Sunday, April 30, 2017

ساقي ارشاد لورڙ جا ٻه نڪور غزل

غزل______

اسانجي آستاني تي هلي آ يار هڪ واري ،
محبت جي مئخاني تي هلي آ يار هڪ واري ،

نڀائي روح جا رشتا ، کڻي هٿڙن ۾ گلدستا ،
ڪري ٽوڪو زماني تي هلي آ يار هڪ واري ،

پڙھڻ دردن سندا دفتر ، دلي دلدار اڄُ دلبر ،
اداسي آشياني تي هلي آ يار هڪ واري ،

چوي ٿو چاھ َسان ”ساقي“ وڏي ويساھَ سان ”ساقي“
منهنجي ويڙھي ويراني تي هلي آ يار هڪ واري ،
 غزل______

ناراض نگهاهن سان ڇو يار نهارين ٿو ،
نفرت جون ڪري ڳالهيون رت نير روئارين ٿو ،

محبت جي مٺا بدلي ،نفرت جي عطاعت سان،
بي ڏوھُ ڏئي ڏکڙا ، بي موت ڇو مارين ٿو ،

انصاف خدا وٽ آ ، انصاف ڪندين تو ڇا ،
حيوان جيئان هر پل ڪو ڌيان نه ڌارين ٿو ،

مجبور ڏسي مونکي ، مغرور سفا ٿيندي ،
دلدار ڏئي دڙڪا ، ڇو در تان ڌڪارين ٿو ،

محفل ۾ ڏئي مهڻا ، سر عام سڄڻ سهڻا ،
لک وار ڪري دل تي ڳڻتين ۾ ڇو ڳارين ٿو ،

”ساقي“ کي سدا تنهنجي سڪ سار ستائي ٿي ،
پر پاڻ پٿر دل تون ڪنهن پل به نه سارين ٿو ،

Saturday, April 22, 2017

غزل _____ساقي ارشاد لورڙ____ تو وساريو سار ساري ٿي مونکي .

غزل ----------ساقي ارشاد لورڙ

تو وساريو سار ساري ٿي مونکي ،
سانت ۾ ڀي تات تاري ٿي مونکي ،

منتظر آهيان ڪڏهن ايندو ملڻ ،
آس آهي جا جيئاري ٿي مونکي ،

تون نه کل تنهنجي ڪنواري مرڪ ٿي،
پل جيئاري پل ۾ ماري ٿي مونکي ،

ڌار ٿي آهي جڏهن کان دلربان ،
نير هاري ۽ پڪاري ٿي مونکي ،

گذري توبن تات ۾ هر رات آ ،
تات جا ڳاري ۽ ٻاري ٿي مونکي ،

هيءَ گهڙي آ خوب ”ساقي“ يادگار،
جام هٿ سان پيئاري ٿي مونکي ،
___________*********____________

Monday, March 27, 2017

سعيد حاوي جا سهڻا غزل

غزل
روح روان ٿو رهي ڪاروان ٿو رهي.
جستجو ٿي رهي، ڪونشان ٿو رهي.

حال مجذوب آ، خيال محبوب آ.
بيخود ي ٿي رهي، ڪوبيان ٿو رهي.

محڪمو ڪونه آ، جو ڪري فيصلو.
منهنجي دل ۾هي ڪهڙو جهان ٿو رهي.

هو قصو ڀي ڪراڙو ويو ٿي مگر.
درد تنهن جو اڃان ڀي جوان ٿو رهي.

درد آ درد جي دوا ڪانهي.
تو ڪئي دلربا وفا ڪانهي.

تو ڪئي بد دعا ڪڏهن اهڙي.
ٺيڪ مونکي ڪري دعا ڪانهي.

نيڻ هي ڌنڌ ۾ ويا رلجي.
مون اڳيان تو سوا ضيا ڪانهي.

ڀل اچي چير هي جيئڙو منهنجو.
پاڻ ۾ ڪا رکي دغا ڪانهي ،

غزل

مان رات جو توسا ن هيس.
هر رات کان بهتر هئي.

تنهنجي بنا سار ي حيات.
مونکي لڳي بدتر هئي.

هر مر ڪ ئي تنهنجي مٺي.
سڀ سونهن کان سندر هئي.

جا راه آ توکا ن جدا.
ها راه سا ڪمتر هئي.

غزل

ويه ويجھو اچي فاصلو ٿي پري،
دل منجھان درد جو قافلو ٿي پري.

ماٺ ۾ مون ڏٺو آشيانو سڄيو،؟
مل اچي ماٺ جو سلسلو ٿي پري.

دل بـ ڌرتيءَ جيان زور سان ٿي ڌڏي،
تون ڏئين قرب !هي زلزلو ٿي پري.

آرزو، دوريون!هر مهل جو گمان،
ها ذهن مان اهو!؟ ٿرٿلو ٿي پري.

غزل

نـه ڪنهن آس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري،
نـ وشواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سويرو سڄيو سوچيو ڌنڌ ۾،
نه احساس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

نه مندر،نه گرجا،نـه مسجد هتي،
نـه ڪنهن داس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

سڄي رات جگنو اڏيو گل مٿان،
لڳو واس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

شهر هي سڄو ٻاٽ ۾ گم رهيو،
ڇو بنواس جو ٿو ڏيئو اڄ ٻري.

غزل

هو نشو ايترو فضائن ۾ اڄ،
هوش غافل ٿيو گھٽائن ۾ اڄ.

مان بـ ڪسجان پيو تڏهن ئي سائين،
تنهنجي مقتل ڏٺو نگاهن ۾ اڄ.

مان بـ بت پوڄيو خدا سمجھي آ،
ڪنهن جبل جي وڃين غفائن ۾ اڄ.

سوچ ڪافر ٿئي! ڏسون توکي ٿا،
تنهنجي آهي نشو ادائن ۾ اڄ.

ساهه سولو کڻي سگھي ڪوئي نٿو،
آهي آ لودگي هوائن ۾ اڄ.

غزل

شهر اوها جي بهار هوندو،
اسانکي ليڪن خمار هوندو.

سکن ۾ سڀ ڪو ڏکن ۾ ڏسجو
ڪڏهن بـ ڪوئي نـ يار هوندو.

سڀئي اسانجا تـ خواب گروي،
رکيو ويو ڪو تـ بار هوندو.

اجائي ناهي اداس دل ٿي،
ڪوئي نـ ڪوئي غبار هوندو.

غزل

پيار جي هر گھڙي همسفر ٿي وئي،
زندگي هي تڏهن مختصر ٿي وئي.

ڇو نـ ڄاتو اسان هن نگاهن کي هو،
ها ! ڏسي عمر هي دربدر ٿي وئي.

اڳ نـ اهڙي ڪڏهن مون ڏٺي ڪا ادا،
هي حياتي سڄي! بي خبر ٿي وئي.

درد جي آ دوا مرڪ تنهنجي مٺي،
ٻي دوا ! آ سڄي بي اثر ٿي وئي.

تو وساري ڇڏي هڪڙي منهنجي خطا،
سا خطا ڀل منجھان ياد ڪر ٿي وئي.

غزل

لوڪ کي تڪليف آ!ناهي شفا هتڙي ملي،
درد آ پر درد جي ناهي دوا هتڙي ملي.

سور جي صورت انوکي آ ڏٺي من ۾ گھڻي،
درد ۾ آيو مزو جو ڪا جفا هتڙي ملي.

پيار جي تصوير ۾ مان رنگ فطرت جا ڀريا،
سونهن کي صورت اها ۽ ڪا بقا هتڙي ملي.

ڀاڳ آ اهڙو مليو جو ڀيد هي دل ۾ دفن،
ڪنهن لبن جي جا بجا ڪا دعا هتڙي ملي.

پيار کي پنهنجو ڪيون يا اڄ کڻي دل مان ڪڍون،
هي مزاجي شوق جي آهي صفا هتڙي ملي .

غزل

ڪنھن ڏنو گھاءُ! گَھِرو آ.وقت! پڇتاءُ گَھِرو آ.
مان ڀلائي اڃان ناھي،سا چمي ـ ساءُ گَھِرو آ.

ڪٿ پڳو يار آھيان مان،ھن ھنيو داءُ گَھِرو آ.
مان ٻڏي ڪونه نڪتس جو،عشق ُ! درياءُ گَھِرو آ.

تون ٿڌي برفَ جھڙي آن،مَنَّ! مون تاءُ گَھِرو آ.
چو طرف ڌنڌ ڪوھيڙو،ٿو لڳي واءُ! گَھِرو آ

غزل

ناڪام ڪوششن جا، احوال پڇ نه مونکان،
بدنام تھمتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھر حال مون نڀايو، پر ڪونه آ وفا ٿي،
الزام آفتن جا، احوال پڇ نه مونکان.

ڪو نانءُ ڪونه ملندو ھن پيار کي به ڪاٿي،
بي نام چاھتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ڪو ڏينھن ڪونه منھنجو، ڪا رات ٿي نه منھنجي،
ڪنهن شام راحتن جا احوال پڇ نه مونکان.

ھن راھ کان جدا آ، ھر راھ ڳوٺ تنهنجي،
ھر گام دشمنن جا احوال پڇ نه مونکان.

غزل

ھي دل لڳي ھي دلبري، منھنجي وفا چيڀاٽبي.
تو زور آ دل تي رکيو، دل جي صداچيڀاٽبي.

ڪومل بدن تنھنجو چري، ڪومائجي ويندو ڪڏھن.
ھر روز جو نخرو نئون، ڪافر ادا چيڀاٽبي.

تبديل ٿي ويندا سڀئي، ماڻهو جڏهن ھن دورجا،
جنهن وٽ بچي جيڪا سخا، سڀ جي سخا چيڀاٽبي.

ھن چپ چپن تي جو رکيا، ڄڻ ساھ ۾ ڪو ساھ ھو.
من ۾ لھي رڪجي وئي، اڄ سا ھوا چيڀاٽبي.

پنهنجي عمل جي ھر تقاضا لوڪ ھي ڏيندو ھلي،
ٿي ھي فنا دنيا جڏهن، منھنجا خدا چيڀاٽبي.

غزل

زندگي اڄ داوَ ھڪڙي واربي،
جي کٽي مون راند پو ڀي ھاربي.

ھو ويو موٽي نه سگھيو آ اڃان،
ڇا اڪيلي زندگي ھيءَ گھاربي.

سا نه موٽي ٿي سگھي گذري گھڙي،
جا وساري ڀي نه سگھبي ساربي.

دشمني مون پاڻ سان ڪئي آ وڏي،
اڄ وري سا باھ دلبر ٻاربي.

Sunday, March 26, 2017

موتن جي مالهائن جهڙو شاعر عجب شيخ

ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺷﻴﺦ ﻻڙڪﺎڻﻮ ۾ ﻣﻮﺗﻴﻦ
ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻦ ﺟﻬڙﻭ ﺷﺎﻋﺮ )ﻋﺠﺐ
)ﺷﻴﺦ
، ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺁﺑﻴﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ
۽ ﺷﺎﻋﺮ ﮐﻱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﻬڻﻲ
ﻣﺎﻟڪ ﺟﻲ ﺳﻬڻﻲ ﻋﻄﺎ ،ڏﺍﺕ
ﺟﻲ ﻧﺎﻥء ۾ ﻋﻈﻴﻢ ﺗﺤﻔﻮ ،ﺷﺎﻋﺮ
ﻣﺤﺒﺘﻦ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺮ ﻫﺠﻦ ٿﺎ ،۽
ﻧﻔﺮﺗﻦ ﮐﺍﻥ ﺑﺎﻏﻲ ،ﺕﭙﻧﺪڙ ﻭﺍﺭﻱ
ﺟﻲ ﺕﭙﺵ ! ﻣﺤﺒﺖ ﻳﺎ
ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ڀﻴٽ ۾
، ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ
ﺑﻐﺎﻭﺕ ﺩﻝ ۽ ﺭﻭﺡ ﺋﻲ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍ
ﺁﻫﻦ ،ﺫﻫﻦ ۽ ﺯﺑﺎﻥ ﺋﻲ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻱ
ﺁﻫﻲ ،ﭘﺭ ﻗﻠﻢ ﺑﻪ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻃﻮﺑﻦ ﮐﺍﻥ ،ﻣﻴﺰﺍﺋﻴﻠﻦ،
ﮐﺍﻥ ،ﻣﺎڻﻬﻮ ﻣﺎﺭ ﺑﻨﺪﻭﻗﻦ ﮐﺍﻥ
ﻗﻠﻢ ﺟﻮ ﻫٿﻴﺎﺭ ،ﺯﺑﺮﻭ ﻫﺠﻲ،
ٿﻮ ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺩﻧﻴﺎﻭﻱ ﺩﺭﺱ
ﺳﺒﻖ ﺁﻣﻴﺰ ﺟﻤﻼ ، ڏﺍﺕ ۽ ڏﺍﻥء،
ﺟﻲ ڏﺳﻴﻞ ﻭﺍٽﻦ ﺟﺎ ﻧﻮﺍﻥ ﻧﻮﺍﻥ
ﮔﺱ ۽ ﺭﻭﺷﻦ ﺭﻭﺷﻦ ﺭﺍﻫﻮﻥ
ﻣﻠﻦ ٿﻴﻮﻥ ،۽ ﺟﻨﺖ ﺟﻬڙﻱ
ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻮ ﻫڪ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ
ﺧﻮﺍﺏ ﺟڙﻱ ٿﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺍﻥ ﮐﻱ
ﻫڪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾
ڏﻱﮑﺍﺭﻥ ٿﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺣﻘﻴﻘﺖ
۾ ﺁڻڻ ﻻء ﺷﺎﻋﺮ ڪﻴﺘﺮﻱ ﻧﻪ
ﺭﺕ ﻭﻟﻮڙﻱ ٿﻮ ،ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ
ﻣﺎﻥ ﮔﺫﺭﻱ ٿﻮ ۽ ﺷﻌﺮﻥ ۾
، ﭘﻧﻬﻨﺠﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﻱ ٿﻮ
ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﻻء ﺧﺎﻧڻ ﭼﻧﺠڻﻲ
ﭼﻳﻮ ﻫﻮ ﻫﺠﺌﻲ ﻧﺎڻﻮ ﺗﻪ ﮔﻫﻢ
ﻻڙڪﺎڻﻮ ،ﺍﻥ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ڀﺮ ۾
ﺧﺎﻣﻮﺵ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺷﻴﺦ ﭘﺍڙﻱ ۾
ڪﻮ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﺎ ﭘڙﺍڏﺍ ﻫﻮﺍ ۾ ﺍڏﺍﺭﻱ
ٿﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ڳﻮٺ ﻭﺍﺭﺍ ﺗﻪ
ﻋﻠﻲ ڏﻧﻮ ﭘٽ ﻣﻮﻻ ﺑﺨﺶ ﺳﺎﻥ
ﺳڃﺎڻﻦ ٿﺎ ﭘﺭ ﺍﻫﻮ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﻻء
ﻋﺠﺐ ﺷﻴﺦ ﺁﻫﻲ ،۽ ﺍﻥ ﻧﺎﻥء
ﺳﺎﻥ ﺋﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺳڃﺎﺗﻮ
ﻭڃﻲ ٿﻮ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺗﻪ
ﻏﺮﺑﺖ ﺟﻲ ۽ ﻣﺠﺒﻮﺭﻳﻦ ﺟﻲ
، ﺳﺒﺐ ڪﺮﻱ ﻣﻴٽﺮڪ ﺁﻫﻲ
ﭘﺭ ﻫﻮ ﺧﺪﺍﺩﺍﺩ ﺻﻼﺣﻴﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﭘڻ
ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ ، ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ۽
ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻡ ﺍڄ ﺟﻲ ڊﮔﺭﻳﻦ
، ﻣﺎڻڻ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﻱ ﺑﻪ ﻧٿﻲ ﻣﻠﻲ
ﻋﺎﻗﻞ ﺁﮔﺍڻﻲ ﺟﻲ ﺷﻬڪﺎﺭ
ﻫﺴﺘﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻴﻤڻ ۽ ﻧﺜﺎﺭ
ﺑﺰﻣﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺭﺩﻱ ۾ ﭘﭽﻱ
ﻧڪﺘﻞ ﻫﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺍﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﺍﺭﺱ
ﺁﻫﻲ ،ﺟﻴڪﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ
ﺷﺎﻋﺮ ﮐﻱ ﻣﻠﻲ ﻭڃﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻱ
ﺳﻮﻥ ڪﺮﻱ ڇڏﻱ ،ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ
ﺟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﻋﺠﺐ ﻧﺎﻟﻮ ﺍﻳﺌﻦ ﺋﻲ
ڪﻮﻥ ﺭﮐﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪﻭ ،ﻫﻦ ۾ ڪﻮ
ﺗﻪ ﻋﺠﺐ ﺍﺳﺮﺍﺭ ڏ ٺﻮ
ﻫﻮﻧﺪﺍﺋﻮﻥ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺍﻓﻖ
ﮐﻱ ڇﻬڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ۾
ﺍڀﺮﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ،ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ
ﺳڄﻲ ﻭﺍﻳﻮ ﻣﻨڊﻝ ۾ ﻫڪ ﭘﺧﺘﻲ ۽
ﭘﺭ ﺍﺳﺮﺍﺭ ﭘڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﭼﻳﺦ ﺁﻫﻲ
ﺻﺪﺍ ﺁﻫﻲ ،ﺣﺴﺮﺗﻦ ﺟﻲ ﺍﭘٽﺎﺭ،
ﺁﻫﻲ ،ﻫﻮ ڇﺎﻫﻲ ،ڇﺎﻝﮑﻱ ٿﻮ
ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻧٿﻮ ڄﺎڻﻲ ،ﺍﻫﺎ،
ﻫﻦ ﮐﻱ ﺑﻪ ﺳڌ ﻧﺎﻫﻲ ،ﻫﻮ ﺗﻪ
ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﻋﺸﻖ ۾ﻡﮕﻥ ﺁﻫﻲ ۽
ﺑﺲ ڏﺍﺕ ﺟﻲ ﺁڇﻴﺮﻭﺍﺩ ﺳﺎﻥ ﻗﻠﻢ
ﮐﻱ ﭼﻭﺭﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ ٿﻮ ،۽
ﻣﻮﺗﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻮﻥ ﻧﻪ ڄﺎڻ
ڪﻴﺌﻦ ﻧﻪ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺗﻲ ﺳﺎﻥ
، ﺟڙﻧﺪﻳﻮﻥ ﺭﻫﻦ ٿﻴﻮﻥ
ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺍﻟﺤﻴﺪﺭﻱ ﺟﻲ ﺳٽﻦ
ﺟﻬڙﻳﻮﻥ ﺳٽﻮﻥ ﻫﻦ ﻝﮑﻳﻮﻥ
ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﮐﻱ ﺧﺒﺮ ﺑﻪ ﻧﻪ
، ﭘﺋﻲ
ڪﻨﻬﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺣڪﻢ ﻧﻪ
، ﻫﻠﻴﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺗﻲ
ﻧﻴﻨﻬﻦ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﻧﻴﺎﭘﻥ ﺗﻲ
، ﻫﻠﻴﺎ ﺁﻳﺎﺳﻴﻦ
ﻭﺍﻥﮕﺭ ۔۔۔۔۔ﭼﺋﻲ ٿﻮ ﺗﻪ ۔۔۔
ڪﻨﻬﻦ ﺗﻮﻥﮕﺭ ﺟﻲ ﺍڳﻴﺎﻥ
، ﻧﺎﻫﻴﺎﻥ ﺟﻬڪﻴﻮ
، ﭘﺍڻ ۾ ﺍﻫڙﻱ ﺍﻧﺎ ﺳﺎﻧڍﻱ ﺍٿﻢ
ﺩﻝ ﺁ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻫﺮ ﻡﮕﺭ ﻣﺤﺒﻮﺏ
، ﺟﻲ
، ﻳﺎﺩ ﺍﻥ ۾ ﺍﻱ ﺧﺪﺍ ﺳﺎﻧڍﻱ ﺍٿﻢ
ڳﺎﻟﻬﻪ ﻣﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﻲ ﮔﻫﺮ ﺟﻲ
ﭘﺍڙﻱ ﺟﻲ ﭘﺭ ﺟﺘﻲ ﻧﻔﺮﺕ ﺟﻮ
ﻧﺎﺳﻮﺭ ﻭڌﻳﻞ ﻫﺠﻲ ،ﺍﺗﻲ ﺣﻮﺻﻼ
ﺿﺮﻭﺭ ٽٽﻨﺪﺍ ۽ ڀﺮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ
ﻣﻦ ﺿﺮﻭﺭ ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ،
۽ ﺍﺩﺍﺳﺎﺋﻲ ﺳڄﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﮐﻱ
ﺳﻮڳﻮﺍﺭ ڪﺮﻱ ڇڏﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ
ﺍﺗﻲ ﻫڪ ﺯﻧﺪﻫﻪ ﺩﻝ ﺷﺎﻋﺮ،
، ﻫﻴﺌﻦ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
، ﭘﻳﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ﺭﻱء ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ
ﻣﻮﻫﻦ ﺟﺎ ﺁﺛﺎﺭ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﻭﻳڙﻫﻲ
، ۾
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڪﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ٿﻮ ﺗﻪ
ﺱﭽﻭ ﻋﺸﻖ ﻓﻨﺎ ٿﻲ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ
ﺱﭽﺍ ﭘﺭﻳﻤﻲ ﻫﻦ ﺟڳ ﻣﺎﻥ
ﻭﺻﺎﻝ ڪﺮﻱ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﻏﻠﻂ
ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﮐﻱ ﻏﻠﻂ ڪﺮڻ ﺟﻮ
ﺛﺒﻮﺕ ﻫﻴﺌﻦ ﭘﻳﺶ ڪﺮﻱ ٿﻮ ﺗﻪ
۔۔۔۔
ﻟﻴﻠﻰ ﻣﺠﻨﻮﻥ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻧﻬﻮ ﺟﻬڙﺍ
، ﻫﻦ
ﺯﻧﺪﻫﻪ ڪﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ
، ﻭﻳڙﻫﻲ ۾
ﻫڪ ﻏﺰﻝ ۾ ﺗﻪ ﻫﻴﺌﻦ ﺑﻪ ﻝﮑﻱ
ٿﻮ ﺗﻪ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﻝﮑﻧﺪڙ ڪﺎﺗﺐ
ﮐﻱ ﻓﺨﺮ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﭼﺋﻲ ٿﻮ ﺗﻪ
ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻮﻥ ڪﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻘﺪﻳﺮ
ﻝﮑﻳﻦ ٿﻮ ﺍﻳﺌﻦ ﻣﺎﻥ ﺑﻪ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ
، ﺗﻘﺪﻳﺮ ﻝﮑﻱ ﺍٿﻢ
ﺭﺍﺕ ﺍﻧڌﻳﺮﻱء ۾ ﺗﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ
، ﮔﻫﺮ ﺁﻥ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺟﺎﻧﺎﻥ
ﺗﻮﮐﻱ ڀﺎڪﺮ ﭘﺍﺋڻ ﻣﻮﻧﺘﻲ
، ﻭﺍﺟﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻥ ﭘﻧﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﺭﻭ ﺟﻴﻮﻥ
، ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻥء ﻝﮑﻳﻮ
ڇﺎ ﺍﺋﻴﻦ ڪﻮ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﺳﻨﺪﻱء ﺟﻮ
، ڪﺎﺗﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺩﻧﻴﺎ ﺩﻭﺯﺥ ﻟڳﻨﺪﻱ ﺁ ۽ ﺭﻭﺡ
، ڪﻨﺪﻭ ﺁ ﺭﻳﻬﻮﻥ
ﺩﻭﺭ ﺟڏﻫﻦ ﺩﻝ ﻭﺍﺭﻭ ڪﻮﺋﻲ
، ﺟﺎﻧﺐ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
ﺧﻮﺍﺑﻦ ﺟﻲ ﺗڪﻤﻴﻞ ۽ ﺳﺎڀﻴﺎﺋﻦ
ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ ﺑﻪ ڏﺳﻲ ٿﻮ ۽ ﺍﻥ
ﺟﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺧﺘﻢ
ٿﻴڻ ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ ﭘڻ ڏﺳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ
، ٿﻮ
، ﺣﺴﺮﺗﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﺎﻥ ۾ ﻣﻮﻻ
، ﺭﻭﺯ ﺟﻴﺌﺎﻥ ﻣﺮﺍﻥ ڀﻼ ڪﻴﺴﻴﻦ
، ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ ﺩﻭﺭ ﺁﻣﻮﻥ ﮐﺍﻥ
ﺧﻮﺍﺏ ﺍﻥ ﺟﺎ ڏﺳﺎﻥ
، ڀﻼڪﻴﺴﻴﻦ
، ﺩﺭﺩ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺎﺕ ﺟﺎ ﺳﺎﺭﺍ
ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﺎﻥ ﺳﻠﻴﺎﻥ ڀﻼ
، ڪﻴﺴﻴﻦ
ڪٿﻲ ڪٿﻲ ﺟﺎﻧﺪﺍﺭ ﺷﻴﻦ
ﺟﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ۽ ﺣﺮڪﺖ ﺗﻲ
ﻝﮑﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺭ ﻫڪ ﻧﺌﻴﻦ
ﺗﺸﺒﻴﻬﻪ ﻧﺌﻴﻦ ڳﺎﻟﻬﻪ ﭘﺧﺘﻮ ﺧﻴﺎﻝ
ﺩﻝ ﮐﻱ ڌڏﻳﻨﺪڙ ﺧﻴﺎﻝ ﺗﻪ ٽﺸﻮ
۾ ٿﺎڪ ﻭﺍﺭﻭ ڳﻮڙﻫﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻠﻮ
ﺗﻪ ﺍﺻﻞ ۾ ﺭﻭﺡ ۽ ﺟﺴﻢ ۾ ﻟﻬﻲ
ﻭﻳﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﻏﺰﻝ ﺟﻮﻥ ﭼﻭﻧڊ
ﺳٽﻮﻥ ﻫﻲ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ۔۔۔۔۔
ﺭﻭﺯ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺳﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﺭﻭﺯ
، ﭼڪﻨﺪﺍ ﭼﺍڪ ﻫﻦ
ﺭﻭﺯ ﻣﻠﻨﺪﺍ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟڙڪﻦ ﮐﻱ
، ٽﺸﻮ ۾ ٿﺎڪ ﻫﻦ
ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﻪ
، ﭘڇ ﺗﻮﻥ ﺣﺎﻝ ﺩﻝ
ﺍﺫﻳﺘﻦ ﺟﻲ ﺭﻭﺯ ﭘﻫﺮﻳﻨﺪﺍ ﻧﺌﻴﻦ
، ﭘﻭﺷﺎڪ ﻫﻦ
ڇڏ ﭘﭽﺭ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻭڃ
، ڳﻮٺ ڏﻱ ﻣﻮٽﻲ ﻋﺠﺐ
ڇﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ ﺍﻳﺎڻﻮ ٻﻴﺎ
، ﺳڀﺌﻲ ﭼﺍﻻڪ ﻫﻦ
ﺳﻨﺴﺎﺭ ﮐﺍﻥ ﻣﺎﻳﻮﺳﻲ ۽ ﺣﻴﺎﺗﻲ
ﮐﻱ ڏﮐﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ ﺑﻪ ڪﻴڏﻱ
، ﻧﻪ ﺳﻨﺪﺭ ﺳٽﻦ ۾ ڏﺋﻲ ٿﻮ
، ﮔﻫﺮﻳﻮﺳﻴﻦ ﺭﻭﻧﻘﻮﻥ ﻟﻴڪﻦ
، ڏﻧﻴﻮﻥ ﺳﻨﺴﺎﺭ ﻭﻳﺮﺍﻧﻴﻮﻥ
، ﮐﻟﻴﺎ ﻫﻲ ﻧﻴڻ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺍڳﻞ
، ڏ ٺﻴﻮﻥ ﭼﻭڌﺍﺭ ﻭﻳﺮﺍﻧﻴﻮﻥ
ﺍﻫڙﻭ ﻫڪڙﻭ ﺧﻴﺎﻝ ﻗﻠﻢ ﺑﻨﺪ
ڪﺮﻱ ٿﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ
، ﺭﻱﮕﺳﺘﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﻃﻮﻳﻞ ﺗﺮ ﺁﻫﻲ
۽ ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻱ
ﺱﮕﻫﻲ ٿﻮ ﺟﻮ ﺍﻥ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ
ﺑﺎﻫﻪ ﺗﻨﻮﺭ ﺟﻲ ﺑٺﻲ ﮐﺍﻥ ﺑﻪ
ﻭڌﻳڪ ﮔﺭﻡ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻴﺌﻦ
۔۔۔۔۔۔ﺗﻪ ۔۔۔۔
ﻳﺎﺩﮔﻳﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻪ ڀڙڪﻲ
، ٿﻲ
، ﺭﻭﺯ ﭘﭽﻧﺪﻭ ﺗﻨﻮﺭ ۾ ﺁﻫﻴﺎﻥ
، ﻳﺎ ﺧﺪﺍ ڏﻱ ﺍﻫﺎ ﻋﺠﺐ ﮐﻱ ﺟﺎ
، ﺳﻪﭗ ڏﺳﻨﺪﻭ ﻣﺰﻭﺭ ۾ ﺁﻫﻴﺎﻥ
ڪﻨﻬﻦ ﺍﺟﻨﺒﻲ ﻧﻬﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﻣﻮﻫﺠﻲ
ﻫﻲ ﺑﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ڳﻮﻻ ۾ ﮐﻭڙ
ﺧﺎﻧﻪ ﺑﺪﻭﺷﻴﻮﻥ ﺟﻬﺎڳﻲ ﭼڪﻮ
ﺁﻫﻲ ، ﺍﻻﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺘﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ
ﺍﻭﺭﺍﻥﮕﻫﻴﻮ ﺍٿﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﮑﻳﻦ
ﺟﺎ ﻭﻟﺮ ﺳﺮﺣﺪﻭﻥ ﭘﺍﺭ ڪﺮﻱ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺁﻭﺍﺭﺍ ﮔﻫﻤﻲ ﻓﺮﻱ ﻭﺍﭘﺱ ﻭﺭﻧﺪﺍ
ﺁﻫﻦ ،۔۔۔
، ﮐﻭڙ ﺧﺎﻧﺎ ﺑﻨﺪﻭﺷﻴﻮﻥ ﺍﺭﭘﻱ
، ﻭﺋﻲ ﺁ ﻫڪڙﻱ ﻧﻬﺎﺭ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺍڄ ﺑﻪ ﺟﻬﺎڳﻲ ﻣﺴﺎﻓﺘﻮﻥ ﻣﻮٽﻲ
،
، ﮔﻫﺮ ڪﺎ ﭘﮑڙﻳﻦ ﻗﻄﺎﺭ ﺁﻭﺍﺭﺍ
ﺟڏﻫﻦ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺟﻮ ﺧﻮﺍﺏ ﺭﻭﺑﺮﻭ
۽ ﺳﺎﺭ ۾ ﺑﻪ ﻣﻠڻ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ
ٺﻬﻨﺪﻭ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺩﻝ ڪﻴﺘﺮﻭ
ﺗڙﭘﻱ ﺍٿﻲ ٿﻲ ﺧﺪﺍ ﮐﺍﻥ ﺍﻥ
ﮔﻫڙﻱ ﺍﻫﺎ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﺷڪﺎﻳﺖ
ﻧڪﺮﻱ ﻭڃﻲ ٿﻲ ﺗﻪ ﻫﺎڻﻲ
ﺗڪﻠﻴﻔﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﺭ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻪﭗ
ﮐﺍﻥ ڳﺮﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﻫٽﺎء ﺗﻪ
ڪﻮ ﺱﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐڻﺎﻥ
۔۔۔۔۔
ﻧﻪ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﻣﻠﻮ ﭘﻳﺎ ﻧﻪ ﺭﻭﺑﺮﻭ ﻧﻪ
، ﺳﺎﺭ ۾
ﺣﺴﺎﺱ ﺩﻝ ﺁ ڀﻮڳﻴﻮ ،ﻃﻮﻳﻞ
,ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ۾
ﻫﻲ ڪﻬڙﻱ ڏﺋﻲ ﺣﻴﺎﺕ ﺗﻮ
، ﻣڪﻮ ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﺧﺪﺍ
ٿﻮ ﻭﻳڙﻫﺒﻮ ﻭڃﺎﻥ ﺭڳﻮ ﺋﻲ
، ﺫﻟﺘﻦ ﺟﻲ ڄﺎﺭ ۾
ﻭڻﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ،ﭘﻧﻦ ﺟﻲ
ﺟﻬڳٽﻦ ﺟﻮ ﻫﻮﺍ ۾ ڇﻴﺮﻥ ﺟﻴﺎﻥ
ڇﻤڪڻ ﺟﻲ ﺗﺸﺒﻴﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ
ڪﻴڏﻭ ﻧﻪ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺁﻫﻲ ،ﻫﻴﺎﻥء
ڏﺍﺭﻳﻨﺪڙ ﺳﺮ ۽ ﺳﺎﺯ ﻭﮐﻳﺮﻳﻨﺪڙ
ﺁﻫﻲ ﻫﻮﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﮐﻱﭽﻟﻦ ﺟﻮ
ﺗﺼﻮﺭ ،ڪﻴڏﻭ ﻧﻪ ﺳﻬڻﻮ ﺁﺭٽ
ﭼٽﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﺲ ڏﻳڻ ﮐﺍﻥ ﺑﻨﺎ
ﻧٿﻮ ﺭﻫﻲ ﺱﮕﻫﺠﻲ ،۔۔۔۔۔۔۔۔
ﻝﮑﻳﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺣﺴﻴﻨﺎ ٻﻪ ﻧﺎﻻ
، ﻭڻﻦ ﺗﻲ
ٿﻴﺎ ﺳﺎﻧﺠﻬﻪ ﻭﻳﻠﻲ

سعيد حاوي جا غزل ۽ گيت

سعيد حاوي نڪور گيت

نيڻ ملائي کلندي آھي،!.
گھگھري پائي گھمندي آھي،!.
من سان ميت ملائيندي آ!
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو!

موجِِي من ۾ ڪان لٿوڄڻ،
تڙ تي آ طوفان لٿو ڄڻ،
مانجھيءَ تي نقصان لٿو ڄڻ،
گھاگھر گيت ٻڌائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

پويان لوڪ سڄو لائي ٿي،
ڇا ديواني ھي چاھي ٿي،
ڌڻ ماڻهن جو ھي ڪاھي ڄڻ،
جانجھر جو ڇمڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الا ھو !

ھن جي اھڙي ريت الاھو ،
ھوءَ ٿي ڇيڙي گيت الاھو،
ھن ۾ سب جا ميت الاھو،
مند سڄي مھڪائيندي آ .
گوري منھنجي ڳوٺ الاھو !

غزل

ڪو ڏسي ٿو جڏهن، خواب چارن مٿان.
پير رکيا اچي راھه وارن مٿان.

ذلف تنهنجا کلي سا جا جڏهن واءُ ۾،
سونهن وڌنڌي وئي اڄ نظارن مٿان.

ھيءَ دنيا رھڻ جهڙي ناھي رهي،
ھلي ھلي گھر اڏيون اڄ ستارن مٿان.

ساھ سولو کڻي ئي نٿو مان سگھان،
ڌوڙ ڄميل رھي گھر جي جارن مٿان.

سنڌ جيجل جي جهوليءَ جياريو پئي،
جان صدقو. ڪيان پنھنجي پيارن مٿان.

غزل

ٿي پتڻ تي وار کولي، جلپري مھراڻ جي.
پئي! مھاڻا روز رولي، جلپري مھراڻ جي.

ناکئا ھر نانوَ تي گيت ٿا ھن جا ٻڌن،
ڄڻ دراوڙ ٻول ٻولي، جلپري مھراڻ جي.

عڪس موهن جا اٿس ۽آرياڻي ٿي لڳي،
ٿي رقاصا يار ڍولي، جلپري مھراڻ جي.

اڄ اداسيءَ. ۾ اچي ڪنھن ڪنڌيءَ جي پار کان،
روزٿي ڪجھ يار ڳولي، جلپري مھراڻجي.

سڀ سڀيتائون لکيون ھون ھن مٿان اڄ ٿو ڏسان،
ٿي نچي ڌرتيءَ جي گولي، جلپري مھراڻ جي.

ڪنھن ٿڌي اڄ پار ڏي آ وئي ھلي مونکي ڇڏي،
آ وڃائي گرم جهولي، جلپري مھراڻ جي ،

غزل

ھن کي منھنجو وڃين ڇو ٻڌايو نه ڪنهن،
ھو به رستي ۾ ھو پر ملايو نه ڪنھن.

پيار ۾ ٿا ٿڙي ٿاٻڙي جو ڪرون،
حوصلو دل چريءَ جو وڌايو نه ڪنھن.

ڪير آٿت ڏئي ھا ھيڏي ميڙ ۾،
درد دل جو اچي پر گھٽايو نه ڪنھن.

ٽھڪڙا ھا گھڻا دوستن سان اڳي،
وقت گذري ويو آ کلايو نه ڪنھن.

دوستن دشمنن جي ھيس درميان،''
يار افسوس جو آزمايو نه ڪنھن.

غزل

ٿيو ڪوئي جنم ناهي ،اڃان جيون اهو ئي آ.
اکين ۾ عاشقي آهي،لڳو جوڀن اهو ئي آ.

اچي ٿي روز تبديلي،هتان جي لوڪ ساري ۾،
گھڻي ڪوشش ڪئي ليڪن،اسانجو من اهو ئي آ.

رهي صديون روا آهي،ڇڻن جھڳٽا گلابن جا،
ڏسان ٿو مان هوائن ۾،اڏيو پن پن اهوئي آ.

اڃايل روح سيلاني ،پيو ڀٽڪي هتي هتڙي،
اڃيو سارو ڏسان ٿو هي،اندر ۾ بن اهو ئي آ.

ڪڏهن لفظن جا ڀالا هن،ڪڏهن تلوار نيڻن جي،
اسان هي روز سهندا هون،اسانجو تن اهو ئي آ.

Saturday, March 25, 2017

سعيد حاوي جا نڪور دوها

سعيد حاوي جا نڪور دوها

وڪڻا ويٺو بازارن ۾ ، سپنو ھي انمول.
ڪير نه ڄاڻي منھنجي من جو، ڪهڙو آھي مول.

روز اُکيلي دل جا ٽاڪا ، ڪري ويو ڪو ڇيد.
لڪي نه سگھندو ھاڻي من جو، ڪيئن نمايان ڀيد.

خوشيون وڪڻي درد ڪمايا ڪيڏا آھن يار.
درد ڪمايل مونسان کائن ، منھنجا مٺڙا ٻار.

روز وٺي ٿو واٽ اچان جا، کوٽڻ ويٺا کوهه.
ظاهر جا ھي مٺڙا ماڻھو، اندر جا ھي ٽوھہ.

سارو جڳ ھي ڪھڙو ڏيندو ، دلڙي دل کي دان.
سڀ جو سڀ ڪو انتريامي، ھر ڪو ھتڙي خان.

سانول تنهنجي ڀڳتيءَ ۾ ھي ، ڀڳت ٿيو بيمار.
من جو من سان پيچ وجھي ھي، ڀٽڪي ٿو لاچار.

جڳ ۾ آخر ڪيسيتائين، رھندو ھي انسان.
روز لٽي ٿو مال ٻين جو، ھينئڙو آ حيران.
ڀومي ڀاشا سڀ ڪجھ تنهنجو ، منھنجي من جا ميت.
مون ۾ منھنجو سڀ ڪجھ تون آن، ھار ھجي يا جيت.

ھرڪو ھتڙي خدا سڏائي، ٻانھو باقي ڪير،
خدا خدا ڪري نه ڪوئي ، ھر دل ۾ آ مير.

خالي خالي گھر اڱڻ ، مان ، جھرڪي ديوار.
يادون تنهنجون ٿيون ڏين، مٺڙِي ڪا ته ميار.

چاهت جون ڳالھيون چري، مونسان وِھي کول.
پاڻ ڏسي وٺ پاڻ ۾ ، روح مٺي نه رول.

چنتا مونکي چاهه جي، روز رھي ٿي يار.
پاڳل منهنجو من رنو ، سورن جا انبار.

سپنن جي ھن ديس ۾ ، ڪوڙو ھر انسان.
ھر ڪو پنھنجي پيار جو، ڪري پيو نقصان.

ٽاڻا ماڻا روز جا ! گوري گاءُ گئاٿُ.
مونسان روزانو رسين,ڪهڙو تنهنجوساٿُُ.

روزجهڪائي ٿو مٿو ,داتا هي دربانُ.
دنيا ۾ ڪهڙو ڀلا , توبن منهنجو شان.




سعيد حاوي جي شاعري

عيد حاوي جا نڪور دوها

وڪڻا ويٺو بازارن ۾ ، سپنو ھي انمول.
ڪير نه ڄاڻي منھنجي من جو، ڪهڙو آھي مول.

روز اُکيلي دل جا ٽاڪا ، ڪري ويو ڪو ڇيد.
لڪي نه سگھندو ھاڻي من جو، ڪيئن نمايان ڀيد.

خوشيون وڪڻي درد ڪمايا ڪيڏا آھن يار.
درد ڪمايل مونسان کائن ، منھنجا مٺڙا ٻار.

روز وٺي ٿو واٽ اچان جا، کوٽڻ ويٺا کوهه.
ظاهر جا ھي مٺڙا ماڻھو، اندر جا ھي ٽوھہ.