Friday, March 3, 2017

منهنجي ڪهاڻي ڪڇان ته ڪيئن ،

ساقي ارشاد لورڙ

ڪهاڻي
                            __ڪُڇان ته ڪيئن ...!!

بابا اوٽي روم مان نڪرندڙ ڊاڪٽر کان پڇو ،
”ڊاڪٽر ! صاحب هوءَ ڪيئن آهي ،“
”توهان پريشان نه ٿيو ڪجھ دير کان پوءِ ھن کي هوش اچي ويندو ، ۽ اوهان کيس ملي سگهندا ، . . .!!“
مان هڪ پر سڪون ساھُ کڻي سوچان ٿي ،
”هي ڪهڙو سماج آ ، جنهن ۾ رهي انسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ ڪري ئي نٿو سگهي ، کيس ڪجھ ڪرڻ جي اجازت ئي ناهين ، بس ٻين جي اشارن تي نچُ ، جي نتَ هئين ئي نه . . . . !“
هوءَ منهنجي ڦڦاٽِ ۽ مان هن جي ماروٽِ ، هوءَ به حد سهڻي ، سلڇڻي ، سيبتي ، نرتڪي ، معصوم ، هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ڄڻ ته ڪتابي ڪيڙو ، لکڻ ، پڙھڻ ، سان چاھُ رکندڙ . . . !!“
”ماءُ پيءُ جي لاڏلي ننڍپڻ کان هيلَ تائين ، ايئن به نه هو ته هوءَ ڦڦي جن جو اڪيلو اولاد هئي ، سحر جو هڪ ڀاءُ به هيو ، جيڪو الٽي (ابتي) کوپڙيءَ جو جنهن کان پڙھڻ ڄڻ ته ڪنڊن جي تي سمهڻَ برابر هو ، تنهن ڪري پيءُ ( ڦڦڙ ) ننڍي هوندي کان ئي ٻني ٻاري جي ڪم ، مال متاھَ جي گاھَ پٺي سان لڳائي ڇڏيس ، هن جي ڀيٽَ ۾ سحر ! ذهين ۽ هونهار پڙھائيءَ سان ازلي عشق ڪندي هئي ، تنهن ڪري ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي پڙھڻ لاءِ سٺي تعليمَ پرائڻ لاءِ اسان وٽِ شهر ۾ رهائيو ، ته جيئن سحر کي پڙھڻ ۾ ڪا رنڊڪ ، رڪاوٽَ ڪا تڪليف نه ٿي ، بابا ڊاڪٽر هو ، بابا کي به اسان ٻه ٻار هئاسين ، مان ۽ آصف ، ” سحر! اسانجي گهر اچي ڄڻ ته اسانجي ڀيڻ بڻجي پئي هئي ،
ڦڦاٽُ غلام ! سحر سان پيءُ ماءُ جو پيار ڏسي ، محبت ڀريو وهنوار ڏسي ، سدائين پيو سڙندو هو ، پيءُ ۽ ماءُ جي دعا سان سحر انٽر پاس ڪري ورتي هاڻ هن جو شوق هو ته هوءَ ڊاڪٽري پڙھي ، !!؟
تنهن ڪري هن پيءُ ماءُ کي چيو ته ، 
” هاڻُ مان ڊاڪٽري پڙهڻ ٿي چاهيان ، . . . !!؟“
ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي اجازت ڏني ته ” تون ڀل ڊاڪٽري پڙھُ ..!!“
پر غلام ! اچي ڪاوڙيو ، چئي ته ” هاڻ جي ڇوريءَ گهر کان ٻاهر قدم رکيو ته اڦٽ ڪندو سانس ، . . !!“
ڦڦڙ تنهن تي ڪاوڙ مان چيس ، ” مارَ پوئي ، نڀاڳا نياڻي ويچاري هڪڙي ڀيڻُ اٿئي ، تون تنهن معصوم نياڻيءَ کي اڦڦٽُ ڪندي ، خدا جي مارَ پوئي تون پاڻ ته پڙھين ڪانه ٻئي لي به پڙھڻ ڪا نه ٿو ڏئين . . . .!!“
غلام تنهن تي منهن سڄائي گهر کان ٻاهر هليو ويو ، ٻئي ڏينهن ڦڦڙ ُصبح جو سحر ! کي اسان وٽِ ڇڏي بابا کي هن جي داخلا جو چئي شام جو ڳوٺ هليو ويو ، 
”بابا ڪجھ ڏينهن کان پوءِ منهنجي سحر جي ۽ آصف جي هڪ ئي ڪاليج ۾ داخلا ڪرائي ڇڏي ،
وقت گذرندو رهيو ، سحر به دل لائي پڙھڻ شروع ڪيو ، هن پاڻ مڃائي استادن جي دل کٽي ورتي ، وقت گذرندو رهيو ، هن جي ذهانت جا چرچا ٿيندا رهيا ، ايئن هڪ ڏينهن غلام هن سان ملڻ ڪاليج آيو ، هن اچي سحر کي چيو ، ” سحر ! مان تنهنجي شادي سئوٽ اسلم سان طع ڪئي آهي ، تنهن ڪري تون هاڻي ڳوٺ هلي اچ ، . . .!! “
سحر غلام جي واتان شاديءَ جو ٻڌي پريشان ٿي وئي ، هن هٻڪندي کيس چيو ،
”ادا غلام ! هڪ ته مونکي فلحال شادي ناهين ڪرڻي ، ٻيو ته مونکي اهو رشتو ئي قبول ناهين جنهن ۾ منهنجي راءِ شامل نه آهي ، مونکي پڙھي ڊاڪٽر ٿيڻو آھي ، ۽ پوءِ ئي شاديءَ جو سوچيندس ، . . . !! “
”ڇوري تون ٻه اکر ڇا پڙھيي آهين ، مٿي تي چڙھي وئي آهين ، ٺيڪ آ تون ڏينهن اڌ ۾ ڳوٺ نه اچ ته مان توکي ٻڌائيندس ته تون ڪيئن ٿي ڊاڪٽر ٿئين ، ؟ 
تون اسان جي عزت خاڪ ۾ ملائي رهي آن ، تو ڳوٺ نه اچ مان توکي ڏسي رهندس ، . . .!!؟؟ “
ائين چئي غلام ته هليو ويو پر سحر کي پريشانيءَ جي آڙاھَ ۾ اڇلائي ويو ، هوءَ موٽي ڪلاس روم ۾ آئي ته ڏاڍي پريشان هئي ، ڏاڍي اداس هئي بي چين سوچن جي ساگر ۾ ٻڏي تري  رهي هئي ، هن جي ذهن ۾ عجيب سوچن اچي واسو ڪئيو هو ، 
عجيب و غريب سوچون هن جي اميدن سندي دنيا تنگ ڪري رهيون هئيون ، ۽ منهنجي بار بار پڇڻ تي هوءَ چوندي رهي ، ” ڪجھ به نه ماريه . .!! “ نيٺ ڪلاس ختم ٿيا ، اسان گهر پهتاسي ، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ اچي روئڻ لڳي ، مان هن جي پوئيا ، هن جي اها حالت ڏسي رهي نه سگهيس ، هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم ، هن جا ڳوڙھا اگهي حيران ٿيندي پڇو مانس ، . . .!!
”سحر ! آخر ڳالھ ڇا آھي ، تون روئين ڇوٿي . . . !!؟؟ “
تڏهن سحر روئيندي ، سڏڪا ڀريندي غلام واري روئيداد ٻڌائي ، سحر جي سڄي ڳالھ ٻڌي ، مان عجب ۾ پئجي وئي هئيس جو سحر سڏڪندي چيو هو ، 
” ماريه ! ڇا مان سنڌ جي ڄائي نه آهيان ، ؟ ڇا مان سنڌ امڙ جي ڪُک مان جنم نه ورتو آ .؟ ڇا سنڌوءَ جو پاڻي منهنجي خمير ۾ شامل نه آهي ، ؟ آخر مان ڪيتري تائين ظلم سهندي رهندس ، . .   !!؟؟؟
سحربگهڻ روئڻ ڪري سڏڪن کي ڳيتون ڏئي چيو هو ،
” ماريه ! ڇا منهنجا خواب ، جذبا ، احساس ، خواهشون ، ڪا معنيٰ ، ڪا به اهميت نٿا رکن ، ؟ ڇا منهنجا جذبا ايئن ئي هر دؤر ۾ قتل ٿيندا رهندا ، ريتن ، رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا ،؟ ڇا مان ايئن ئي هر دؤر ۾ ميرن ، پيرن جي هٿان ڪوٽن ۾ قيد ٿيندس يان ماري ويندس

No comments:

Post a Comment