Friday, March 3, 2017

شاعري ساقي ارشاد لورڙ



          ...هڪ حقيقت هڪ ڪلپنا هڪ لمحو ...
اڄ  زندگي هڪ خواب ٿي رهجي وئي آ، جيڪو محسوس ٿئي ٿو ته ڪڏهن نه ڪڏھن ٽٽي پوندو ،
بدلي ۾ رهجي ويندو ڪجھ گهڙين جو تعصير ۽ پوءِ ڊگھي خاموشي جيڪا چند ڏينهن کان پوءِ جڏھن دماغ جي ميمري نو اسپيس no space ٿيندي ته اسپيس لاءِ وارنگ پئي هڻندي ۽ پوءِ اسان جهڙو بندو  مجبور ٿي ان کي ميساري ڇڏيندو ،..!
وري نوان خواب ڏسندو ۽ انهن خوابن جي تعبير ڳولڻ لئه جتن ڪندو ،
ائين وقت جو گهوڙو پنهنجي رفتار سان ڊڪي ڊڪي نيٺ هڪ ڏينهن بيهي رهندو ،
چوڏس اونداھُ ڇائيل هوندو ، ڪجھ نظر نه ايندو ۽ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي ڌرتيءَ تي ڪري صقراط جو زهر پي  فنا ٿي ويندو ،
ائين هڪ ڏينهن مان به هليو ويندس اوهان جي اکين جي آڏو ڏور ڪوهين ڏور ، جتان موٽڻ ممڪن ناهين هوندو،....!!!!!


             غزل
پرين    ياد    منهنجي  صبح  شام  ويٺي ،
رُوئاريندي توکي ، جڏھن مان نه هوندس،

حسين  رُتِ  ھميشه   ڏسي   توکي   تنها ،
ڏکائيندي توکي  جڏهن مان نه  هوندس ،

سوين  سور َ هوندا  گڏِي  برحَ جَنِ  سان ،
گڏائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

ڏنل  منهنجي  هر هڪ نشاني او جاني ،
ستائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

وري  پئي  گهڙي  با  گهڙي   گڏ    گذاريل ،
رنجائيندي توکي، جڏهن مان نه هوندس،

خوشين ڪاڻ سڪندينءَ ۽غم جي غفا پئي،
ايذائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،

او ”ساقي“ هي دنيا  چريو  پوءِ  چوندي،
چوائيندي توکي ، جڏهن مان نه  هوندس ،

                غزل
ساٿُ سپنا    سفر   انا جي ور ،
پيار  محبت   امر   انا جي ور ،

لوڀ  لالچ  ۾  ڪو  ويو وخري ،
هن جو فن ۽ فڪر انا جي ور،

سنڌ  سهڻيء َلئه  ڪٿا سرجا  ،
پر   اکر   با   اکر   انا   جي ور ،

پِير  زنجير    ۾   ويا     ورجي ،
خواهشون ٿيون زهر انا جي ور ،

ڀيل ٿي ويو   چمن   اکين   آڏو،
سونهن ، گلڙا ، صبر انا جي  ور،

بادشاهي    بچي  ڪٿي  هاڻي ،
سلطنت  ٿي   کنڊر انا  جي ور ،

دل جي دنيا  ڏٺم  فنا  ”ساقي“ .
هر چمن جهنگ جهر انا جي ور ،
[

                     غزل

ٿي پت ۽ نيتِ زخمي ،
ڄڻ ٿي پريتِ زخمي ،

زخمي امن بمن ڪيو ،
مندر مسيتِ    زخمي ،

دل عشق جون نمازون،
ٿي هاڻي نيتِ زخمي،

جذبا   ۽  خواب  منهنجا ،
ڪيارسمون ريتِ زخمي،

چاهت   ۾  چور   ٿيندي،
ڳڻتين کي ڳيت ِ زخمي،

”ساقي“ سمجهي وڇوڙا،
هيءَ راند جيتِ  زخمي ،

   غزل

ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
پير  شالا   ڪنڊا    سفر    زندگي ،
رات  ڪاريء َ۾ خوف  جا   پاڇا ،
چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
ڪان  آھي خبر ڇا  آهي  زندگي ،
حرف  گڏ   پنج   يا   اکر   زندگي ،
عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
بندگي     ۽   تنڪو   ثمر  زندگي ،
 تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
تو  بنا   ٿي   لڳي  کنڊر    زندگي،
[2
نثري ٽڪرو،
تون منهنجي نيڻن ۾ نهار ،
توکي منهنجي زندگي ،
 اروڙ جي کنڊرن جهڙي نظر ايندي . . . .!! 

     غزل 

ساھَ  سيباڻا  ،  محبت  ماڻا ،
منهنجي روحَ ۽ دل جا راڻا ،

ساٿ ڏنو ٿي ساٿ کپي ٿو،
زندگي بهر، ٻي ڳالھ نه ڄاڻا،

مولئه تو ئي دعا تو ئي دوا،
گڏجي  جيئون  يار     نماڻا،

توبن”ساقي“خواب نه آهي،
توکي ڏسندي خواب  سماڻا،


   غزل

ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
پير  شالا   ڪنڊا    سفر    زندگي ،
رات  ڪاريء َ۾ خوف  جا   پاڇا ،
چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
ڪان  آھي خبر ڇا  آهي  زندگي ،
حرف  گڏ   پنج   يا   اکر   زندگي ،
عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
بندگي     ۽   تنڪو   ثمر  زندگي ،
 تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
تو  بنا   ٿي   لڳي  کنڊر    زندگي،


ھڪ ڪوِتا ، يا نثري نظم .

تو جو چيو هو ،
تون نه وسرندين ،
پو تون ڪيئن پل ۾ وساري ڇڏيو ، . . . !




No comments:

Post a Comment