گل بهار باغائي
غزل
هٿن تي رنگ مينديءَ جو بدن تي لال ٿس جوڙو.
ڪٺي آ ڪالهه ڪاري ٿي لڳي ٿو ڏنڊ جو کوڙو.
حويلي هوڏ تي آهي زمانو زيردست پنهنجو،
ڇڪي رک ڇانوَ پنهنجي آ چري ڀل ڇيڪ پيو گهوڙو.
پڇي ٿي پيءُ کان ڇوڪر لٿي هن لاب اوڳڙ تي،
ڪڇي ٿي ڀت منجهان نهڪر ڏسي ٿو اڀ کي پوڙهو.
اگهاڙي عيب جي گهر ۾ ڦلو ٿو ڦر ڄڻي پنهنجا،
ونيءَ جي ٺوٺ ڳلڙن تي ڪري ٿو خودڪشي ڳوڙهو.
دکن جو دائمي گهرڙو غريبي عشق آ ان جو،
اميري اوڏڪي ڀت آ يا ڄاڱرين جو وڏو لوڙهو.
کٽي ٿي خواب کي جنَّت دلاسي جي دري بند آ،
فصل هن ڦوهه جوڀن جو پئي ٿو چرس جو روڙو.
هلي وئي هوند جي گهر ۾ يتيمي يار کان وڇڙي،
ڏسي ٿي ڪار هلنديءَ مان ڏئي منهن کي ڪنو موڙو،
هلا ٿئي حال ڀائي ٿي پڇي ٿو ذات ۽ نالو،
انڌو ٿم ياد جو ماضي صفا ٺپ حال ٿم ٻوڙو.
حقيقت خود خيالي جي ننڍي ڄڻ ڀيڻ ڀاسي ٿي،
لهي ٿي ننڊ نيڻن ۾ لڇي ٿو خواب جو دوڙو.
No comments:
Post a Comment