ويٺو ،

No comments:

Post a Comment